• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

وائيبر هاڻي سمارٽ فون سان گڏو گڏ ڪمپيوٽر لاءِ به...

رشيد سمون

Founder
انتظامي رڪن
منتظمِ اعلى
سمارٽ فون رکندڙ دوست مفت ڪالز ۽ ميسيجنگ سروس وائبر بابت ضرور ڄاڻندا هوندا۔۔ خوشي جي ڳالهه اها آهي ته هاڻي وائبر جي سروس ڪمپيوٽر استعمال ڪندڙن لاءِ موجود آهي۔۔
اسرائيلي ڪمپني وائيبر ميڊيا طرفان ڪجهه ڏينهن اڳ مشهور VoIP سروس اسڪائيپ جي مقابلي ۾ وائبر جي ڪمپيوٽر ايپليڪيشن متعارف ڪرائي ڇڏي آهي۔۔۔ ان سان وائبر استعمال ڪندڙ هاڻي رڳو سمارٽ فون تي ئي نه پر ڪمپيوٽر تي ويهي به پنهنجي دوستن سان ميسيجنگ ۽ آڊيو ڪالز ڪري سگهندا۔۔۔
ڪمپيوٽر سروس ان لحاظ کان به وڌيڪ بهتر آهي ته پاڪستان ۾ اڃان ٿري جي ٽيڪنالاجي لانچ نه ٿي آهي ۽ موبائيل ٽوجي جي ذريعي وائيس ڪال مان درست طور فائدو حاصل نه ٿي رهيو آهي۔۔۔

922711_565040173536825_1675298748_n.png


وائيبر جو ڪمپيوٽر ورجن به بلڪل موبائيل وانگر ئي ڪم ڪري ٿو۔۔۔ پر ان کي هلائڻ لاءِ موبائيل نمبر ايڪٽيويشن ضروري آهي۔۔ وائيبر توهان جي دوستن جي معلومات پنهنجي سرور تي اپلوڊ ڪندو آهي۔۔ ۽ پوءِ جن دوستن وائبر سروس حاصل ڪئي هوندي آهي توهان انهن سان ڪنهن به وقت مفت ڪالز ۽ ميسيجنگ ڪري سگهو ٿا۔۔۔
وائيبر ميڊيا طرفان تازو اهو دعوو ڪيو آهي ته سندن سروس استعما ڪندڙن جو تعداد 200 ملين کان وڌي چڪو آهي۔۔ ۽ هاڻي ڊيسڪٽاپ ايپليڪيشن تي اچڻ کانپوءِ يقينن ان ۾ اضافو ٿيندو ۔۔۔ وائيبر تقريبن سڀني آپريٽنگ سسٽم لاءِ موجود آهي جهڙوڪ، آئي او ايس، اينڊروائيڊ، ونڊوز فون ۽ بليڪ بيري۔۔۔۔

Desktop-PC-and-Android.png

وائيبر طرفان ڪجهه ڏينهن اڳ موبائيل فونز لاءِ به نئون ورجن 0۔3 لانچ ڪيو ويو آهي۔۔ جنهن ۾ وڊيو ميسيجنگ جي سهولت پڻ شامل ڪئي وئي آهي۔۔۔ جڏهن ته ڪميپوٽر ورجن ۾ به بلڪل اسڪائيپ وانگر وڊيو ڪال ڪري سگهجي ٿي۔۔۔ وڌيڪ تفصيل لاءِ هي وڊيو ڏسو۔۔۔


جيتوڻيڪ وائيبر سروس کي سمارٽ فونز جا ڪيترائي ڪسٽمر استعمال ڪري رهيا آهن ۔۔۔ پر ان باوجود ڪافي ماهر هن سروس جي پرميشنس کان الجهيل آهن۔۔۔ ڇو ته هي سروس توهان جي فون ۾ موجود تصويرن، وڊيوز، ميسيجز ۽ توهان جي ميلز يا فيس بوڪ کاتي جي خفيه معلومات تائين پهچ رکي ٿي۔۔۔ ان طرح هي ايپليڪيشن توهان جي فون بوڪ جو ريڪارڊ پڻ پنهنجي سرور تي محفوظ رکي ٿي۔۔

هتي ڪلڪ ڪري توهان وائبر جي ڪمپيوٽر ايپليڪيشن کي ڊائونلوڊ ڪري سگهوٿا۔۔۔ جنهن کان پوءِ باقي ساٿين کي به ڏس ڏجو ته اسڪائيپ ۽ وائبر سروسز مان توهان ترجيح ڪنهن کي ڏيندو۔۔۔
 
انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم:
مون وٽ ته وائبر فون ۾ به نه ٿو هلي۔
چون ٿا ته سروس بلاڪ آهي۔ ڪنهن ڪنهن وٽ هلي پئي؟
 
مان استعمال كريان بيو. سامسنك كليكسي تي. بهترين آهي بر اسرائيلي جاسوس آهي ان كري احتياط سان استعمال كريو. جيئن رشيد صاحب لكيو آهي ته اوهان جي موبائل تي مكمل دسترس ركي تهو. جنهن م كانتيكت . تصويرون وغيره مطلب سبه كجه
 
مون کي پهريان سمجه ۾ نه پيو اچي ته وائبير ڇا آهي۔پو مون انٽرنيٽ تي سرچ ڪيم ته جواب مليو۔هي هڪ چيٽ ميسيجنگ آهي۔
هي هاڻي نوڪيا ۾ به موجود اهي۔
 
Back
Top