• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

اينڊروائيڊ جون گيمز يا ايپليڪيشنس ڪمپيوٽر تي کيڏو...

رشيد سمون

Founder
انتظامي رڪن
منتظمِ اعلى
BlueStack-Screenshot.png

اڄ ڪلهه اينڊروائينڊ جا فونز ۽ ٽيبليٽس عام ٿي چڪا آهن۔۔ اينڊروائيڊ جي خوبين سان گڏو گڏ انهن کي حاصل ڪرڻ جو اهم سبب هن لاءِ بيشمار گيمز ۽ ايپليڪيشنس جو دستياب هجڻ پڻ آهي۔۔
توهان به يقينن اينڊروائيڊ موبائيل يا ٽيبليٽ تي ڪئي مزيدار گيمز ڏٺيون ۽ کيڏيون هونديون ۔۔۔ گيمز کان علاوه اينڊروائيڊ لاءِ ڪئي ايپليڪيشنس پڻ ڏٺيون هونديون ۔۔۔ خاص طور تصويرن تي ايفيڪٽ ڏيڻ واريون ايپليڪيشنس ته تمام گهڻيون مشهور آهن۔۔۔
اينڊروائيڊ جون سموريون ايپليڪيشنس ۽ گيمز جو مزو هاڻي توهان پنهنجي ليپٽاپ يا ڪمپيوٽر تي به حاصل ڪري سگهو ٿا۔۔۔ ان لاءِ Blue Stacks نالي مفت سافٽويئر هتي ڪلڪ ڪري ڊائونلوڊ ڪريو ۽ اينڊروائيڊ جي ڪا به ايپليڪيشن يا گيمز ڪمپيوٽر تي کيڏي مزو ماڻيو۔۔۔
 
يار اها گيم مون وٽ آهي ۽ بهترين گيم آهي ۔۔۔۔ ۽ پنهنجي موبائل ۾ کيڏندو به آهيان ۔۔۔۔ پر يار بيٽري جا ڪم ئي لاهي ٿي ڇڏي۔
 
سمارٽ فون جو مکيه ڊرا بيڪ اهو ئي آهي ته انجي بيٽري دٻ نٿي جهلي۔ جنهن جو سبب آهي اينڊرائنڊ ۾ هلندڙ بيڪگرائونڊ سروز۔
ٻيو وري ته گيم ۾ هيوي ڊسپلي استمعال ٿيڻ سبب به بيٽري جي لائيف گهٽجندي آهي
 
جي بيٽري بچائڻ جو فڪر سوايو آهي ته انتظار ڪريو ۔۔۔ جلد فائرفاڪس وارا پنهنجو آپريٽنگ سسٽم متعارف ڪرائڻ وارا آهن۔۔۔ سستوبه، هر سيٽ تي هر ورجن اپڊيٽ ڪرڻ جي سهولت به ۽ بيٽري جي ته ڄن لائيف بڻجي ويندي۔۔۔ :)

firefox-os.jpg
 
بهتر رهندو ته توهان انسٽاليشن جي دوران پڇندڙ AVG جي ٽولبار تي ان چيڪ انسٽال نه ڪريو۔۔۔ اهڙو ٽولبار هروڀرو توهان جي برائوزر کي به وزني ڪندو ۔۔۔۔
باقي ايرر ٻڌائي ٿو ته توهان ڊاٽ نيٽ فريم ورڪ جو پراڻو ورجن آهي۔۔۔ توهان هتي ڪلڪ ڪري نئون ورجن ڊائونلوڊ ڪري انسٽال ڪريو۔۔۔ ۽ ٻيهر ڪوشش ڪريو۔۔۔
 
مهرباني ادا
 
ادا هي گيم مون وٽ به آهي تمام بهترين، ٻي ڳالھ تي گهڻي خوشي ٿي ته فائرفوڪس پوري جو پوري آپريٽنگ سسٽم پنهنجو پئي لانچ ڪري!! واھ واھ، ڏاڍو ڀلو۔
اڇا! گيم کان علاوه هن سافٽ ويئر ۾ ٻيا سافٽ ويئر به استعمال ڪري سگهجن ٿا ڪمپيوٽر ۾؟ جيئن سوشل نيٽ ورڪ واٽس اپ؟
 
BlueStack-Screenshot.png

اڄ ڪلهه اينڊروائينڊ جا فونز ۽ ٽيبليٽس عام ٿي چڪا آهن۔۔ اينڊروائيڊ جي خوبين سان گڏو گڏ انهن کي حاصل ڪرڻ جو اهم سبب هن لاءِ بيشمار گيمز ۽ ايپليڪيشنس جو دستياب هجڻ پڻ آهي۔۔
توهان به يقينن اينڊروائيڊ موبائيل يا ٽيبليٽ تي ڪئي مزيدار گيمز ڏٺيون ۽ کيڏيون هونديون ۔۔۔ گيمز کان علاوه اينڊروائيڊ لاءِ ڪئي ايپليڪيشنس پڻ ڏٺيون هونديون ۔۔۔ خاص طور تصويرن تي ايفيڪٽ ڏيڻ واريون ايپليڪيشنس ته تمام گهڻيون مشهور آهن۔۔۔
اينڊروائيڊ جون سموريون ايپليڪيشنس ۽ گيمز جو مزو هاڻي توهان پنهنجي ليپٽاپ يا ڪمپيوٽر تي به حاصل ڪري سگهو ٿا۔۔۔ ان لاءِ Blue Stacks نالي مفت سافٽويئر هتي ڪلڪ ڪري ڊائونلوڊ ڪريو ۽ اينڊروائيڊ جي ڪا به ايپليڪيشن يا گيمز ڪمپيوٽر تي کيڏي مزو ماڻيو۔۔۔
ادا مون ڪوشش ڪئي پر ارر ٿو اچي 2 جي بي اسپيس وارو
 
Back
Top