ٿر جو کاهوڙي ڪردار - فقير مقيم ڪنڀار دولت رام کتري ٿر جي راڄ ڀاڳ ۾ هن جو نالو ايترو مشهور هوندو هو جو پريان کان ايندي ماڻهو کيس سڃاڻي ويندا هئا ته ”فقير مقيم ڪنڀار“ پيو اچي. ٿر جي الستي ڪردار مقيم ڪنڀار کي ٿر جو اڪثر ماڻهو انهيءَ ڪري به سڃاڻندو هو ڇاڪاڻ جو هُن جي مزاج ۾ پنهنجائپ هئي. هو محبتون وکيريندڙ، ملنسار ماڻهو هو، جنهن هڪ ”ٿريي“ وانگر پنهنجي زندگي ڀرپور نموني گذاري. ٿر جي لوڪ ادب ۽ تاريخ جو ساکي هن فقير منش ماڻهو، پنهنجي زندگي ٿر جي ماڻهن جي خدمتگاري ۾ گذاري، هو ڪو فرشتو نه هو پر هُن جي الستي (کاهوڙي) ڪردار هُن کي سماجي اڳواڻ بڻايو. هُن فقير منش ماڻهو مقيم ڪنڀار جي وڇوڙي کي هڪ سال گذري ويو آهي، پر هُن جون يادون ذهن جي ڪينواس تي اڄ به تري رهيون آهن. خميسو ڪنڀار جي گهر ۾ جنم وٺندڙ مقيم ڪنڀار جو تعلق ٿر جي تاريخي ڳوٺ ”نهٽي“ سان هو. پنهنجي ٻارن جي بهترين تعليم ۽ پرورش لاءِ جڏهن هو مٺي لڏي آيو تڏهن انهي وقت ٿر جي صحافي ۽ ليکڪ ڪرشن شرما کيس جيءَ ۾ جايون ڏئي فقير سان روحاني رشتو جوڙيو. مٺي جي بازار ۾ دلا وڪڻي، بعد ۾ اسٽامپ وينڊري جو دڪان کولي پنهنجي ٻارن جي تعليم جو اونو رکندڙ هُن شخص پنهنجي محبتن جو محور ”ٿر“ کي بڻايو. ٿر جي هر اشو تي بردباري سان لکڻ ۽ ٿر جي هر اشو تي دليلن سان ڳالهائڻ، توڙي عملي جدوجهد ۾ هو هميشه اڳڀرو هوندو هو. 1980 واري ڏهاڪي دوران جڏهن هُن مٺي شهر کي مستقل رهائشگاه بڻائي، ته فقير ان وقت کان مختلف سياسي سماجي پليٽ فارمن تان ٿر جي اشوز تي عملي جدوجهد ڪرڻ شروع ڪئي، ٿر ۾ پاڻي جو مسئلو هجي يا ڪوئلي جو اشو هجي، هُن پنهنجي آواز کي بلند ڪيو ۽ ٿر جو ڪيس وڙهندو رهيو. هو مختلف وقتن تي ٿر ۾ ڪارونجھر ڊئم ٺاهڻ جا مطالبا ڪندو رهندو هو. مقيم جي وڇوڙي کان پوءِ سندس پُٽن پاران ڇپرائيل مقيم جي پهرين ڪتاب ”فقير“ ۾ مقيم ڪنڀار پنهنجي هڪ ڪالم (مضمون) ۾ لکيو آهي ته ”انگريزي جي زماني ۾ جڏهن سنڌ بمبئي سان گڏ هئي، اُن زماني ۾ ڪنٺي جا سمان ڍڳن جي واپار سانگي گجرات ويندا هئا ته گجراتي لوڪ چوندا هئا ته جي ڪارونجهر جو پاڻي ڪٺو ڪجي ته سمورو پارڪر آباد ٿي سگهي ٿو“ مقيم ڪنڀار انگن اکرن سان ۽ پنهنجي دليلن سان وقت جي حاڪمن کي اها ڳالهه سمجھائڻ جي ڪوشش ڪئي ته ڪارونجھر جو پاڻي گڏ ڪري ڊئم ٺاهي سگهجي ٿو پر افسوس جو مقيم جي هُن منصوبي کي ڪنهن به حڪومت عملي جامون پهرائڻ جي ڪوشش نه ڪئي. مقيم ٿر جي تاريخ جو نرالو ماڻهو هو، جيڪو ٿر جي لوڪ ادب تي به دسترس رکندڙ هو، ته هو ٿر جي تاريخ جو ڄاڻو به هو. سماج سان عشق ڪرڻ سان گڏ هو پنهنجي سياسي پارٽي سان وفادار ۽ سچو پچو ماڻهو هوندو هو ۽ آخري وقت تائين هو پنهنجي سياسي پارٽي سان ثابت قدم رهيو. مقيم ٿر ۾ رهي ٿر جي راڄ ڀاڳ واري سياست جو ڳوڙهو مطالعو ڪيو. ٿر جي نوجوانن کي هو اڪثر ڪيسوٻائي، روپلو ڪولهي ۽ سوڍن جي سورهٻائي جا قصا ٻڌائيندو هو ته ساڳي وقت هو پنهنجي هم عمر دوستن سان بحث مباحثا ڪندي نظر ايندو هو. چاچو سبحان سنگراسي، ملوڪ نهڙي، ڀورو مل ڪولهي، الهرکيو کوسو وقت جا اُهي دوست هوندا هئا جن سان مقيم اڪثر ڪچهريون ڪندي نظر ايندو هو. هي اهي دوست آهن جن فقير مقيم کي ويجهي کان ڏٺو ۽ پرکيو. فقير مقيم وٽ اڪثر دوستن جا ديرا ڄميل هوندا هئا. ڪچهري جو ڪوڏيو هي ماڻهو هميشه محفلن جو مور هوندو هو، ٿر جي ثقافت، لوڪ ادب ۽ ٿر جي سياسي صورتحال تي بحث مباحثا ڪندڙ فقير مقيم ڪڏهن ڪڏهن وڏا وڏا ٽهڪ ڏيئي کلندي نظر ايندو هو ته ڪڏهن ڪڏهن ٿر جي ڏکن ڏولارن جو ذڪر ڪندي هُن جون اکيون پاڻي سان ڀرجي اينديون هيون. هو سياسي ميڙاڪن توڙي سماجي پروگرامن ۾ سنڌ جي ڪنهن به اشو تي ڳالهائڻ دوران پنهنجو موقف چٽو ۽ واضع رکندو هو. هن وٽ تقرير ڪرڻ جو نرالو فن هوندو هئس، لفظن جي خوبصورت سٽاءَ ۽ نج سنڌي ٻولي جي لهجي ۾ جڏهن هو ڳالهائيندو هو ته پنڊال ۾ ويٺل ماڻهو خاموشي سان هُن کي ٻڌي داد ڏيندا هئا. مقيم ڪنڀار ڪارونجھر جي قتلام تي خاموش ڪو نه ويٺو، ٿر جي جهنگلي جيوت جي نسل ڪشي تي هن جو قلم جنبش ۾ آيو. ٿر ۾ ڪوئلي واري اشو کي ميڊيا تي آڻڻ ۽ انهي کي پذيراڻي ڏيارڻ ۾ مقيم جو هٿ هو. جڏهن سنڌ ۾ کوکرا پار مونا ٻائو جو بارڊر کلڻ جون خبرون ميڊيا تي آيون ته هن شخص جي دل باغ بهار ٿي وئي ۽ انهي وقت هن اخبارن ۾ ” کوکرا پار سرحد ۽ دلين کي ڌار ڪندڙ خاردار تارون“ جي عنوان سان مضمون لکي سنڌ واسين کي اهو پيغام ڏنو ته کوکرا پار مونو ٻائو بارڊر کلڻ سان وڇوڙي جا وڍ ختم ٿي سگهن ٿا، هند ۽ سنڌ جي ماڻهن کي پنهنجي اصلوڪن ڌرتي ڌڻين ۽ مٽن مائٽن سان ملڻ جو هڪ موقعيو فراهم ٿي سگهي ٿو. مقيم جي لکڻين ۾ هڪڙي سگهه هوندي هئي ۽ هو پنهنجي ڳالهه کي اهڙي نموني پيش ڪندو هو جو عام ماڻهو به هُن جي ڳالهين کي آساني سان سمجھي ويندو هو. مقيم جي وفات کان پوءِ سندس سپوت پٽن خليل ڪنڀار ۽ خالد ڪنڀار، فقير جي مضمونن تي مشتمل هڪ ڪتاب ڇپرائي مارڪيٽ ۾ آندو آهي، هن ڪتاب جو عنوان به ”فقير“ آهي، جنهن ۾ ٻه حصا آهن. هڪڙي حصي ۾ مقيم جا مضمون، انٽرويو ۽ خط شامل آهن ته ٻي حصي ۾ مقيم جي وفات جي مناسبت سان تعزيت نامو شامل آهي، جنهن ۾ مختلف دوستن جا مقيم تي لکيل مضمون شامل آهن. مقيم ڪنڀار جي هن ڪتاب ۾ گھڻا مضمون اهڙا به آهن جيڪي ٿر جي اشوز تي لکيل آهن. هن ڪتاب ۾ ڪارونجھر ڊئم ڇو نه، ٿر جا خواب ٿر جون حسرتون، ٿر نه ٿاني ڪو اڃان، ٿر جي لينڊگرانٽ پاليسي، ٿر ماضي ۽ هاڻوڪا ميمبر، ٿر ٿڌا ساهه کڻي ٿو، هي اهڙا مضمون آهن جن کي پڙهي تمام گھڻي معلومات حاصل ڪري سگھجي ٿي. هن ڪتاب ۾ فقير مقيم ڪنڀار پنهنجي لڻين ۾ ٿر جي مسئلن جي اُپٽار ڪئي آهي ته گڏوگڏ ٿري ماڻهن جي درد جي عڪاسي به ڪئي آهي. اڄ جڏهن مقيم ڪنڀار جي پهرين ورسي مٺي جي گڍي واري ڀٽ تي ملاهجي رهي آهي ته اسان کي تصور ۾ ائين محسوس ٿي رهيو آهي ته مٺي جي گڍي واري ڀٽ جي اوٽ ۾ مدفون سنڌ جي امر راڳي موهن ڀڳت کي سندس دوست مقيم ڪنڀار ائين چئي رهيو هجي ته ”ڏس موهن! اڄ تنهنجي شهر جا ماڙهو، مون کي محبت جا گل نڇاور ڪرڻ آيا آهن، پاڻ ته ٻئي پرلوڪ ۾ آهيون پر هي ماڙهو جيڪي پاڻ کي ياد ڪن ٿا ڄڻ انهن پاڻ کي امرتا بخشي آهي.“ مقيم ڪنڀار کي حقيقي خراج تحسين پيش ڪرڻ جو هڪڙو طريقو هي به آهي ته اسان هن جي اصولن ۽ آدرشن تي هلي هن جي آدرشي زندگي (اصولي زندگي) جي واٽ وٺون. هن ٿر جي ثقافت ۽ شاندار روايتن کي جيڪا مهانتا ڏني، انهن روايتن کي قائم رکون. هن ٿر ۾ شعور جي جيڪا لاٽ ٻاري هن کي هرگز اُجهامن نه ڏيون. هن ٿر جي اشوز تي جيڪا جدوجهد ڪئي، انهي آواز کي ماٺو ٿيڻ نه ڏيون. مقيم ڪنڀار وڏو آدرش انسان دوست هو. هن جو صوفياڻي مزاج ۾ انسان دوستي وارو ڪردار نظر ايندو هو. هن جي فقيري رنگ ۾ مذهبي رواداري ڀائپي نظر ايندي هئي. اچو ته اسان فقير جي انسان دوستي، مذهبي رواداري ۽ ڀائپي واري ڪردار کي اپنائي پنهنجي اصلوڪن ڌرتي ڌڻين جي وارثي ڪيون. مقيم جو ڪردار اسان نوجوانن لاءِ اتساهه جو سبب آهي، انهي ڪري هن ڪردار کي ياد ڪندي هن جي لکڻين مان اتساهه وٺي پنهنجي سنڌ ڌرتي سان حقيقي عشق جو اظهار ڪريون. مقيم ٿر جي مٽيءَ جو مڻيادار ماڻهو هو، جنهن پنهنجي سموري زندگي ٿر جي نالي ارپي پنهنجو پاڻ ملهايو. ٿر جي هن موجود صورتحال ۾ ٿر کي فقير جهڙن آدرشي ۽ کاهوڙي ڪردارن جي ضرورت آهي، جيڪي امن ۽ انسانيت جا علم بردار آهن. (روزاني عبرت حيدرآباد، جمع 17 مئي 2013ع)
فقير مُقيم ڪنڀار : سندس موڪلاڻي ارباب نيڪ محمد هاري ٻن قسمن جا هوندا هئا؛ جن وٽ پنهنجو جوڙو هوندو هو، تن کي ”جوڙي وارا“ هاري سڏبو هو. ٻيا اهي هر هاري، جيڪي پرائي جوڙي تي پوکي، راهي ۽ رک جا اهتمام سنڀاليندا هئا، تن کي”سرڙيو هاري“ سڏبو هو. اهي سيم راکا به هئا، ته ڪانگ تڙا پڻ .... مسڪين جهان خان کوسي مرهيات کان پوءِ ٿر جا قدآور سرڙيا هاري ٻه هئا؛ هڪڙو فقير ”مقيم“ ڪنڀار، جنهن خيرن سان اٺ ڏها هن ڏيهه جو واس ورتو ۽ ڪالهه ”جامِ اجل“ پي وڃي مسڪين جي ”ماڊل ٽائون“ ۾ سڪونت پذير ٿيو. ٻيو آهي چاچو نواز کوسو. هرک جو اڇي ٻوهه جهڙو پٽڪو، هرکي مينگهواڙ جي گهڙيل موجي جُتي، عقابي اکيون، جاڙا ڀرون، چاپئين ڏاڙهيءَ وارو لاکيڻي لوڏ سان ٽلندڙ ماڻهو، مٺيءَ جي گهٽين ۽ نهٽي جي ڀٽن تي چَلتو ڦرتو ڏسو، ته پڪ ڄاڻو، اهو پڪي مٽيءَ جو جُڙيل ڪنڀار هوندو ۽ جي نالو پڇندئو ته ”مقيم“ جو جواب ملندو ... هُن ڪنڀارن لاءِ ”ڪچي مٽيءَ“ جي لاحقي کي لاهي ڦٽو ڪرڻ ۾ پهل ڪئي... پر لکين رحمتون هجن رب سائينءَ جون خان صاحب محمد اسماعيل خان ”نون“ تي، جيڪو ڊپٽي ڪمشنر هوندي به فقير مقيم جهڙن سگهڙن لاءِ سدائين چشم براهه رهيو. ”نهٽو“ هاڪڙي درياهه جي عروج واري دور ۾ ”ڊراءِ پورٽ“ هو، جتي 900 هٽن تي مشتمل تڏهوڪي دُبئيءَ جي هاڪ ڏيهان ڏيهه مشهور هئي. مقيم جڏهن مُڇن وارو ٿيو ۽ مٿس بلوغت اوهيرا ڪري اُٺي، تڏهن ”نهٽو“ اسماعيل ”نون“ جي راڄڌاني شمار ٿيندو هو. نون سنڌ جو اهو ناميارو ڪامورو هو، جنهن ”لوڪ ادب“ جي سهيڙ ۾ ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ ۽ ٻيڙي فقير ڪنڀار جهڙن ”جوهرين“ کي موتين جي تلاش ۾ زادِ راهه جا اهتمام ڪري ڏيڻ دوران ڪليدي ڪردار ادا ڪيو هو. مقيم اهي سمورا لقاءَ، گهڻي ڀاڱي مشاهدي ۾ آندا ۽ رهيل احوال جمعي چنڊاڻي جڏهن خان صاحب وطن ڏانهن واڳ ورائيندو هو، تڏهن ”پڪي مٽيءَ“ کي پاڻ سان گڏ کٽ تي ويهاري کيس ”هم پي جو گذري“ وارا سماچار ٻڌائيندو هو. ”نهٽي“ جي قدامت تي علم جي درياهه عبدالله ورياهه کي ”را مٽيريل“ فراهم ڪندڙ مقيم کيس قائل ڪيو ته هو قديم سڪن جي علم جي ڊاڪٽريٽ ڪري. ٿيو ڇا جو ”مقيم“ ايترا گهڻا سارا سڪا آڻي ڏنس، جنهن کان متاثر ٿي ورياهه هن موضوع تي پي ايڇ ڊيءَ جو مقالو لکيو، جيڪو مڪمل ٿي چڪو هو. تاهم کيس ”ڊاڪٽر“ واري سند ملي ئي ملي، تنهن کان اڳ ”اجل الارم“ وڳو ۽ ورياهه به سرور نوح جي سنڌ جا واهوندا ۽ وتايا ڇڏي تههِ خاڪ جي تمنداريءَ سان سرفراز ٿيو. ”گودڙي“ مقيم جي لختِ جگر جو لکيل ڪتاب آهي. پٽس ”جوڳي“ سڏائي ٿو، جڏهن ته موڀي پٽ پوليس جهڙي ”پوتر“ کاتي ۾ رهندي به قادر الڪلام شاعر آهي. حليم باغي ۽ حسن درس جي ”تتبع“ تي خالد جيڪي تجربا ڪيا آهن، سي سون ۾ تورڻ جهڙا آهن. سرڙيو هاري، جڙن ۽ لاهيارن جا حسابن ۽ رهتن وارا کاتا گهٽ کولائيندو آهي. ٿر جي ڪنهن به موضوع تي ”مقيم“ هر وقت ”هائر“ ٿيندو هو. ڀاڙو ۽ پن جي ٻيڙيءَ واري عياشيءَ لاءِ، اسٽامپ وينڊريءَ مان ڪمايل کيسي جا پئسا ڪتب آڻيندو هو. اضافي خمار لاءِ کيس عيسن شاهه مست جا عقيدتمند ۽ ويريسال واري تڻيراج سنگهه جهڙا سوڍا بندوبست ڪري ڏيندا هئا. گذريل ”رُبع صديءَ“ کان ٿر کي عالمي نشرياتي ادارن تي ٻن ماڻهن متعارف ڪرايو، جنهن مان نُهٽي جو نواب ته پريم نگر جو پانڌي ٿي چڪو، باقي ننگر پارڪر جو نواب چاچو نواز کوسو به کٽ تي آهي. مسڪين جهان خان کوسي جا ٻه ئي رتن هئا، جن سامي ويريءَ جي چراغ کي گُل ٿيڻ نه ڏنو. ”مقيم“ وٽ الاهي ساريون سنسني خيز خبرون هونديون هيون. جڏهن ڳالهائيندو هو ته ”بريڪنگ نيوز“ هوندي هئي سندس هر ڪا گفتگو. ميونسپل مسافرخاني جو ميرپورخاص اسٽيشن لڳ موجود اهو ڪمرو به ڏيکاريائين، جتي 1930ع ڌاري هاري تحريڪ جو ابتدائي اجلاس ٿيو هو. سندس چواڻي ته جمشيد نسروانجي مهتا، حاتم علوي، سائين جي ايم سيد ۽ حيدر بخش جتوئي پارن کي هاري هلچل ڏانهن وٺي ايندڙ مصري ۽ خميسو هئا، جيڪي ڏهين ميل ۽ واگهڙيجي جي پاسي انبن جي جڳ مشهور زميندار عبدالصمد ڪاڇيلي جي علائقي ۾ هاري انجمنون قائم ڪري چڪا هئا، کين مولوي عبدالحق رباني، مولوي محمد اسماعيل لغاري ۽ حاجي محمود هالائيءَ پارن جي سرپرستيءَ حاصل هئي. ڪامريڊ غلام محمد لغاري ۽ ميوو خان ”موج“، مصري-خميسي موومينٽ جا قمرالزمان ڪائرا هئا. هارين جون سرگرميون رپورٽ ٿيون ته ڪراچيءَ وارا همراهه به متحرڪ ٿيا ۽ ميونسپل مسافرخاني ۾ ٿيندڙ پهرين ”هاري ڪانگريس“ جا آرگنائيزر خميسو- مصري هئا، نڪي ڪي ٻيا. مقيم گهر تڙ کي به ڪو نه وساريو. سندس اولاد جديد تعليم سان آراسته آهي ۽ آهي به مڇي مانيءَ وارو... سندس چوڻ هو ته، اها ڪامريڊي ڀانءِ ڪا نه پيم، جنهن ڏانهن شاعر هن طرح اشارو ڪري ويو آهي؛ هوئي اس قدر معزز، ڪه ڪڀي گهر ڪا منهن نهين ديکا، عمر گذري هوٽلون پر، مري جا ڪر هسپتالون مين.... ڏيڍ ٻه سال اڳ هن ”نهٽي“ لڳ ڀٽائيءَ جي ڪردار سان منسوب ”جکري جي ڀٽ“ تي ڀلوڙ قسم جو سيمينار ڪرايو هو، جنهن ۾ سنڌ اٿلي پئي هئي. ڪانڊيرن، ريٻارڻين ۽ اوڏن، ڪنڀارن تي حسن درس کان ويندي اشرف پليءَ تائين قديم، جديد ۽ وچولن شاعرن دل کولي بيت جوڙيا هئا. ”مقيم“ جڏهن هفتو اڳ بسترِ مرگ تي دراز ٿيو هو، تڏهن ”فرنٽ“ وڃي رائيونڊ پهتو هو. موصوف سنڌ نيشنل فرنٽ جو تاحيات ضلعي صدر رهيو ۽ سنڌ جي پڳ، لوئيءَ ۽ لڄ جي وقار کي قائم رکڻ لاءِ ”مورچي“ تان ڪو نه هَٽيو. سندس نعرو به نرالو هوندو هو. ”سنڌ سلامت- ايمان سلامت“ فقير مقيم ڪنڀار : شابس اٿئي موڪلائي به نه وئين!! فيض کوسو ان ڏينهن جڏهن آئون ڪي ٽي اين نيوز جي ”تاريخ“ پروگرام لاءِ نهٽي جي ماڳ جي رڪارڊنگ ڪرڻ ويو هوس، تڏهن فقير مقيم ڪنڀار ڪپڙن ۾ نه پئي ماپيو. فقير مقيم ڪنڀار جي شايد اها آخري خواهش هئي ته ڪنهن به طرح سان نهٽي جو ماڳ رڪارڊ ٿئي ۽ اها رڪارڊنگ هلي به ڪي ٽي اين نيوز جي پروگرام ”تاريخ“ ۾!! ان ماڳ جي رڪارڊنگ لاءِ فقير مقيم مون کي مٺيءَ ۾ ئي صلاحيو هو. ساڻس منهنجي پهرين ملاقات به مٺيءَ جي شهر ۾ ٿي هئي. انهن ڏينهن ۾ آئون ننگر پارڪر ۽ پاري نگر جي علائقن جي رڪارڊنگ ڪرڻ ويو هوس. فقير مقيم ڪنڀار انهن ٻنهي پروگرامن ۾ دل کولي ڳالهايو هو ۽ پنهنجي سريلي آواز ۽ ڄاڻ سان مون کي ايترو ته متاثر ڪيو هو، جو منهنجي دل پئي چاهيو هو ته هن ڪراڙي همراهه سان ويهي رڳو ڪچهريون ئي ڪجن ۽ کانئس سنڌ جي ٿر واري حصي بابت معلومات ڪٺي ڪجي. هڪ لحاظ سان هو ٿر جي معلومات جو ڀنڊار هو. آئون جڏهن نهٽي پهتس ته مون کيس گهر جي ٻاهران رستي تي انتظار ڪندي ڏٺو. هُو، هئو ته مڙهو مڙس پر سندس ڦڙتي، چاهه ۽ جذبي مان اهو هرگز محسوس نه ٿي ٿيو ته ڪو هن عمر جا 60 ڏهاڪا پورا ڪري ورتا آهن. ان ڏينهن به هو ٿورو بيمار هو، پر هن اسان کي هڪ لمحي لاءِ به بيماري جي لکا ڪا نه ڏني هئي. هو اسان سان نه رڳو نهٽي جي ماڳ تائين گڏجي هليو هو، پر آس پاس جا جيڪي به ماڳ مڪان هئا، سي به هن اسان کي ڏيکاريا هئا. هن جي اها به خواهش هئي ته ڪنهن نه ڪنهن طرح سان نهٽي جي نسبت ۾ مهر راڻي جي قبر به رڪارڊ ٿئي. ان پاسي روڊ ڪونه هو، ان ڪري اسان جي گاڏي اوڏانهن نه پئي وڃي سگهي، تنهن ڪري هن جيپ جو بندوبست ڪري ڏنو هو ته جيئن اسان اهو ماڳ به رڪارڊ ڪري سگهون. رات جو هن اسان سان ڏاڍي ڪچهري ڪئي ۽ ٿر جي روايتي کاڌن سان تواضع به. اهي جنوري 2011ع جا ابتدائي ڏهاڙا هئا. جنوريءَ جي ٿڌ جيتوڻيڪ ماڻهوءَ کي ڏڪايو پئي، پر فقير مقيم ڪنڀار ان ٿڌ جي به ڪا پرواهه نه پئي ڪئي. فقير مقيم ڪنڀار مون کي ان ڏينهن پنهنجي ڳوٺ وٽان لنگهندڙ رستي جي اڏاوت جو هڪ عجيب قصو به ٻڌايو هو، جيڪو مون کي اڄ تائين ياد آهي ۽ شايد سندس اهي گفتا مون کي سڄي زندگي وسري نه سگهن. فقير مقيم ڪنڀار سنجيده ڪچهريءَ دوران اوچتو مون کي مخاطب ٿيندي چيو. ”فيض! توهان اسان جي ڳوٺ وٽان لنگهندڙ رستي ۾ وَر (موڙ) ڏٺو آهي؟“ مون هائوڪار ڪئي ۽ سندس ان ڳالهه تي ڏاڍو حيران ٿيس ته هي ڪهڙي ڳالهه آهي، جيڪا فقير مقيم ڪنڀار سنجيده ڪچهري جي وچ پيو بيان ڪري..!! هن ٻڌائڻ شروع ڪيو ته اهو وَر ان ڪري رستي ۾ آيو آهي، جو جڏهن رستي جي ماپ ڪرڻ وارا آفيسر هتي آيا هئا، تڏهن هنن هتان سڌو رستو پئي ڪڍڻ چاهيو ۽ ان رستي جي وچ ۾ اهو ڪنڊي جو وڻ به پئي آيو، جنهن سان هتان جي ماڻهن کي ڏاڍو پيار آهي. هن ٻڌايو ته سندس دوست چاچي الهورائي خاصخيليءَ کي ان ڳالهه جي گهڻي پريشاني هئي ۽ هو روز پيو ماڻهن کي مهڻا ڏيندو هو ته توهان ڳوٺ وارا سڀ خاموش آهيو ۽ نيٺ اهو ڪنڊي جو وڻ به وڍجي ويندو. اها ڳالهه ڪندي فقير مقيم ڪنڀار ڏاڍو اداس ٿي پيو هو. هن ٻڌايو ته هڪ ڏينهن آئون کيکڙي ۾ چڙهي مٺيءَ لاءِ روانو پئي ٿيس ته الهورايو خاصخيلي کيکڙي ۾ چڙهي آيو ۽ چيائين ته اوهان پٽڪا ٻڌي ڀلي مٺي گهمو، وڻ آهي سو ڀلي وڍجي وڃي. فقير مقيم ڪنڀار ٻڌايو ته ان مهڻي مٿس ايترو ته اثر ڪيو، جو جيستائين ڪنڊي جي وڻ کي بچائڻ لاءِ رستي کي موڙ نه آيو، تيستائين هو به سک سان نه ويٺو هو. فقير مقيم ڪنڀار جي ان قصي جو ذڪر مون ”تاريخ“ پروگرام ۾ به ڪيو هو ته ڪڏهن سنڌ ۾ اهڙا ماڻهو به هئا، جيڪي هڪ وڻ کي بچائڻ لاءِ به پيا جدوجهد ڪندا هئا ۽ هاڻي سنڌ ۾ اهڙو وقت آيو آهي، جو وڻ ته ٺهيو پر ماڳهين ماڻهو ڌرتيءَ جا ٽڪرا وڍيو کڻيو پيا وڃن، پر ڪا پهر ڪانهي جو ان هاڃي خلاف اٿي کڙي ٿئي!! فقير مقيم ڪنڀار بنهه گهڻو محبتي ماڻهو ۽ سنڌ جو سچو عاشق هو. سندس گفتگو مان ئي سنڌ سان سچائي ۽ محبت پئي بکندي هئي. ان ڏينهن نهٽي ۾ جڏهن اسان کي رات پئجي ويئي هئي ته هو اسان کي سيءَ کان بچڻ لاءِ ويڙهي سيڙهي سمهڻ جي تاڪيد ڪري پاڻ گهر هليو ويو هو، تڏهن اسان کانئس موڪلائڻ بنا ئي نهٽي مان واپس حيدرآباد هليا آيا هئاسين. صبح جو اڃا منهنجي اک ئي ڪا نه کلي هئي، جو سندس فون آيو هو. ڏاڍي افسردگي، ڏک ۽ ملال سان چيائين، ”ادا شابس اٿئي، موڪلائي به نه وئين!!“ مون سوچيو هو ان بي ادبيءَ تي کانئس نهٽي وڃي معافي وٺندس پر....آئون پوءِ وٽس وڃي نه سگهيس ۽ نه ئي وري کانئس معافي ورتم. اڄ جڏهن اوچتو اوچتو اخبار ۾ سندس مرتئي جي خبر پڙهيم ته هانءُ ۾ وڍ پئجي ويا آهن، هي سٽون لکندي آئون به اداس ملول، افسرده ۽ ڏکارو آهيان ۽ اها ئي ميار کيس به ڏيڻ چاهيان ٿو ته: ادا شابس اٿئي، موڪلائي به نه وئين!! مقيم ڪنڀار : ٿر جي املهه ڪردار عباس کوسو اڄ الائي ڇو نه چاهيندي به اُن اُملهه ماڻهو کي مرحوم ٿو لکان، جيڪو نه رڳو منهنجي پارڪر جو عاشق هو پر پوري انسانيت سان ائين پيار ڪندو هو جيئن، ماءُ پنهنجي ٻارن سان ڪندي آهي. منهنجي هن سان پهرين ملاقات 92ع جي شروعاتي ڏينهن ۾ ٿي. جڏهن هو ڪجهه راتيون رهڻ ننگر پارڪر آيو هو ۽ مون سان صرف ان ڪري مليو هو ته ڪو آئون ڪجهه لکندو پڙهندو آهيان. اڇي مٿي سان، هي جهور پوڙهو، گولڊ فليڪ سگريٽ جا ڪش هڻندي، مون کي چئي رهيو هو ته؛ ”هن پارڪر جي پٽن ۽ ماڻهن لاءِ ڪجهه ڪريو. اوهان شهرن ۾ رهو ٿا، جتي جديد دنيا جون سهولتون آهن، ميڊيا جا وسيلا به آهن، ٿي سگهي ته ٿر وارن جو آواز ٿي رهو.“ سچ پڇو ته هن ڏونگر جيڏي ماڻهوءَ جي انهن ڳالهين ائين اندر ۾ ولوڙ وڌي ۽ هن پوڙهي سان اسان جو اهڙو رشتو جُڙيو جو آخر تائين به ڇڄي نه سگهيو. هُن سان ڪچهرين جو ايترو ته سگهارو سلسلو جاري ٿيو جو جڏهن به مٺيءَ ۾ اچڻ ٿيندو هو ته هن وشال دل جي مالڪ،منهنجي پارڪر جي پوڙهي عاشق وٽ، هلي وڃي اُن ديوي جي وڻ هيٺان، جتي هڪ پاسي ڪنڀارڪا ٿانوهڪ بئنچ رکيل هوندا هئا، ويهي رهاڻيون ڪبيون هيون. ٿر جي ماڻهن لاءِ پروگرام کڻي ڪٿي به هُجي، هي اڇي وڏي پٽڪي سان اچي پڄندو هو ۽ ٿر جو ڪيس، اهڙي انداز ۾ رکندو هو جو ٻُڌڻ وارا دنگ رهجي ويندا هئا. هتي آئون اُن پوڙهي محبوب، فقير مقيم ڪنڀر جون ڪجهه ساروڻيون لکندس. هڪ ڀيري آئون ڪنهن اخبار لاءِ اسٽوري ڪرڻ مٺي پهتس. اُن وقت مارئي جي ميلي تي وڏو بحث هوندو هو ته اُهو ڪٿي لڳي؟ ڀالوا، جيڪو مارئي جو ڳوٺ آهي، اُتي لڳڻ گهرجي يا مٺي ۾؟ مون اُها اسٽوري فائيل ڪئي. جڏهن اُها اخبار ۾ لڳي ته اُن وقت جي ڊي سي ميلو ته ڪينسل ڪري ڇڏيو. پر مقيم سائين ميلي کي ملتوي ڪرائيندڙن جا پيرا کڻي اچي حيدرآباد پهتو. حيدرآباد ۾ اسان دوستن گڏجي، مسڪين جهان خان کوسي جي ورسي ملهائي هئي. ان ۾ تقرير ڪندي چيائين ته؛ اڄ آئون هتي ان ڪري آيو آهيان جو اوهان ۾ ڪجهه ماڻهو آهن، انهن مارئي جو ميلو ملتوي ڪرايو آهي. مون کي چور ڏيو يا پيرا ڪڍي ڏيو! جڏهن تقرير ڪري هيٺ لٿو ته آئون سندس ڀر ۾ وڃي ويٺس ۽ کيس پيار ۾ چيم؛ ”سائين اوهان جا چور هٿيڪا آهن، پروگرام ختم ٿئي ته بلڪل پيش ٿا ڪيون.“ اُن بعد سڀئي منهنجي فليٽ تي آياسين. مون پاڻ کي سندس آڏو پيش ڪيو ته هي وٺو اوهان جو چور. مون کي ڳراٽڙي پائي چيائين ته؛ ”ننگراٽين سان ته منهنجو عشق آهي. گهُمناڻي وري منهنجا محبوب آهن.“ گهُمناڻي کوسن جو پاڙو آهي. گهمناڻي کوسن ۾ وري صمنداڻين يعني منهنجي ڏاڏي صمند خان جي گهر سان ڪهڙا حساب. سو پوري رات سڄي ڪچهري ھلندي رهي ۽ هن ڪارونجهر جيڏي دل جي مالڪ چيو ته؛ ”اوهان نوجوان آهيو، پُٽ! وارو ڪريو نه ته ٿر واڳن وات اچي ويندو.“ اسان جتي چئون ڪامريڊ هتي پهچڻو آهي، اتي ڪامريڊ هڪيو تڪيو حاضر هوندو هو. هفتي ۾ هڪڙو ڀيرو ته فون ضرور ڪري. هڪ ڀيري فون ڪيائين ته؛ ”يار اڄ ڏاڍو ياد آيو آهين، خبر ناهي ته منهنجي حياتي پوري پيئي ٿي ڇا سو ڀانئيم تو سان ڳالهايان ۽ پنهنجي اندر جو بار هلڪو ڪيان.“ سو سائين هي فقير ماڻهو اسان کي ائين ڀائيندو هو. تازو حيدرآباد علاج جي سلسلي ۾ آيل هيو. چيائين؛ ”اچ ته ڪچهري ڪريون! حياتي الائي ڪيتري آهي.“ پر ڏک صرف اهو اٿم ته هن درياهه دل ماڻهو جي هڪڙي خواهش پوري نه ڪري سگهيم. هميشه چوندو هو ته؛ ”مون کي ننگرپارڪر ۾ هڪڙي ننڍڙي جهوپڙي ٺهرائي ڏي ته حياتيءَ جا باقي ڏينهن، اُتي ويهي ڪٽيان. ڪارونجهر پهاڙ جي ويهي تپسيا ڪريان.“ آئون وري هر واري کيس چوندو هئس؛ ”ڪامريڊ! ايندڙ وزٽ ۾ پاڻ ننگر پارڪر هلنداسين.“ پر افسوس! کيس حياتيءَ ايتري مهلت نه ڏني. ڪجهه ڏينهن اڳ ۾ سندس نياڻي ۽ اسان جي ڀيڻ پٺاڻيءَ سان فيس بُڪ تي ڳالهه ٻولهه دوران چيو هئم ته؛ ”فقير سائينءَ کي اسان پارڪر وٺي وينداسين.“ پر اي موت! تو اسان جي ڇپر ۽ ڇانو، اسان کان کسي، اهڙي ديس هليو ويو آهين جتي ڪا به حاجت ناهي هلي سگهندي. خليل ڪنڀر، جيڪو مقيم جو پٽ آهي، اسان جو پيارو دوست آهي. ڪجهه ڏينهن اڳ ۾، مون پاران سندس پروگرام ۾ شريڪ نه ٿيڻ تي، ناراض ٿيو هو ۽ نه پيو ڳالهائي. فون ڪري چيومانس ته؛ ”مقيماڻين جي صمنداڻين سان ڪاوڙ ٺهي نٿي. اسان ڪاوڙجي ويهي نه ٿا سگهون.“ ڪالهه جڏهن مون کي خليل فون ڪري، وڏي اوڇنگار ڏيندي چيو ته؛ ”عباس! پاڻ کي جيڪو پرچائيندو هو. اُهو اڄ اسان کان موڪلائي هليو ويو آهي.“ سچ پچ ته ان خبر جيءُ جهوري وڌو. جيڪا الله جي رضا. پر ڪي ڪي موت، وڏا نقش ڇڏي ويندا آهن. آئون ٿو سمجهان، مقيم جي هن وڇوڙي، ڪارونجهر، وٽ، ڍٽ، مهراڻي ۽ سامروٽيءَ کي به جهوري وڌو آهي. خليل، خالد ۽ پٺاڻي، الله جي اها رضا آهي اُن تي ڪو به زور ناهي. صبر سان ڪامريڊ جي ڏسيل واٽ جا ڌڻي ٿجو.