• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سون ساريڪـــــا هٿڙا، ڪــــوه نه ڪتئيــن رڏ،

نثارابڙو

نائب منتظم
توجهه، ڌيان ۽ غور و فڪر سان انسان ڪيترائي حيرانڪن ڪم سر انجام ڏئي سگهي ٿو ... هي وڊيو به ان فڪر جي وڪالت جو هڪ چٽو ثبوت آهي ...

لطيف سڳوري چيو هو ته؛

سون ساريڪـــــا هٿڙا، ڪــوه نه ڪتئيــن رڏ،
ويهي ڪنـڊ ڪاپو ڪر، گهتـون گهويون ڇڏ،
ته صــــرافاڻي ســــڏ، مرڪيـــــو هوند مٽـــائين.

معنيٰ
اي بيڪار نڪمي! ، تنهنجا هٿ سون جهڙا آهن، هڪ هنڌ ڌيان ڪري پورهيو ڪر، گهتون ۽ گهويون ڇڏي ڏي، ته صراف وٽ قيمتي شئي سان خوش ٿيندي بدلو حاصل ڪري سگهين.

عربي ٻوليءَ ۾ صراف جي معنيٰ آهي مٽائي ڏيڻ وارو ... مٽا سٽا ڪرڻ وارو​

پاڻ ڏسو ...!!!​
 
واه واه سائين ، ڪرتب ڪرڻ واري جو ڇا ته ڪمال هيو ، پر ڀاءُ اوهان هر ونڊ انتهائي بهترين هوندي آهي ، سدائين خوش ۽ آباد هجو ، سڄي سنگت سان گڏ زنده آباد هجو ، ماشاءِالله
 
Back
Top