ڪاڪي آچار جي گهر مهمان اچي ويا۔۔۔۔ هاڻي صفا گڻنگ رات لڳي پئي هئي، ڪاڪي آچار جي گهر ۾ کٽون ئي ٻه، اوطاق تي به ٻه کٽون جن تي همون ۽ رنجيت لانگ ورائي ڦڙهه لڳا ستا پيا هئا۔۔۔ هاڻي ڇا ڪجي۔۔ ڪاڪي کي هيڏي ساري ڳوٺ ۾ ٻئي ڪنهن جو آسرو ته هو ڪونه سو بسم الله ڪري فقير جي گهران کٽ کڻڻ لاءِ نڪتو، فقير جي گهر ٻاهران پڄي ٻه ٽي سڏ ڪيائين۔۔۔ فقير اکيون مهٽيندو نڪري آيو۔۔ ؟ ڪاڪا ڏي خبر ايڏي رات جو؟ خير ته آهي۔۔؟ ها با خير آهي، خير آهي۔۔ يار هو مهمانڙا اچي ويا آهن سو مڙئي هڪ رات لاءِ کٽ پئي کپيم سو توکي عرض ڪرڻ آيس ته ٻيلي هڪ کٽ ڏي ۔۔۔ مڙئي هڪ رات لاءِ ۔۔ صبح جو موٽائي ڏيندومانءِ۔۔۔ فقير چيوۡ: ڪاڪا ڪهڙي ڳالهه ٿو ڪرين۔۔ اسان وٽ ڪٿان آيون کٽون؟؟؟ ڪاڪوۡ: يار مڙئي ٽل سل ڪري ڏي۔۔ فقير۔۔۔ ڪاڪا ! خبر به اٿئي ته گهر ۾ ڪل کٽون ئي ٻه آهن۔۔۔ هڪ ته بابا ۽ مان سمهندا آهيون ۽ ٻي کٽ تي امڙ ۽ مون واري فقيرياڻي سمهندي آهي۔۔ ڪاڪي ڪلهي تي بوڇڻ لوڏيندي چيو۔۔۔: بابلا ! کٽ نه ڏيو ته نه سهي ۔۔۔ پر يار سمهو ته فضيلت سان۔۔۔