ڪورُونا وائرس دنيا لاءِ هڪ نئون خطرو صحت واري عالمي اداري سارس سمان ملندڙ جلندڙ وائرس کي دنيا جي لاءِ هڪ نئون خطرو قرار ڏئي ڇڏيو آهي، صحت جي اداري موجب ڪورُونا وائرس هيئنر تائين 36- تصديق ٿيل ڪيس سامهون اچي چڪا آهن. هن عالمي اداري اهڙن تنبيهه فرانسيسي اختيارين پاران هن وائرس جو ٻيو ڪيس سامهون اچڻ بعد جاري ڪئي آهي. ٻڌايو وڃي ٿو ته ڪورُونا وائرس انسانن مان انسانن ۾ منتقل ٿي سگهي ٿي. هي وائرس سارس وائرس جهڙو آهي، هن جي علامتن ۾ ساهه کڻڻ جي سرشتي ۾ خرابي، بخار ۽ کنگھه شامل ڄاڻايون وڃن ٿيون. سارس وائرس به ساهه کڻڻ واري سرشتي کي مفلوج بڻائي ڇڏي ٿو. ڏهه سال اڳ سڄي دنيا ۾ سارس وائرس جي ڪري 800- ماڻهون مري ويا هئا. اڄ ڪلهه فرانسيسي انتظاميه عوامي سطح تي آگاهي لاءِ هڪ منصوبو شروع ڪيو آهي جنهن ۾ ڪورُونا وائرس بابت ڄاڻ ۽ ان کان بچاءَ جا اپاءَ ٻڌايا وڃن ٿا. گذريل سال ڪورُو نا جي نشاندهي ٿي هئي. هينئر تائين 34- ماڻهن ۾ ان جي موجودگي جي تصديق ڪئي وئي آهي.ڪورو ناجي مرض ۾ مبتلا 18-ماڻهو مري چڪا آهن، انهن منجھان گهڻن جو تعلق سعودي عرب سان آهي، سعودي اختيارين ٻڌايو آهي ته هينئر تائين سندن ملڪ جا 9-ماڻهو ڪورو نا وگھي موت جو شڪار ٿيا آهن، عالمي صحت واري اداري جي ڊائريڪٽر ڪي جي فاڪوڊا پنهنجي سعودي عرب واري دوري دوران چيو ته هن جون اڃا تائين ڪي ثابتيون نه مليون آهن ته هي وائرس ماڻهن ۾ پکڙجڻ جي صلاحيت رکي ٿو. تنهن هوندي به هُن، هن ڳالهه تيم، ڳڻتي ڏيکاري ته ڪورونا وائرس جو شڪار ماڻهن جو تعلق مختلف ملڪن سان آهي ان مان هي لڳي ٿو ته گهڻو ويجھو واسطو هجڻ ڪري ئي وائرس انسانن مان انسانن ۾ منتقل ٿي سگهي ٿو. محققن جو چوڻ آهي ته هي نئون وائرس بيٽ وائرس جي به ڪافي ويجھو آهي هي پتو لڳائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي وڃي ته هن وائرس جي پکڙجڻ جو سبب ڪٿي جانور ته ناهن، سائنسدانن جو چوڻ آهي ته هن امڪان تي به غور ڪيو پيو وڃي ته جن ٻنين ۾ جانورن جي ڇيڻن کي ڀاڻ طور ڪتب آندو پيو وڃي اتان پيدا ٿيندڙ ميوا ۽ سبزيون ڪٿي وائرس پکڙجڻ جوسبب ته نه ٿا بڻجن صحت واري عالمي اداري حڪومتن کي چيو آهي ته اهي ان سلسلي ۾ شعور بيدار ڪن ۽ نگراني جي عمل کي سخت بڻائين.