ڪراچي جي موسميات چوڪ تي هڪ ٻئي سنڌي قاسم چانڊيو کي قتل ڪيو ويو آهي

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏20 مئي 2013۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]

    ڪراچيءَ ۾ موسميات چوڪ تي سنڌ نيشنل موومينٽ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري ۽ سرگرم سنڌي اڳواڻ شهيد قاسم چانڊيو تي انڌا ڌنڌ گوليون وسائي شهيد ڪيو ويو آهي۔ ان واقعي تي سنڌ سلامت سميت گهڻو ڏکائتا آهيون. مئي جو مهينو ... 21 مئي شهيد مظفر ڀٽو ۽ 22 مئي شهيد غزاله بتول صديقي کي گوليون هڻي شهيد ڪيو ويو ۽ اڄ ان جو ورجاء قاسم چانڊيو جي شهادت جي صورت ۾ ٿيو آهي. ڌرتي ڌڻين جو بيگناهه قتل عام ٿي رهيو آهي. هن واقعي تي دلي افسوس ٿيو آهي.
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    تمام گهڻو ڏک ٿيو جو ڌڻين پهنجي ديس ۾ بي گناهه ماريا پيا ٿا وڃن۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔

    وڏي افسوس جي ڳالهه آهي جو ڪو داد فرياد به ڪون ٿو ٿئي
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. ممتاز قريشي

    ممتاز قريشي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏24 جنوري 2013
    تحريرون:
    1,481
    ورتل پسنديدگيون:
    5,965
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    پيڊياٽرڪ سرجن.
    ماڳ:
    قاسم آباد حيدرآباد
    اڄ سڄو ڏينهن وڏي ڏُک ۽ اُداسي ۾ گُذريو.:(
    شهيد قاسم چانڊيو بيحد نرم دل ۽ نهايت ئي سهڻي اِخلاق جو مالڪ هو. اسان جي يونين جو عهديدار ۽ هميشه سڀني جي ڪم ايندو رهندو هو. کيس ايئن بيدردي سان شهيد ڪرڻ جي جيتري مذمت ڪجي اها گهٽ آهي. اڪثر ماڻهن جو خيال آهي ته اليڪشن ۾ ايم ڪيو ايم جا جهنڊا هڻڻ جي اجازت نه ڏيڻ تي کيس سزا ڏني وئي آهي. والله علم.
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. شاهين لطيف ، سنڌي ،

    شاهين لطيف ، سنڌي ،
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏18 جون 2012
    تحريرون:
    624
    ورتل پسنديدگيون:
    2,490
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپئير اايف ايم 93،3 لاڙڪاڻو
    ماڳ:
    ڳڙهي ياسين& لاڙڪاڻو
    وڏي افسوس جي ڳالهه آهي جو ڪو داد فرياد به ڪون ٿو ٿئي
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. معصوم سنڌي

    معصوم سنڌي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏18 اپريل 2012
    تحريرون:
    690
    ورتل پسنديدگيون:
    1,769
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ڌنڌو:
    جرنلسٽ
    ماڳ:
    لياري ڪراچي
    اسان جي مئاسين سفر ۾ او ساٿي،
    ته ماڻيڻدا منزل پنهنجا ڍول ڍاٽي
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    مَرُ مَرِين، آئوُن رُئَنءِ! موٽِي آءُ مَ، ڪانڌَ؛
    ڪَچَنِ وَڏا پانـــدَ، جِئَـــــڻَ ٿــــورا ڏِينھَنڙا.

    پاڪستان جي وجود سان سنڌ تي جيڪا ڪربلا برپا ڪئي وئي هئي ان ڪربلا جي ميدان جي سپاهين جي شهادتن جو انگ وڌندو رهي ٿو ... اڃان هڪ لاش تي ڳوڙها ڳاڙي بيهون ٿا ته ٻيو رت ۾ ريٽو ٿيل لاش ملي ٿو ... !!!

    اڄ لال لهوءَ جي سرگرم تي ٿي ڌرتي منهنجي رقص ڪري.

    اي شهيدو! اوهان ته پاڻ ملهائي ويا ... ان قوم لاءِ شهادتون ڏئي ويا آهيو جيڪي اڃان پاڻ کي سڃاڻي به نه سگهيا آهن، جيڪي لالچ ۽ لوڀ جي ڌٻڻ ۾ ڦاٿل ۽ ميرن پيرن جي پيرن جي خاڪ ٿي پاڻ ختم ڪري رهيا آهن ... جن جي اڪثريت کي اها خبر ئي ناهي ته سندن دشمن ڪير آهي ۽ سڄڻ ڪير آهي ..؟؟؟

    پر پوءِ به اي شهيدو !!! اوهانجي رت جو ريٽو رنگ هڪ ڏينهن قوم جي نجات جو سبب ٿيندو ۽ اوهانجي رت جا موتي قوم جي مقدر کي چمڪائي ڇڏيندا ... جيئن جيئن قوم جي نوجوانن جو رت ڌرتيءَ کي ريٽو ڪندو، تيئن تيئن قوم جو ستل مقدر جاڳي پوندو ...

    آءُ سنڌ جي سمورن شهيدن کي ٽوپي لاهي سر جهڪائي سلام ڏيانٿو. ۽ خبر ناهي ته وري ڪجهه ڏينهن اندر ڪير ۽ ڪٿي شهيد ٿيندو، شايد اسين سڀ رت جي ڪفن سان ملي قوم جي مقدر جا ترانا ڳايون ...!!!!
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  7. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,403
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    پهرين ته سڀ کان اول ته محمد قاسم چانڊيو جي شهادت جو مون کي تمام گهڻو ڏک ٿيو۔جنهن جو جيترو افسوس ڪجي اهو گهٽ آهي
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو