چوڻ ته منهنجو حق آهي

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ جان زريناڻي طرفان آندل موضوعَ ‏20 مئي 2013۔

  1. جان زريناڻي

    جان زريناڻي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏29 فيبروري 2012
    تحريرون:
    229
    ورتل پسنديدگيون:
    534
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    373
    ڌنڌو:
    زراعيت ، بلوچ ڪيبل يارو لنڊ
    ماڳ:
    ڳوٺ محمد جان زريناڻي لڳ پير پکڙوئي لعل
    چوڻ ته اسان جو حق آهي

    طالبان جي ڪري پاڪستان ۾ عالمي ڪرڪيٽ بند ٿي ويئي ، طالبان جي ڪري ڀارت هميشه پاڪستان کان ڪاوڙيل رهي ٿو ، امريڪا جو مسئلو به ساڳي آهي ، هر ملڪ چوي ٿو ته جيستائين هڪ به طالبان زنده آهي تيستائين پاڪستان سان دوستي ، واپار اور ڪرڪيٽ وغيره يا ٻي ڪا به خوشحالي لئه پيشقدمي ٿيڻ مشڪل آهي ،
    ٻي طرف پاڪ چوي ٿي ته اسان دنيا جي ڪنهن به ائيٽمي ملڪن کي آساني سان منهن ڏيئي سگهون ٿا ، پر پوءِ به وانا ، وزيرستان هر ملڪي يا غير ملڪي لئه نوگوايريا آهي ، آخر چڪر ڇاهي ،
    نوازشريف پڪو طالبان آهي ، ائين سمجهو طالبان جو بازو آهي ، ان جي ڪاميابي تي ڀارت ڏاڍو خوش ٿيو آهي ، آمريڪا به خوش نظر اچي ٿو ، طالبان به خوش آهن ، آخر !!! اصل مسئلو آهي ڇا ؟؟؟
    مونکي ته ڪا ڳالهه سمجهه ۾ نٿي اچي ،
    چيف جسٽس صاحب کي پاڪستان ۾ هڪڙو مجرم پرويز مشرف ئي نظر اچي ٿو ، جيڪو نا اهل به ٿي ويو ، باقي سڀ اهل آهن ، هڪڙا صبح جو نا اهل ٿيا ، شام جو اهل ٿي ويا ، ۽ ڏسو معجزو اليڪشن ڪمشنر جو ، وفاق ۽ پنجاب مسٽر نواز شريف جي حوالي ڪري ڇڏيائين ، پي پي پي کي سنڌ گفٽ ڪري ڏنائون ، ايم ڪيو ايم کي ڪراچي ۽ حيدرآباد جي حڪمراني ڏني ويئي ، خيبر پختون خواه وري عمران خان جي کي ڏئي ، اُن جو به وات بند ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ،
    ڇا تبديلي ايئن ايندي آ ، ڇا ايمانداري ايئن ٿيندي آ ، ڇا انصاف ائين هوندو آ ،
    سڀ چون ٿا جهموريت لئه نتيجا قبول ڪريو ، 5 سال اڳ ۾ لوڙيا آهن ، وري هي 5 سال ٻيا لوڙيون ، وري انهن کي ڪو نه ڪو فخرالدين جي ابراهيم ملي ويندو ، وري نتيجا ساڳي ، وري 5 سال جهموريت لئه ڏيئڻا پوندا ،
    آخر ڪيستائين ، هي نِسورو ظلم ڪيستائين ، رهندا سڀ چپ ڪيستائين ؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟
    چوڻ ته اسان جو حق آهي
    سو چئي ڏنو
    خدا سڀني کي سمجه ڏئي
    تحرير .. محمد جان زريناڻي
    20.5.2013
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. منظور ڪلهوڙو

    منظور ڪلهوڙو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 مارچ 2012
    تحريرون:
    1,729
    ورتل پسنديدگيون:
    3,881
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ملازمت سرڪاري کاتي ۾
    ماڳ:
    ڪراچي
    ڳالهيون ته بروبر سچ آهن اوهان جون۔۔پر اهو چڪر ڇا آهي پاڻ کي به اڄ تائين سمجهه ۾ ڪون آيو آهي۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. جان زريناڻي

    جان زريناڻي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏29 فيبروري 2012
    تحريرون:
    229
    ورتل پسنديدگيون:
    534
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    373
    ڌنڌو:
    زراعيت ، بلوچ ڪيبل يارو لنڊ
    ماڳ:
    ڳوٺ محمد جان زريناڻي لڳ پير پکڙوئي لعل
    چوڻ ته اسان جو حق آهي
    پئيسن اڄ جا انسان وڪامجن ٿا ، پئيسن اڄ جا سياستدان وڪامجن ٿا ، ماڻهن جا ايمان وڪامجن ٿا ، صحافين جا قلمدان وڪامجن ٿا ،
    اڄ جي دور ۾ ميڊيا جو وڏو قردار آهي ، ميڊيا حق ۽ سچ جو قلم کي صحيع استعمال ڪري ته سچائي جي علم کي آسمان تائين پهچائي سگهي ٿي ، اُن جي اُبتڙ لالچ ۾ اچي وڃي ته ايمان وارن جا ڪنڌ جهڪائي ڇڏي ٿي ، گهوٽڪي جا صحافي به گهٽ ناهن ، درٻاري شاعري ۽ درٻاري بورچي ته اوهان ٻُڌا هوندا ، هاڻي حاضر آهن درٻاري صحافي ، هر خبر هلائڻ لئه الڳ الڳ رقم ، جيتري سُٺي رقم ، اوتري سٺي سُرخي ! ، ڪجهه وقت اڳ هڪ خبر روزاني ڪوشش ، روزاني سوڀ ۽ ڪجه ٻين اخبارن ۾ ڇپي هُئي ، اُها بي مُک سُرخي وڏي ڌماڪي سان تحرير ڪئي وئي ، ته پير پاڳاري گهوٽڪي ۾ پيپلز پارٽي جي اميدوارن جي حمائيت ڪري ڇڏي آهي ، اِها خبر اُٿڻ سان هتان جي سٻاجهڙي سادي عوام سچ سمجهڻ لڳي ، ڪجهه ڏينهن کان پوءَ پير سيد صدرالدين شاه صاحب پاڻ ڳوٺ صاحب خان لُنڊ ۾ اچي ان خبر جي سخت ترديد ڪئي ، ۽ چيائين جي اسان کي ڪنهن پيپلز پارٽي جي اميدوار جي حمائيت ڪرڻي هجي ها ته اسان سنڌ جو علم کڻي حيدرآباد ۾ هيڏي ساري خلق خدا گڏ ڇو ڪيون ها ، ؟
    هاڻي اسان انهن سان گڏ آهيون جيڪي فنڪشنل ليگ ۾ آهن يا انهن جا اتحادي آهن ، ۽ هن جلسي ۾ گهٽ ۾ گهٽ 15000 کان وٺي 20000 هزارن تائين ماڻهون موجود هئا ، پر اخبارن اِها خبر تمام ننڍي سُرخي ۾ سا به آخري صفحن ۾ صرف نالي ماتر شايه ڪئي ، هاڻي سنگت پاڻ فيصلو ڪري ته ڪوڙي خبر کي ڪيڏي عزت ۽ مرتبي سان تحرير ڪيو ويو ، ان جي ڀيٽ ۾ هڪ سچي خبر ، تحرير ڪرڻ ۾ گهوٽڪي جي صحافين ۽ پرنٽ ميڊيا تڪليف ڇو پئي آئي
    اسان صحافي ڀاءُ پئيسن تي اشتهار هلائن ، اهو انهن جو ڪاروبار آ مگر هي عوام پنج يا ڏه رپيا اخبار وٺن ٿا ، يا سڄو ڏينهن اوهان جي چئينلن تي ديد وجهون ويٺا هجن ته ڪا نئي تازي خبر ٻڌي وٺون ، ۽ شام تائين ويچارا مايوس ٿي سمهي رهن ، ۽ اهو چوندا رهن ته جڏهن قلم به وڪرو ٿي وئيي آهي ته هاڻي اسان مستقبل مان ڪهڙي اميد رکون ، ! ؟ اگر ڪنهن کي ڪنهن تي ڪاوڙ هجي ته هلندڙ اشتهارن ۾ ڪڍي وٺن ، باقي خبر جو ته خانو خراب نه ڪن ، منهنجي خيال ۾ ڪوڙيون خبرون شايه ڪندڙ قانون جا مجرم هوندا آهن ، ڇو ته ڪنهن به ڪوڙي خبر تي خون به ٿي سگهن ٿا !
    اهڙن صحافين لئه عدالتن کي پاڻ مُرادو نوٽس وٺڻ گهُرجي ، جيڪي غير تصديق شده خبرون هلائن ٿا ، گهوٽڪي ۾ 11 مئي تي هيڏي ساري دانڌلي ٿي ، مگر صحافي حضرات بلڪل خاموش رهيا ، اهو ڪم ڪيل به سندن هجي ، چوندا آهن جيڪو حق جو قلم وڪڻي سگهي سگهي ٿو ، اهو ماڻهون پنهنجي عزت توڻين غيرت وڪڻڻ لئه هوڪا ڏيندو رهي ٿو ته آهي ڪو سُٺي رقم ڏيڻ وارو “
    گهڻو تڻو ڪم ته قلم وڪڻدڙ ڪري ويندا آهن پوءَ وري اليڪشن کان پوءِ خراب رزلٽ جو ضميدار اسان اٻوجهه سنڌين کي سمجهو ويندو آهي ، اهيو چيو ويندو آهي هي قوم وڏيرن ۽ ڀوتارن ۾ ڦاٿل آهي ۽ هي قوم ڪڏهن نه سُڌرندي ، افسوس صد افسوس
    هاڻي قوم به اسان کي پڇي ٿي ته هڪ پٽيوالي کان وٺي ڪمشنر تائين ، هڪ سپاهي کان وٺي ايس ايس پي تائين . هڪ ننڍڙي اخباري يا ٽي وي جي نمائندي کان وٺي ميڊيا جي مالڪن تائين ، ته اوهان غيرت ڪيتري ۾ ڏيندا آهيو ، اوهان جي عزت جو ملهه ڇا آهي ، هاڻي انصاف گهڻي ۾ ملندو ؟؟
    ٿي سگهي ته جواب ضرور ڏجو
    لکڻ لئه گهڻو ڪجهه آهي انشاءَالله لکندا رهنداسين
    باقي اسان جي ٻولي ڪو سمجهي نه سمجهي !!!
    چوڻ ته اسان جو حق هو ، سو چئي ڏنو
    تحرير محمد جان زريناڻي
    تاريخ 20.5.2013
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو