ڀٽائيءَ جي شاعري ۾ سنڌ جي نجات ڳوليندڙ انور پيرزادو

'خبرون منهنجي سنڌ جون' فورم ۾ صادق سولنگي طرفان آندل موضوعَ ‏7 جنوري 2010۔

  1. صادق سولنگي

    صادق سولنگي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏5 مئي 2009
    تحريرون:
    14
    ورتل پسنديدگيون:
    1
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    سافٽويئر انجنيئر
    ماڳ:
    خيرپور ميرس (سنڌ پاڪستان) ۽ انڊونيشيا
    ڀٽائيءَ جي شاعري ۾ سنڌ جي نجات ڳوليندڙ انور پيرزادو


    سنڌ اڄ هڪ اهڙي شخص جي ورسي ملهائي رهي آهي، جيڪو عشق ۽ انقلاب جو امتزاج هو. ايئر هوسٽس سان عشق کيس هوائي فوج ۾ پائليٽ بڻايو، جڏهن ته انقلاب سان عشق سبب کيس انهيءَ نوڪريءَ تان هٿ ڌوئڻا پيا، جنهن سبب سنڌ کي اهڙو انور پيرزادو مليو، جنهن جي زندگي ۽ شخصيت جي هر شاخ ۾ فقط سنڌ ئي سنڌ هئي. هڪ لحاظ کان سندس هوائي فوج واري نوڪري ختم ٿيڻ کي آئون ان ڪري به سٺو سنئوڻ سمجهان ٿو، جو ان واقعي هڪ اهڙي انور کي جنم ڏنو، جنهن صحافتي ميدان ۾ پاڻ ملهايو، ته سنڌ جي قديم آثارن ۾ به دلچسپي ورتي، ادب ۽ شاعريءَ کي به هينئين سان هنڊايو ته پنهنجي علمي سگهه سان ڳوٺ ۽ علائقي ۾ علم جي روشني پکيڙي اونداهيءَ ۾ لاٽ ثابت ٿيو. سنڌوءَ جي ساڄي ڪناري موهن جي دڙي جي ڪُک ۾ قائم ڳوٺ ٻلهڙيجيءَ جي غريب گهراڻي ۾ جنم وٺندڙ انور پيرزادي ڀٽائيءَ جي نقش قدم تي هلڻ کي ئي پنهنجو نصب العين بڻايو. اهڙي ته خود دار شخصيت جو مالڪ هو، جو بيماريءَ جي بستري تي هئڻ باوجود سرڪار کي علاج جي اپيل ڪرڻ کي پنهنجي اصول جي خلاف ٿي سمجهيائين. هو اهڙي سنڌ ۽ انسان دوست شخصيت جو مالڪ به هو جو جتي به ظلم ۽ جبر يا ڪنهن سان زيادتي ٿيندي محسوس ڪيائين، ته قلم ذريعي ان کي نندي نشانبر ڪرڻ ڄڻ ته سندس رت ۾ شامل هو. وڻ جي ڇانورن هيٺان پڙهي ۽ ڪڙهي نڪتل انور تي ننڍي کنڊ جي ڏاهي ڪامريڊ سوڀي جي ڪچهرين ۽ محبت اهڙو ته اثر ڪيو، جو سنڌ کي محمد پريل المعروف انور پيرزادي جي نالي اهڙو ته انقلابي ۽ سنڌ دوست ماڻهو مليو، جنهن کي ٽي ورهيه وهامي وڃڻ باوجود نه ته سنڌ وساري سگهي آهي، نه ئي ڪڏهن وساري سگهندي. انور صاحب جو ڪردار ئي آهي جو اڄ ٻلهڙيجي ڏيهان ڏيهه مشهور آهي. هن ننڍڙي ڳوٺ کي ”لٽل ماسڪو“ جو مليل لقب به ڪو ڪميونسٽ پارٽي جي طفيل نه هو پر اهو لفظ ته تڏهوڪي اسسٽنٽ ڪمشنر لاڙڪاڻي ۽ هاڻوڪي رٽائرڊ سيڪريٽري گل محمد عمراڻي سان گڏ انفارميشن آفيسر قربان پيرزادي جي دعوت تي ٻلهڙيجي آيل بيراج مختيارڪار قربان بگٽي کان ڳوٺاڻن جي ڪچهريءَ ۾ بي ساخته طور نڪتو هو. هي 1976ع جو زمانو هو، جڏهن ڀٽي صاحب جي حڪومت اڃا ختم نه ٿي هئي. جنهن مختيارڪار کان اهي لفظ نڪتا سو جماعت اسلامي جو ڪميٽيڊ ڪارڪن هو، جڏهن ته ٻلهڙيجي ترقي پسند تحريڪ جو ٿاڪ هئي. سو چوڻ جو مطلب ته ٻلهڙيجيءَ جهڙي ڪچي جي پٺتي پيل ڳوٺ ۾ شعور جو فصل انور پيرزادي پوکيو. 1978ع ۾ شاهه لطيف جو ڏينهن ملهائي ڳوٺ ۾ سڄي سنڌ جي عقل و دانش ۽ کاٻي ڌر کي گڏ ڪرڻ توڙي 81، 1980ع ڌاري ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جي ورسيءَ جي موقعي تي ترقي پسندن کي ٻلهڙيجي ۾ هڪ هنڌ گڏ ڪرڻ جو ڪم انور ئي سرانجام ڏنو هو. انور ڀٽائيءَ جي راهه جو راهي هو. هن ڀٽائيءَ جي شاعري ۾ سنڌ جي نجات ۽ دردن جو درمان ڳولهي لڌو هو. هو چوندو هو ته سنڌ کي سمجهڻ لاءِ ڀٽائي کي سمجهڻ ضروري آهي. اهو ئي سبب آهي جو هو سيلاني بڻيو، جاتيءَ ۾ اوٺين سان ڪچهري هجي يا سنڌوءَ تي ٻيڙيون هلائيندڙ ملاحن سان تعلقات، يا جڏهن به ٿر وسيو، انور اتي پهتو. انور بابت سندس دوستن رفيقن ۽ ساٿين جا مختلف رايا آهن. ڪي چون ٿا ته بنيادي طور شاعر هو، ڪن جي راءِ آهي ته اديب هو، ڪي اينٿراپالاجسٽ طور کيس ياد ڪن ٿا. بلڪل اهي سموريون خوبيون سندس رت ۾ سمايل هيون.، پر آئون کيس سڀ کان پهريون سنڌ جو سرموڙ صحافي ٿو سمجهان ۽ بعد ۾ ٻيو ڪجهه. اڄ کيس وڇڙئي ٽي سال ٿي ويا آهن پر سنڌ اڄ به انور کي ياد ڪري ٿي.
    روزانو ڪاوش تان ورتل​
     
  2. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: ڀٽائيءَ جي شاعري ۾ سنڌ جي نجات ڳوليندڙ انور پيرزادو

    ڀائڙا صادق، سائين محترم انور کي ياد ڪري اکين ۾ آب ڀرجيو اچي، ايڏو سهڻو سٻاجهڙو شخص، جو جڏهن کلندو هو ته دل کولي ڇڏيندو هو، جڏهن ڀٽائيءَ تي ڳالهائيندو هو ته علم جا خزانا اوتيندو هو ۽ جڏهن سنڌ تي ڳالهائيندو هو ته لڳندو هو ته سندس غضب کان ڌاريا سنڌ خالي ڪري ويندا ...

    سعودي اچڻ کان اڳ مون ڪجه سال گلشن حديد ۾ گذاريا هئا ... سائين خالد مخدوم جي اوطاق ۽ انور پيرزادي سان رهاڻيون اتي ٿينديون هيون ... يا وري گلشن حديد جي پهاڙي سلسلي تي بيهي هيٺ ملير جي باغن ڏانهن نهاري سر مارئيءَ جا خفيف نقطا سمجهائيندو هو ... سانوڻي جي مينهن ۾ ٿر جو سير ڪري ايندو هو ته بس لطيف جا بيت ۽ سر سارنگ ايئن جهوگاريندو هو ڄڻ اجهو لطيف سندس اندر ۾ گهري ويو آهي ... پر هاءِ موت ... جو بر حق آهي حقيقت آهي ...

    اڄ نه اوطاقن ۾، طالب تنوارين،
    آديسي اٿي ويا، مڙهيون مون مارين،
    جي جيءَ کي جيارين، سي لاهوتي لڏي ويا ...

    سلام آهي سنڌ جي اهڙن ڄاون تي جي سنڌ امڙ جي سينڌ سنوارڻ واري ڪتاب ۾ پنهنجو نالو درج ڪرائي ويا آهن ...

    sindhsalamatsaathsal
     
  3. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: ڀٽائيءَ جي شاعري ۾ سنڌ جي نجات ڳوليندڙ انور پيرزادو

    بلڪل ادا بهترين ونڊ آهي۔۔
     
  4. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    جواب: ڀٽائيءَ جي شاعري ۾ سنڌ جي نجات ڳوليندڙ انور پيرزادو

    سائين تمام پياري شيرنگ آهي۔
     
  5. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: ڀٽائيءَ جي شاعري ۾ سنڌ جي نجات ڳوليندڙ انور پيرزادو

    ادا سائين توهان انور پيرزادي جي ياد ڏياري اسان جي اکين کي آلو ڪري ڇڏيو،

    منهنجو ڪافي عرصو پهريان ڳوٺ ٻلهڙيجي پنهنجي دوست نعيم پيرزادو جي گهر وڃڻ ٿيو اُتي پهتس ته مان ڏسي ڪري حيران ٿي ويس، ته هي هڪ ماڊل ڳوٺ، زندگي جي هر سهولت انهي ڳوٺ ۾ موجود، ۽ سڀ کان وڏي ڳالهه ته اُنهي ڳوٺ ۾ لائبريري به آهي، انور پيرزادو لائبريري، انور پيرزادو اسپتال،
    مان پنهنجي دوست کي چيم ته يار مونکي سائين انورپيرزادي جي مزار ته ڏيکار، پوءِ اسان ٻئي گڏجي ڳوٺ کان ٻاهر روانا ٿياسين، جيئن ئي ڳوٺ ۾ داخل ٿيندا آهيون ته سڀ کان پهريان قبرستان ايندو آهي، ۽ گڏ هڪ ڪنهن بزرگ جي درگاهه به آهي، انهي درگاهه جي داخلي دروازي جي سامهون وڻ جي هيٺيان سائين جي مزار مبارڪ آهي، پوءِ مون سائين جي حق ۾ دُعا گهري ڪري ٻاهر نڪتاسون ته منهنجو دوست مونکي چيو ته جڏهن سائين انورپيرزادو ڪينسر جي موضي مرض ۾ مبتلا ٿي ويا هئا ته بيماري جي حالت ۾ هڪ ڪتاب گهرايو جيڪو سائين جو پنهنجو لکيل آهي ۽ انهي ڪتاب جو نالو ڪينسر آهي، اهو پڙهندو وڃي ۽ روئندو وڃي.. افففففففففففففففففففففففففففففففففففففففففففف
    بس پوءِ ته ويچارو دوست به خاموش ٿي ويو.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو