فقير بخت شر
سينيئر رڪن
دوستو هن محفل ۾ اهڙا به جوڳي آهن جن جي مرلين سان نانگ ته ڇا پر فقير به نچيو پون ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ دوستو هي محفل حقيقت ۾ گلن جي محفل آهي جنهن ۾ فقير جهڙن ڪنڊن جو هجھڻ به ضروري آهي۔۔۔۔۔۔۔ دوستو ! فقير به انهن ئي جوڳين جي مرلين جي ور چڙهي ويو آهي جو سڄو ڏينهن پيو سنڌ سلامت لاءِ سوچيندو آهي ۽ هر پل اها ئي دعا هوندي اٿس ته خدايا سنڌ کي سدائين سلامت رکجانءِ ۔۔۔۔۔۔ دوستو! فقير هن وقت تمام مصروف آهي انهيءَ ڪري فورم تي تمام گهٽ ٿو نظر اچي ليڪن جڏهن به موقعو ملندو آهي ته فقير حاضر ٿيندو آهي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ دوستو ! فقير جي دير تي توهان به درگذر ڪجو خاص ڪري ڀائو نثار ابڙو ڇو ته ڀائو نثار اسان جي طبيعت جو ٿو لڳي باقي هونئن ته سڀ دوست اسان جي سر جا سائين آهن باقي وڏو فقير ته لڳي ٿو اسان سان ڪاوڙيل نظر ٿو اچي ادا پوءِ صحيح چوندا آهن ته فقير ، فقير کي نه سهي !!!
HaqMojood
HaqMojood