سڀ کان پهريائين ته ادي ڦلپوٽي فقير سميت سڀني دوستن جو دل جي گهراين سان ٿورائتو آهيان جن محبت ڀريا ۽ مبارڪي پيغام موڪلي، منهنجي همٿ ۽ سگهه ۾ اضافو ڪيو آهي ... دراصل هن اڱڻ تي ايندڙ سڀ رڪن سلڇڻي ۽ مانائتي طبيعت جا مالڪ آهن ... دوستن جي سک ۽ ڏک ۾ موٽ ڏيڻ وارا آهن ...
دوستو هن اڱڻ جي دزائتي سرزمين کي جڏهن ٻهارا ڏئي، ڇڻڪارَ ڪري دوستن جي اچڻ لائق ٺاهيو ٿي ويو ته انوقت آءُ به هن اڱڻ تي اچي پهتس. دوست پنهنجي مٿي تان پگهر اگهڻ کان بغير ئي پنهنجي اڱڻ کي ٺاهڻ ۾ لڳا پيا هئا ... جن ۾ ادو رشيد، ادو علي علي، ادو چارڻ ۽ مانوارو نثار ناز سرفهرست آهن ... دوستن جي محنت، سچائي ۽ محبت ڏسي، مونکي به لطيف جو هي بيت ياد اچي ويو ...
جي ايندي چوني آءُ، ويندي چوني ويهه،
ڇڏي سارو ڏيهه، اڱڻ اچج انهن جي.
سو دوستو! مون به ان اڱڻ تي اچڻ کي پنهنجي خوشنصيبي سمجهندي، ٻين درن کي طاق ڏئي اچي دوستن سان حال ڀائي ٿي ويٺس ... دل جو دلبر هڪڙو گهڻا ڪيم ڪجن ...
اڄ ماشاالله ڪک ڪک ميڙي، هڪ جهوپو تيار ٿيو آهي، دوستن جي اچڻ جي رفتار به اطمينان بخش آهي ...ادبي، سياسي، مذهبي ۽ معلوماتي لکڻيون پيش ٿينديون رهن ٿيون ... ٻي ڳالهه ته هر ليکڪ يا ڪنهن مواد کي پيش ڪرڻ وارو چاهيندو آهي ته انکي پڙهڻ وارا هجن، انتي تنقيد ڪرڻ وارا هجن ۽ موٽ ڏيڻ وارا هجن ... ان سلسلي ۾ به هي اڱڻ انتهائي ڪارائتو ۽ دوستن جي اصلاحي تنقيد سان سنواريو پيو آهي ... آءُ ته چوندس ته هي هڪ بين الاقوامي اوطاق آهي، جنهن تي هر هڪ ملڪ کان سنڌي دوست اچي چڪر هڻي وڃنٿا ...
دوست رشيد سمي صاحب، جي هڪ ڳالهه جا انتهائي وڻندڙ آهي ته همراه اوطاقي مڙس ۽ دوستن کي جيءَ ۾ جايون ڏيڻ وارو شخص آهي ... ٻي ڳالهه ته کيس صبر ۽ محبت جي هجڻ سبب، ڪي ڳالهيون جي سندس طبيعت جي موافق نه به هونديون آهن ته به وقت سر برداشت ڪري ويندو آهي ... چوندا آهن ته حلالي ٻار پينگهي ۾ پڌرو ... رشيد صاحب جڏهن مونسان ملڻ آيو ۽ جڏهن مٿس نظر پئي ته سچ پڇو ته ان وقت ئي کيس مون سمجهي ورتو ته همراه پنهنجي ئي لڏي جو آهي ...
هن وقت هن جهوپي جي اڱڻ تي پراڻا سڀ دوست موجود آهن ۽ ان ۾ ڪجهه نوان ۽ معتبر نالا به شامل ٿي ويا آهن ... ٻي ڳالهه ته هن اڱڻ تي ايندڙ هر دوست، بغير ڪنهن اختلاف جي موجود آهي ۽ جي ڪٿي ڪا لڱائي چڱائي ٿي به وڃي ٿي ته دوست کليل ذهن جو مظاهرو ڪندي، وري کير کنڊ ٿي وڃنٿا ... سلام آهي دوستن کي ...
دوستو ڳالهيون ته گهڻي ئي ڪرڻ جهڙيون آهن جي وقت سر پيون ڪبيون ... آءُ هڪ ڀيرو وري اوهان سڀني مستن، فقيرن، مولائن، درويشن ۽ بادشاهي (ڪنگ) دوستن کي ايترو ئي چوندس ته ... هلندا رهو ... پوئتي ڏسڻ کان بنهه ... چڱايون گڏ ڪندا رهو ... روشني ڪندا رهو ... من اوهانجي انهن ڪاوشن سان ڪنهنکي ڪو رستو نظر اچي وڃي ...
رب العالمين اوهان کي نصرت ۽ فتح نصيب ڪندو ... دعا ڪجو ته ... مارئي به پنهنجن ماروئڙن سان ميلو ڪري ...
ٿورائتو
سنڌ جي خاڪ منجهه مڪي پاڪ
sindhsalamatsaathsal