• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

اڄوڪو ڏينهن 20 مئي تاريخ جي دريءَ مان

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
اڄوڪي ڏينهن 20 مئي تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ معروف شخصيتون
جنم ڏينهن:
20 مئي 1914ع شاعر واڌومل بيچين جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
20 مئي 1929ع شاعر عالم هيسباڻي جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
20 مئي 1933ع گلوڪار غلام حيدر نظاماڻي جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
20 مئي 1946ع شاعر ۽ مصور اياز ابڙو جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
20 مئي 1955ع اداڪار ڪمار کلواڻي (شڪارپور / هندستان) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
20 مئي 1957ع شاعر ارباب علي عادل چوهاڻ (شڪارپور) جو جنم ڏينهن آهي.
20 مئي 1960ع شاعره ۽ ليکڪا سلطانه وقاصي جو جنم ڏينهن آهي.
20 مئي 1971ع صحافي انيس حاجاڻو جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
20 مئي 1974ع ليکڪ نذير احمد ملاح جو جنم ڏينهن آهي.
20 مئي 1982ع ڪرڪيٽر عمران فرحت جو جنم ڏينهن آهي.
وڇوڙو:
20 مئي 1966ع شاعر يار محمد مسلم ٽانوري جو انتقال ٿيو.
20 مئي 1975ع اسڪالر ڊاڪٽر نور محمد ٽالپر جو لاڏاڻو ٿيو.
20 مئي 2012ع اداڪار ۽ صداڪار ابراهيم نفيس دل جي دوري سبب لاڏاڻو ڪري ويو.
_______
اڄوڪي ڏينهن 20 مئي جا ڪجهه اهم واقعا
iblKIdCvWlAdyB.jpg
ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ ۽ ڪاوش جي مهربانين سان
_______
 
Back
Top