شهيد مظفر ڀٽو جي ورسي، قومپرست ۽ اڄوڪي هڙتال

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ معصوم سنڌي طرفان آندل موضوعَ ‏20 مئي 2013۔

  1. معصوم سنڌي

    معصوم سنڌي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏18 اپريل 2012
    تحريرون:
    690
    ورتل پسنديدگيون:
    1,769
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ڌنڌو:
    جرنلسٽ
    ماڳ:
    لياري ڪراچي
    شهيد مظفر ڀٽي جي پهرين ورسي جي مناسبت سان
    ``````````````````````````````````
    ”ڪو ڪيئن نه ڊوڙي مقتل ڏي،
    منصور نثار ٻرڙو
    سنڌ لا مظفر ڀٽو جهڙا ڪيئي جوڌا کڄي ۽ ڪسجي ويندا پر پو به کين سنڌ جي سار ۽ وري سنڌ کي انهن جي سار رهندي جنهن جو اندازو ان مان لڳائي سگهجي ٿو ته هڪ سال اڳ 22 مئي واري ڏهاڙي اسان کان جدا ڪيل مظفر ڄڻ ته اڄ به اسان ۾ موجود آهي، ڇو ته اڄ به مون کي اهي ڏينهن ياد اچن پيا جڏهن کيس ڪاريهرن کڻي وًڃي پنهنجن زهريلن ٽٻڻن ۾ بند ڪري ڇڏيو هو، جسمم جي مرڪزي اڳواڻ مظفر ڀٽو کي پهريون ڀيرو 2006ع ۾ کنڀيو ويو هو ۽ آزادي کان پو هو وري شيخ اياز جي هن شعر
    ”ڪو ڪيئن نه ڊوڙي مقتل ڏي،
    آ رَتَ ۾ خوشبو مينديءَ جي،
    ڪو ڪيئن نه موٽي زندان ڏي،
    ٿا زُلف ڇِڪن زنجيرن جا“
    جو عڪس بڻجي ويو ۽ ٻيهر کيس 24 فيبروري 2011 تي کنڀيو ويو جنهن کان پو سندس آزادي لا مون وانگر هر ماڻهو پنهنجي پنهنجي حصي جون ٿوريون گهڻيون ذميواريون مڙئي پئي نڀايون، پر شهيد جي وني ادي صائمه معصوم ٻچڙن سميت پاڻ به روڊن تي نڪري پئي هئي جڏهن ته ٻئي ڪنهن به حقيقت ۾ عملي طور مسلسل ثابت قدم رهي نه ڏيکاريو، سڀني بس ڄڻ ميار پئي لاٿي ڪڏهن ڪڏهن هڪ اڌ شهر ۾ مظاهرو ٿيو نه ته ماٺ.... پر سلام آهي ادي صائمه کي جنهن پنهنجي ور سنڌ جي بهادر فرزند کي موٽائڻ لا اسلام آباد تائين به تڪليفون برداشت ڪيون، هن سپريم ڪورٽ اڳيان به احتجاجي ڪئمپ لڳائي هئي پر چيف جسٽس کي سنڌ جي هي مظلوم نياڻي نظر ئي نه پئي آئي، ان کان علاوه جيڪڏهن اسان هنن انڌن گونگن ٻوڙن جي اڳيان روئڻ پٽڻ بدران جي پاڻ سڀئي گڏجي نڪري پئون هان ته مظفر ڀٽو شهيد نه ٿئي ها ڇو ته جڏهن به عام طور تي پنهنجي نگري مان ڪو کڄي (اغوا) ٿي ويندو آهي ته اسان ان جي ڳولا لا شهرن واهڻ وستين ۾ قرآن گهمائڻ کان ويندي هٿ پير هڻي ان کي ڪهڙي به طريقي سان موٽائي ايندا آهيون پو ڇو نه ان لا اسان کي لکين رپيا به ڏيڻا پون، پر اسان مظفر جي واپسي لا هڪ رپيو به نه لڳايو ۽ سڀني خبر هئڻ باوجود ته هو ٽارچر سيلن ۾ آهي پو به گڏجي اتي ته پهچڻ جي زحمت نه ڪئي نه ئي پنهنجي سگهاري آواز سان زندان جو ديوارون لوڏي سگهياسين، ڇو ته اسان کي اهو جو آسرو هو ته، آهي نه سندس پارٽي جنهن جي پليٽ فارم تان هو وڙهي رهيو آهي پر اهو نه سوچيوسين ته هُن جا جنگ جوٽي آهي اها آهي ڪنهن جيلا؟؟؟ ان کان علاهه پنهنجي پارٽي به سندس ڪيتري مالڪي ڪئي اها به ڪنهن کان ڳجهي ناهي! ڇو ته مان سندس آزادي لا ٿيندڙ جدوجهد جون خبرون ٺاهيون هيون جنهن موجب شهيد مظفر جي وني پنهنجن ٻارن سميت هميشه جدوجهد جي ميدان ۾ رهي پر پارٽي..... مان روزاني مظفر جي آزادي لا خبر ٺاهيندي اهو سوچيندو هيس ته ڪڏهن اهو ڏينهن ايندو جڏهن مظفر موٽندو ۽ هڪ ڏينهن اهو به آيو جڏهن مظفر جي موٽڻ جي خبر شيخ اياز جي هن شعر جي صورت ۾ ملي
    ”هيءَ جان ته اچڻي وڃڻي آ،
    پر مرندي مات نه مڃڻي آ“
    ان ڏينهن جي رپورٽ موجب 22 مئي تي رات جي رهزنن سنڌ جي سر مچار مظفر ڀٽو کي ٽارچر سيلن ۾ اذيتون ڏئي مات نه مڃڻ تي هن جو ساهه ڪڍي چچريل بدن لاش جي صورت ۾ حيدرآباد ويجهو هٽڙي با پاس جي روڊ تي ڦٽو ڪيو هو. جنهن ۾ شيخ اياز جي شعر عڪس چٽجي ٿو ته
    هن لال لَهوءَ جي سَرگم تي،
    ٿـي ڌرتي منهنجي رقص ڪَـــري،
    پر مظفر ڀٽو جيڪو اڄ به اسان کان اهو پڇي رهيو آهي ته ڇا ڪيو آهي اوهان منهنجي سنڌ لا؟ ڇاڪيو آهي منهنجي ماروئڙن جي لا؟ ڇا ڪيو آهي منهجي ڌرتي جي وسيلن جي مالڪي لا؟ ها هو اڄ به پڇي ٿو مان جي ويس راهه اجل تي ته اوهان به وساري ويٺا پنهنجي ذميوراري! جيڪا حقيقت به آهي جيئن مظفر کي شهادت تائين ڪنهن نه ڄاتو! پر پو به پاڻ اڃا غافل آهيون! ۽ مظفر جا ساٿي اڃا ويڇن ۾ آهن جن کي هجڻ گهرجي هڪ صف ۾، پر اهي نه ٿا ڏسن ته ڪيئي ڪسجن پيا روز مظفر، ڪيئي بڻجن پيا روز سميع الله، ڪيئي بڻجي ويا ليڊر پر سرائي قربان کهاوڙ، روپلو چولياڻي، نورالله تنيو ۽ ذوالفقار ڪولاچي نه بڻيو ڪو، انهن سڀني جا ته اسان پنهنجن ڪلهن تي لاش کڻي چڪا آهيون پر اڄ به ڪيترائي سنڌي نوجوان ڪارن ڪوٽن جا قيدي بڻيل آهن جت سندن مقدر رڳو تشدد ئي تشدد آهي. ڇو ته انهن جو اهو ڏوهه آهي ته هو سنڌ جي تاريخي حقن لا آواز بلند ڪن پيا جيڪو سنڌ دشمنن کان برداشت ڪو نه پيو ٿئي، جنهن ڪري جسمم تي پابندي به لڳائي وئي آهي جنهن ۾ هڪ نوٽيفڪيشن سان سمورن سنڌين کي دهشتگرد قرار ڏيڻ جي سازش ڪئي وئي آهي. واضح رهي تازو ئي جيڪي قومي ڪارڪن ٽارچر سيلن مان موٽي آيا آهن انهن جو اهو چوڻ آهي ته رياستي اهلڪار کنڀڻ کان پو ان ڪري ئي تشدد ڪندا آهن ته اوهان جدوجهد کان هٽي وڃو ۽ پنهنجي ان ليڊر جو پتو ٻڌايو جنهن کي حڪومت روپوش ڄاڻائي مٿس وڏو انعام رکيو آهي پر انهن ڏاڍن کي اها خبر ناهي هوندي ته اوهان جن کي کڻي آيا آهيو اهي ڪي وڏا ليڊر نه آهن اهي ته سنڌ جو هڪ آواز آهن جن کي ڪڏهن به ماٺو نه ٿو ڪري سگهجي جيسين سنڌ آهي تيستائين اهي ائين ئي ڪردار ادا ڪندا رهندا پو ڀلي انهن کي لاش ئي ڇو نه بڻايو وڃي پر مون کي افسوس انهن تي ٿئي ٿو جيڪي پارٽين جا ليڊر آهن مطلب هڪ ڌڻ جا ڌنار آهن پر انهن کي اها به خبر ناهي ته سندن پارٽين جا ڪيترا ڪارڪن کنڀي گم ڪيا ويا آهن ۽ گم ته ٿيا آهن پر انهن کي موٽائڻو به آهي يا نه؟ ان ڳالهه کان به ليڊر غافل ئي غافل آهن. جنهن ڪري انهن جوڌن جي واپسي لا پو رڳو وارٽ ئي واٽن تي رلندا ئي رهن ٿا..... پر هاڻي ته گڏجي اٿڻ گهرجي، جسمم چيئرمين شفيع برفت 2 ڏينهن اڳ ئي ايس ٽي پي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي، جئيي سنڌ قومي محاذ جي چيئرمين شهيد بشير قريشي جي فرزند صنعان قريشي، ڊاڪٽر عبدالواحد آريسر، ايس يو پي سربراهه جلال شاهه، سنڌ نيشنل موومينٽ ليڊر علي حسن چانڊيو، جيئي سنڌ جي مختلف ڌڙن جي چيئرمينن سرور سهتي، رياض چانڊيي ۽ زين شاهه سميت سڀني کي هڪ ئي پارٽي جوڙڻ جو سڏ ڏئي چڪو آهي جنهن تي فورن ئي عمل ٿيڻ گهرجي ٻئي طرف اڄ جڏهن اليڪشن ۾ ڌانڌلين خلاف فنڪشنل ليگ جي سڏ تي سڄي سنڌ ۾ هڙتال ڪئي پئي وڃي انهي دوران سنڌ جي شهيدن کي به نه وساريو وڃي خاص طور اڄ جڏهن شهيد مظفر ڀٽو جي ورسي ملهائي پئي وڃي ته انهي جي ناحق خون خلاف سگهارو آواز اٿارڻ گهرجي، جنهن سان اليڪشن ۾ هارايل قومپرستن جو پنهنجو به ڀلو ٿيندو. ڇو ته سنڌ گهري ٿي مظفر ڀٽو، سرائي قربان کهاوڙ، نورالله تنيو، روپلو چولياڻي، نذير عباسي، بشير قريشي، راجا ڏاهر، سميع ڪلهوڙو سميت سمورن سنڌ جي شهيدن جي خونن سان انصاف..........۽ سنڌي قوم کي به هاڻي فيصلو ڪرڻو پوندو ته هيمشه جيان ليڊرن جي آسري تي لڳي ٿي يا پاڻ پنهنجي وس آهر پنهنجن پيارن خاطر هڪ آواز ٿي اٿندي.......آخر ۾ شهيدن کي ڀيٽا طور شيخ اياز جو شعر
    ”مون ڪاتيءَ هيٺان ڪنڌ ڏِٺا،
    مون ساڻا ساڻا سَنڌَ ڏٺا،مون ڇا ڇا مائيءَ لال ڏٺا،
    جي لوئيءَ لڄ بچائي ويا“
    Mansoornisar786@gmail.com
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو