پاڪستان جي پي ايس بجاءِ ”بي ڊو“ استعمال ڪندو

'آئي ٽي بابت تازيون خبرون' فورم ۾ ذيشان رشيد طرفان آندل موضوعَ ‏19 مئي 2013۔

  1. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    [​IMG]
    پاڪستان آمريڪي ”جي پي ايس“ (گلوبل پوزيشننگ سسٽم) جو چيني نعم البدل ”بي ڊو (Beidou )“ استعمال ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي۔۔ ڇو ته جنگ جي دوران آمريڪي ”جي پي ايس“ تي ڀروسو نه ٿو ڪري سگهجي ۔۔ جو ان دوران آمريڪا ان کي بند به ڪري سگهي ٿو۔۔
    بي ڊو دراصل 10 ميٽرن تائين ڪنهن به شي جي درست لوڪيشن ٻڌائيندڙ سسٽم آهي جيڪو جي پي ايس کان ڪئي دفعا بهتر آهي۔۔ هي سسٽم سڀ کان پهريان چائينا جي فوج لاءِ هو پر هاڻي ان کي تجارتي مقصدن لاءِ استعمال ڪرڻ جي اجازت چائنا جي حڪومت ڏئي ڇڏي آهي۔۔
    هن سسٽم جون 16 سيٽلائيٽ پهريان ئي مدار ۾ موجود آهن ۽ هاڻي انهن ۾ اضافو آندو ويندو۔۔ چين جي سياسي ماهرن مطابق هن پروجيڪٽ جو مالي فائدن کان وڌيڪ غير ملڪي نظام يعني آمريڪا جي جي پي ايس تي انحصار ختم ڪرڻ آهي۔۔ جنهن کي جنگي حالتن ۾ بند ڪرڻ جو اختيار آمريڪي حڪومت وٽ آهي۔۔
    چين تازو مقامي طور ڊرون پڻ تيار ڪيا آهن جن جو سمورو انحصار بي ڊو تي آهي۔۔ اهڙي طرح ڪروز ميزائيل هجن يا جنگي جهاز سڀئي درست جڳهه معلوم ڪرڻ لاءِ جي پي ايس بجاءِ ”بي ڊو“ تي منتقل ڪيا ويا آهن جيئن آمريڪا تي انحصار ختم ڪري سگهجي۔۔۔
    هن سسٽم جي بس هڪ خرابي آهي ته في الحال بي ڊو جا سگنل وصول ڪندڙ ۽ موڪليندڙ چپ جي قيمت جي پي ايس جي مقابلي ۾ ڪافي مهانگي آهي۔۔ پر هن جي درستگي کي ڏسي لڳي ٿو نيويگيشن آلا بنائيندڙ ڪمپنيون هن سسٽم کي ضرور حاصل ڪنديون جنهن سان هن جي قيمت ۾ گهٽتائي جو امڪان آهي۔۔
    چين وانگر روس به پنهنجو ”گلوناس“ نالي جي پي ايس سسٽم تيار ڪري رهيو آهي جيڪو سويلين ۽ ملٽري ٻنهي مقصدن لاءِ استعمال ڪيو ويندو۔۔ ان نظام جا 23 سياره اڳ ئي مدار ۾ موجود آهن۔۔ پر هن سسٽم کي ڪجهه ٽيڪنيڪل مسئلا سامهون اچي رهيا آهن۔۔
    يورپي يونين به جي پي ايس جو نعمل البدل جي ڳولا ۾ آهي۔۔ ۽ ”گليلو“ نالي هڪ سسٽم تي ڪم ڪري رهي آهي۔۔ جنهن جا ٽي سياره مدار ۾ پڻ ڇڏيا ويا آهن۔۔
    اهڙي طرح برطانيه پڻ جي پي ايس جو نعم البدل ڳولڻ لاءِ پنهنجي دفاعي ڪمپني BAE کي حڪم ڏئي ڇڏيا آهن۔۔ جيڪا هڪ انوکي نظام تي ڪم ڪري رهي آهي۔۔ جنهن تحت عام سگنل (ٽي وي، وائي فائي، ريڊيو، موبائيل فونز وغيره) کي استعمال ڪندي ڪنهن به ماڻهون جي لوڪيشن معلوم ڪري سگهبي۔۔۔

    بظاهر هي سڀ ڪجهن انهن ملڪن جي هڪ ٻئي سان جنگ پيو معلوم ٿئي پر ان ۾ سڀ کان وڌيڪ فائدو عام ماڻهون کي ٿيندو جنهن کي هڪ کان وڌيڪ نيو گيشن سسٽم ملي پوندا۔۔

    ڊفينس نيوز جي ٿورن سان
     
    10 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. ڏاڏل شينو

    ڏاڏل شينو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    2,207
    ورتل پسنديدگيون:
    2,171
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي
    هائو ادا وهان سچ پيا چئو اسان کي ڪهڙي خبر هي ڪهڙي نظام جون ڳالهيون آهن۔
    وسلام
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. ممتاز قريشي

    ممتاز قريشي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏24 جنوري 2013
    تحريرون:
    1,481
    ورتل پسنديدگيون:
    5,965
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    پيڊياٽرڪ سرجن.
    ماڳ:
    قاسم آباد حيدرآباد
    اڄ انسان پنهنجي ويجهو بيٺل انسان کان ته ڏور ٿي ويو آهي پر پري جي انسان کي قريب ڏسڻ جي ڪوششن ۾ ڏينهن رات هڪ ڪيو ويٺو آ...!!
    ادا ذيشان پنهنجي حساب سان ته سٺي ڄاڻ ڏني آهي...ضرور ڪا وڏي اهم ڳالهه هوندي...سڀ ڪجهه سمجهه ۾ اچي اهو ضروري به ته ناهي.. ;)
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. ڏاڏل شينو

    ڏاڏل شينو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    2,207
    ورتل پسنديدگيون:
    2,171
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي

    حيران اس پستي و بلندي پر هي شعور
    فلڪ پر نظر هي زمين پر نظر نهين
    مريخ و مُشتري ڪا بڙا علم هي مگر
    آدمي ڪو اپني پڙوس ڪي گهر ڪي خبر نهين۔
    وسلام
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    ها پر پوء به آمريڪا جو مقابلو ڪرڻ ڏکيو آهي ۔۔۔۔ آمريڪا جو پي ايس سسٽم وڌيڪ قابل اعتبار آهي۔ سوئي گيس جو جي پي ايس سسٽم به انهن سان ئي منسلڪ آهي۔ پر هن نئين سسٽم بابت گهڻي ڄاڻ ناهي ۔۔۔۔ تنهنڪري هن کي سمجهي، پرکي پوء ئي ڪجهه ٻڌائي سگهجي ٿو۔
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. میر چند

    میر چند
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آگسٽ 2012
    تحريرون:
    37
    ورتل پسنديدگيون:
    46
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    جوھي
    بي حد مفید معلومات
     
  7. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    معلومات جي اهميت جو اندازو ان ڳالهه مان به لڳائي سگهجي ٿو جو اڄ جي امت اخبار ۾ هن خبر لاءِ تفصيلي آرٽيڪل ڇپيو ويو آهي۔۔۔ دوستن جي دلچسپي خاطر لڳائجي ٿو۔۔۔

    [​IMG]
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  8. سجاد علي چنا

    سجاد علي چنا
    سينيئر رڪن
    انتظامي رڪن ٽيڪنيڪل اسسٽنٽ

    شموليت:
    ‏20 جنوري 2012
    تحريرون:
    778
    ورتل پسنديدگيون:
    1,899
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    ڊيٽا انٽري آپريٽر
    ماڳ:
    ڪراچي، سنڌ
    دلچسپ تحرير لاءِ واه واه۔۔۔۔ مقابلو سخت آهي چئبو ته۔۔۔۔۔ پر ملڪي دفاع جي ڳالهه اچي ته، ڪو به ملڪ ڪهڙي وقت به هٿ ڪڍي سگهي ٿو۔ چين هجي يا ۔۔۔۔۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو