عقلمند انسان جڏهن به ڪو خاص اهم ڪندو آهي ته ان مسئلي تي گهڻو غور و فڪر ڪندو آهي، دل ۽ دماغ سان سوچيندو آهي۔ حالتن جو جائزو وٺندو آهي، دليل ۽ منطق کي خوب استعمال ڪندو آهي، ڪاٽو ۽ واڌو ٻئي پاسا کي ڀيٽيندو آهي، پنهنجي والدين کان ڀائرن ڀينرن سان صلاح مشورو ڪندو آهي ۽ آخر ۾ اهوئي ڪندو آهي جو ان جي زال چوندي آهي۔