ٽيپ سوليشن سان گهر جي سجاوٽ دنيا جي ماهر آرٽسٽ هونئن ته پنهنجي فن جي اظهار جي لاءِ انوکي انداز جو استعمال ڪندا آهن، پر جاپان ۾ هڪ آرٽسٽ ٽيپ سوليشن سان سڄي گهر کي سينگاري سنواري سڀني کي حيران ڪري ڇڏي. ڪيترن ئي ڏينهن جي محنت کان پوءِ هڪ پوري ٽيم گڏجي هن ڪشادي گهرجي چت ۽ فرش کي رنگا رنگي ٽيپيون اهڙي انداز ۾ چنبرايون جو انهن جو روپ ئي نئون ٿي پيو.
گهمندڙ ڦرندڙ موبائل گهر 2636 اٽيچمينٽ ڏسو برطانيه جي هڪ شخص اهڙو ننڍڙو موبائل گهر تيار ڪيو آهي جنهن کي هينڊلنگ ڪندي هر هنڌ گهمائي سگهجي ٿو، هي وين جهڙو گهر چئن فوٽن جو آهي، جنهن ۾ چئن ماڻهن جي ويهڻ جي گنجائش آهي، جڏهن هن ۾ هڪ سنڪ، ننڍرو پيڊ ۽ ٽيبل آساني سان رکي سگهجي ٿي. هن گهر کي ٺاهڻ ۾ ٻه هفتا لڳا جنهن تي هڪ هزار پائونڊ خرچ آهي.