• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

خاتون جوڳي

ايس ايم درس

سينيئر رڪن
خاتون جوڳي
405596_10201060022772873_2004058210_n.jpg
کيس سماج ۾ مليل ڌڪاريل حيثيت جو وڏو احساس آھي، جنھن جو افسوس به گھڻو اٿس پر ھوءَ ان تي روئڻ بجاءِ پنھنجي حالت بھتر ڪرڻ لاءِ بيمثال جتن ڪري رھي آھي.
935463_10201060024092906_2045034769_n.jpg
خاتون جوڳي انھن عورتن مان آھي، جن ريتن رسمن، وقت ۽ حالتن تي واويلا ڪرڻ بدران پنھنجي پُڄت سارو ڪجھه ڪرڻ جا جتن پئي ڪيا آھن. ھوءَ ڀان سعيد آباد ۾ رھي ٿي ۽ ھڪ پينو فقير ھوندي به پنھنجن ٻن پٽن نادر ۽ خادم کي ڀان سعيد آباد جي پراڻي ۽ وڏي خانگي اسڪول پير الاھي بخش اڪيڊمي ۾ پڙھائي رھي آھي. ھن شھر جا ماڻھو کيس چڱي طرح سڃاڻن ۽ سندس ان سٺي عمل جي ڪري گھڻو تڻو ھر ڪو خيرات ڏي.
سندس گھر ڀان سعيد آباد جي مين روڊ تي جوڳين جي بستيءَ ۾ ھڪ ڪکائين جھُوپڙيءَ ۾ آھي، جتي ھوءَ پنھنجي مڙس ۽ ٻارن سان رھي ٿي. اسين جڏھن پنھنجي ساٿين سميت ساڻس ملڻ لاءِ اُتي وياسين ته بک بيوسي واڪا ڪري رھي ھئي. مٿان وري ڪتن جي ڀؤنڪار ان کي ويتر وحشتناڪ بڻائي رھي ھئي. اسان کي ڏسي نٽھڻ اُس ۾ ٺوٺ ٿيل پڌر تي انگ اُگھاڙا ٻارڙا ھنبوشيون ھڻندا اسان ڏانھن الر ڪري مڙڻ لڳا ۽ ويجھڙائيءَ وارين جھڳين مان بستي ۾ رھجي ويل ڪجھه عورتون مرد جھاتي پائي تڪي رھيا ھئا. جيتوڻيڪ منجھد جي مانيءَ جو وقت ھو پر ڪنھن به جھڳيءَ مان دونھي دُکندي نظر ڪا نه آئي. مڙي آيل ٻارن جي منھن تي انيڪ سوالن سان گڏ آسري ۽ اُميد جا وچڙيل نقش چٽا نظر پئي آيا.
اھڙي وايو منڊل ۾ اسان سڀ ساٿي پور پچائيندا خاتون جوڳيءَ جي ڀونگيءَ (جھوپڙي) وٽ پھتاسين، جتي ھن اسان جو وڏي ادب ۽ اخلاق سان آڌر ڀائو ڪيو. سندس مڙس رمضان ۽ ٻه ڌيئرون پڻ ساڻس گڏ موجود ھئا. انتھائي نماڻائي ۽ نھٺائي واري سڀاءَ واري ھيءَ عورت بيحد ڌيمي لھجي سان ڳالھائيندي آھي. ڳالھه شروع ڪرڻ مھل پھريون لفظ ’’بابا’’ ضرور چوندي آھي ۽ ڪا به ڳالھه پڇڻ تي بنا ڪنھن ڪوڙ ۽ ڪپت جي حقيقت بيان ڪرڻ سندس مزاج جو حصو آھي. کيس سماج ۾ مليل انتھائي ڌڪاريل حثيت جو وڏو احساس آھي، جنھن جو افسوس به گھڻو اٿس پر ھوءَ ان تي روئڻ بجاءِ پنھنجي حالت بھتر ڪرڻ لاءِ بيمثال جتن ڪري رھي آھي.
مون جڏھن ان کان پڇيو ته اوھين پنھنجي ٻارن کي سرڪاري اسڪول ۾ ڇو نه ٿا پڙھايو؟ ته ڏاڍي نرميءَ سان وراڻيائين ’’بابا’’ سرڪاري اسڪول ۾ پڙھائي ڪانھي، ماستر پڙھائين ڪو نه ٿا، مون وٽ ڪا سفارش ته آھي ڪو نه جو پٽن کي نوڪري وٺي ڏينديس! ان لاءِ صحيح پڙھندا ته ھر ڪو نوڪري ڏيندو. پڇيو مانس ڀلا ڌيئرون پڙھن ٿيون؟ چيائين ’’اھي به پڙھن ٿيون، ھنر سکن پيون باقي بابا ايتري پڄت ڪانھي ڪڏھن کائون ته ڪڏھن لنگھڻ سمھون، ڪپڙو لٽو جيڪو ملي سوپايون. ھاڻي ھي منھنجا پٽ پڙھي پون ته اسان گھَرڻ (پنڻ) ڇڏي ڏينداسين’’ اسڪول جي في ۽ ٻيو خرچ پکو وقت سر ڪيئن ڏيندا آھيو؟ مون وري سوال ڪيو ’’چيائين اسڪول جا مالڪ مون سان وڏي رعايت ڪندا آھن بابا، ڪڏھن ڪڏھن ٻه ٽي مھينا به گذري ويندا آھن پوءِ گڏي في ڏيندي آھيان. تمام گھڻو سھڪار ڪندا آھن. شاگرد توڙي استاد ڪڏھن به منھنجي پٽن کي اھو طعنو نه ڏنو آھي ته ڪو اھي فقيرياڻيءَ جا پٽ آھن. ھا شروع شروع ۾ ڪجھه ٻارڙن ائين ڪيو ھو پر پوءِ سائين پير مظفرالحق اسڪول اسٽاف ۽ استادن کي سختيءَ سان تنبيھه ڪئي ۽ اسان جي وڏي ھمٿ افزائي ڪئي. شھر وارا به ھر تعاون ڪندا آھن ڪنھن کي چوندي آھيان ته ٻارن جا ڪتاب يا ڪپڙا وٺڻا آھن ته اھي عتبار ڪري مدد ڪندا آھن جو سڀني کي خبر آھي. ايتري ۾ نادر ۽ خادم اسڪول مان موٽي آيا، اھي ٻئي ٻارڙا نھايت سيبتا ۽ محنتي ڏٺا ٿي، اھي جي جوڳين جي وسنديءَ کان ٻاھر ڪنھن کي ملن ته ڪو به اھو اندازو نه لڳائي سگھندو ته ھي فقيرن جي بستيءَ ۾ رھندڙ ٻار آھن.
انھن ٻڌايو ته اسان جي امان اسان پڙھائڻ لاءِ وڏا ڪشالا ڪڍيا آھن. اسان وٽ پڙھڻ جو رواج ڪونھي پر امان جي خواھش ۽ محنت ڪري اسان ھڪ اھڙي اسڪول ۾ پڙھي رھيا آھيون جنھن ۾ شھر جا گھڻا ٻار رڳو پڙھڻ جي رڳو خواھش رکن ٿا پڙھن ڪو نه ٿا. پير الاھي بخش اڪيڊمي جي پرنسپال ۽ ماسترياڻين ٻڌايو ته ٻئي ڀائر ڏاڍا محنتي ۽ ھوشيار آھن، وقت تي اسڪول ايندا آھن، ڪم پورو ڪندا آھن ۽ ڪڏھن به ڪنھن جھيڙي جھٽي ۾ شامل نه رھيا آھن. اسڪول ۾ ٿيندڙ مختلف سرگرمين ۾ پڻ اڳڀرا رھندا آھن. اسان فقيرن جي ان وسنديءَ ۾ ٻارڙن، نياڻين ۽ ڪميونٽيءَ جي ماڻھن کي به ڪار آمد بڻائي سماجي وھڪري ۾ ھاڪاري ڪردار ادا ڪرڻ جي قابل بڻائڻ جون رٿون سٽيندا شھر کان روانا ٿياسين.
(ھيءَ سچي ڪھاڻي آھي جيڪا سليم حيدري مان ۽ سيوھڻ آفيس جي فيلڊ ٽيم جي مدد سان اسان جي ملاقات خاتون سان ٿي. ھيءَ ڪھاڻي ايس اي ايف جي سجاڳ پھرين شماري ۾ به آھي توھان ھن لنڪ تي پڙھي سگھو ٿا).
 
جي سائين جي انسان ڪنهن ڪم تي سندرو ٻڌي لهي پوي ته قائنات جي ڪا شي ناممڪن ناهي ۔ هن ماءُ جي پيرن هيٺان جنت آهي ان ۾ ڪو شق ناهي ۔
هون به خواب اهي هوندا اهن جيڪي جاڳندي اکين سان ڏٺا وڃن اهي خواب ئي ناهن هوندا جي ننڊ پيل اکيون ڏسنديون آهن۔ يقينن ڪميابي سان همڪنار ٿينديون اهن اهي ڪو ششون جن ۾ ڪا ملاوٽ نه هجي۔
وسلام
 
اهو ڏينهن ڪڏهن ايندو جڏهن سنڌ ۾ تعليم سڀني لا هڪ جهڙي هوندي۔ غريب جو ٻار به ان اسڪول ۾ داخل هوندو جتي امير جو ٻار پڙهندو هوندو۔۔۔!!
اڄ جي دور ۾ اهڙا مثال ڏسي دل ڏُک سان ڀرجي وڃي ٿي۔۔ انهن جوڳين جي وسندي ۾ رهندڙ ٻين ٻارن جو ڪهڙو قصور۔۔۔؟ ڪاش هر گهر ۾ خاتون جوڳي جهڙو هڪ ڀاتي هجي۔۔۔:(
 
ڪوشش، خلوص نيت ۽ سچائي ۔۔۔۔۔ جڏهن اهي سڀ شيون موجود هجن ته ڪاميابي طرف وکون تيزي سان وڌنديون آهن ۔۔۔۔

مان سدائين اهو چوندو آهيان ۽ اهو منهنجو ايمان آهي ته تعليم ئي انقلاب آڻيندي ۔۔۔۔
 
سرندي وارن ۾ آسرو نه ڪريو ، اوهان دوست گڏجي هڪ پروگرام جوڙيو ، ان ۾ سڀ دوست گڏجي تعاون ڪن وڌ ۾ وڌ مدد ڪن ۽ ٻين درد وندن کان پيئسو پيئسو ڪري گڏ ڪن ۽ پوءَ بلڪل حقي ٻار ۽ ڪنهن غريب جي بغير ڪنهن ووٽ جي لالچ جي انهن جي مدد ڪن ، جڏهن عبدالستار ايڌي ڪم ڪري سگهي ٿو ، رمضان ڇيپه به ڪم ڪري سگهي ٿو ته اسان ڇو نه ٿا ڪري سگهون ، رڳو ٻين تي سکڻيون ميارون ڏيڻ ئي اسان ڪم بچو آهي ڇا “““““؟؟؟؟
 
اهو ڏينهن ڪڏهن ايندو جڏهن سنڌ ۾ تعليم سڀني لا هڪ جهڙي هوندي۔ غريب جو ٻار به ان اسڪول ۾ داخل هوندو جتي امير جو ٻار پڙهندو هوندو۔۔۔!!
اڄ جي دور ۾ اهڙا مثال ڏسي دل ڏُک سان ڀرجي وڃي ٿي۔۔ انهن جوڳين جي وسندي ۾ رهندڙ ٻين ٻارن جو ڪهڙو قصور۔۔۔؟ ڪاش هر گهر ۾ خاتون جوڳي جهڙو هڪ ڀاتي هجي۔۔۔:(
ادا جڏهن توهان اٿي اڳيان ٿندؤ يقين ڄاڻو تڏهن تعليم سڀني لاءِ برابر ٿي ويندي ۔
اهو مذاق نه سمجهجو آءُ سچ پيو چوان هي سڄو نظام منهنجي ڪري خراب ان لاءِ آهي جو منهنجي ڳيچي اوهان جي هٿن کان آزاد آهي ۔
وسلام
 
سرندي وارن ۾ آسرو نه ڪريو ، اوهان دوست گڏجي هڪ پروگرام جوڙيو ، ان ۾ سڀ دوست گڏجي تعاون ڪن وڌ ۾ وڌ مدد ڪن ۽ ٻين درد وندن کان پيئسو پيئسو ڪري گڏ ڪن ۽ پوءَ بلڪل حقي ٻار ۽ ڪنهن غريب جي بغير ڪنهن ووٽ جي لالچ جي انهن جي مدد ڪن ، جڏهن عبدالستار ايڌي ڪم ڪري سگهي ٿو ، رمضان ڇيپه به ڪم ڪري سگهي ٿو ته اسان ڇو نه ٿا ڪري سگهون ، رڳو ٻين تي سکڻيون ميارون ڏيڻ ئي اسان ڪم بچو آهي ڇا “““““؟؟؟؟

جي بسم اللاه ڪمپيوٽر تان اٿي سڏ ڪيو اسان گڏ اهيون جنهن وقت چاهيو۔
وسلام
 
ادا ڏاڏل۔۔ڪاش اهو سچ هجي ها۔۔مان هزاردفعا اٿي بيهڻ لا تيار آهيان۔۔
مان سمجهان ٿوتعليم جي بهتري انفرادي نه پر اجتماعي ڪوششن سان اچي سگهي ٿي۔ منهنجي يا توهان جي ڪوشش سمنڊ جي قطري کان وڌيڪ نه آهي پر اصل مقصد تڏهن حاصل ٿيندو جڏهن قطرو قطرو گڏ ٿي سمنڊ بنجندو۔ سوچ جي تبديلي ته اچي چڪي آهي۔ هر ماڻهو علم جي اهميت کي ڄاڻي ٿو پر پنهنجن ٻچڙن کي علم ڏيارڻ لا جيڪي رڪاوٽون ، پريشانيون سامهون اچن ٿيون انهن کي منهن ڪيئن ڏجي بس ان جي لاهرڪنهن کي فڪر ڪرڻ گهرجي۔ سُٺي ۽ معياري تعليم کي هڪ عام غريب جي ٻار تائين پهچائڻ لا اسان سڀني کي گڏيل طور تي ڪوششون ڪرڻ گهرجن۔ اهو سنڌي قوم جي هر پڙهيل لکيل فرد جو اولين فرض آهي۔
 
قطره قطر ميشور دريا
مثل مشهور اهي سائين هن تبديلي جو آغاز بيشڪ 0001۔ آهي پر آهي ضرور ها جي هوا گُهلي پئي آهي ته ضرورو سمجهو ته ان هوا جو احساس گهڻن ئي وجودن کي مَس ڪندو ۔۽ ادا زيريناڻي اٿي پؤ ڪيتريون ئي اهڙيون تنظيمون اهن جيڪي ڪم ڪن پيون ڪنهن نه ڪنهن جو حصو بڻجي وڃو۔
وسلام
 
Back
Top