شهيد غزالا بتول کي سندس ورسيءَ تي ڀيٽا

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏22 مئي 2013۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]

    شهيد غزالا بتول کي ڀيٽا
    سليمان وساڻ

    مونکي چٽي طرح ياد آهي ته انهن ڏينهن ۾ سنڌ جي وحدانيت خلاف ڳالهيون ڪرڻ ۽ مهاجر صوبي جي تحريڪ زورن تي هئي. ان تحريڪ ۾ سنڌ ۽ وفاق ۾ شامل ۽ ڪراچي جي شهري حڪومت جي ڪرتا ڌرتا تنظيم ايم ڪيو ايم جي مڪمل پٺڀرائي هئي. ان جو ثبوت ان وقت ديوارن تي لکيل نعرا هيا جيڪي شهري حڪومت جي گاڏين ۾ چڙهي لکيا ويا هئا. ان تحريڪ جي مخالفت ۾ سنڌ جي ماڻهن ۾ سخت نفرت هئي ۽ اهڙي وقت ۾ 22 مئي 2012 تي عوامي تحريڪ ۽ ٻين پارٽين گڏجي تحرير اسڪوائر مصر سان ڀيٽجندڙ لياري جي چيل چوڪ کان محبتِ سنڌ جي نالي سان هڪ ريلي ڪڍڻ جو پروگرام ترتيب ڏنو هو جنهن کي پريس ڪلب تي پهچڻو هو. ان ريلي ۾ سنڌي، بلوچ، ڪڇي ۽ لاسي سڀ هئا، سڀني جي زبان تي جيئي سنڌ ۽ سنڌ جي وحدانيت جا نعرا هئا۔ ان ڏينهن آرٽس ڪائونسل ۾ سنڌ فنڪار ويلفيئر ٽرسٽ جي گڏجاڻي به رکيل هئي ۽ مان اهو پروگرام جوڙيو هو ته آرٽس ڪائونسل مان ٿيندو پريس ڪلب پهچي ريلي ۾ شرڪت ڪندس. اهڙو اظهار مان گلشن حديد ۾ رهندڙ دوست آصف علي جهتيال سان فون تي به ڪيو کيس پريس ڪلب تي ملڻ جو چيو. مان اڃان صدر پهتو هيس ته موبائل تي ميسيج اچڻ لڳا ته ريلي تي فائرنگ ٿي آهي ۽ ڪجهه شهادتون به ٿيون آهن. هاڻي ٽريفڪ بري طرح جام ٿي چڪي هئي ۽ واپس ورڻ به ڏکيو هيو. تنهنڪري آرٽس ڪائونسل وڃڻ ۾ ئي بهتري سمجهيم. اتي ئي آصف جهتيال سان ٻيهر فون تي رابطو ڪيم ۽ گهر به فون ڪري پڇا ڪيم. خبر پئي ته بولٽن مارڪيٽ واري علائقي ۾ ريلي تي فائرنگ ٿي آهي.

    ان ريلي ۾ سنڌ جي هڪ اهڙي نياڻي به شامل هئي جيڪا پي آء اي ۾ ايڊورٽائيزنگ آفيسر هئي ۽ سندس رڳ رڳ ۾ سنڌ امڙ جو خون سمايل هو۔ هوء جيڪا سنڌ سان پيار ڪندڙ هئي ۽ سنڌ تان فدا ٿيڻ جون ڳالهيون ڪندي هئي۔ 11 مارچ 1969ع ۾ دادو ضلعي جي علمي ۽ ادبي شهر پاٽ شريف ۾ جنم وٺندڙ سنڌ جي هن بهادر نياڻيءَ شهيد غزالا بتول صديقي سان منهنجي ڪا ويجهڙائپ ته ڪانه هئي پر ٻوڏ متاثرين لاء سچل ڳوٺ ۽ ڀرپاسي ۾ جيڪي ڪيمپون لڳيون هيون انهن ۾ هن اڳتي وڌي ڪم ڪيو هو۔ پي آئي اي ۾ رهندي هن سنڌي اخبارن ۽ رسالن کي اشتهار ڏيڻ ۾ به خاص مدد ڪئي۔ هوء گهڻو سوشل ۽ قومي سوچ جي مالڪ هئي۔ پاٽ شريف ۾ جنم وٺندڙ غزاله جي شادي مظهر زرداري سان ٿيل هئي جيڪو به پي آء اي ۾ آفيسر آهي ۽ کيس چار ٻار هئا جن ۾ هڪ ننڍو پُٽ ته اڃان ستن مهينن جو مس هئس۔ هوء جلد اٽلي وڃڻ واري هئي ۽ کيس صرف ويزا جو انتظار هو ڇو ته سندس ور جي پوسٽنگ پي آء اي جي اٽلي واري آفيس ۾ آهي۔ سندس ڀاء شهاب صديقي اسان جو دوست ۽ سئي گيس ۾ اسان جي آفيسر ايسوسيئيشن جو جنرل سيڪريٽري ۽ سماجي ورڪر آهي۔ غزالا بتول صديقي 1984ع ۾ اين جي وي اسڪول مان مئٽرڪ پاس ڪئي ۽ انٽر زبيده ڪاليج حيدرآباد مان پاس ڪئي. ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ هن ڊبل ايم اي ڪئي، هڪ ماس ڪميونيڪيشن ۽ ٻي انٽرنيشنل رليشن ۾.

    ان ڏينهن هوء ريلي ۾ شامل ٿي ۽ ان دوران هن ڪي ٽي اين تي به پنهنجا تاثرات ڏنا ۽ چيو ته جيڪو به ماڻهو سنڌ تي ميري اک رکندو ، سنڌ جا پُٽ ته هن تي پوء وار ڪندا، سڀ کان پهرين ان جون ڌيئون ان تي وار ڪنديون۔ ۽ ها پوء سڀني ڏٺو ته هوء نه ته پُٺ ڏئي ڀڳي ۽ نه وري ڊني پر مقابلو ڪندي شهيد ٿي۔ چون ٿا ته هوء عورتن جي اڳواڻي ڪندي جڏهن اڳتي وڌي رهي هئي ته مٿان فليٽن مان ۽ سامهون کان ڪجهه ماڻهن فائرنگ ڪئي ته هن ٻين عورتن کي پويان ڪندي پاڻ اڳيان ٿي بيٺي ۽ فساد ڪندڙن کي پڪڙڻ جي ڪوشش ڪئي۔ جڏهن فائرنگ وڌڻ لڳي ته هن اتي بيٺل پوليس واري کي چيو ته شر پسندن تي فائرنگ ڪيو، ان تي پوليس واري کيس جواب ڏنو ته مونکي اهي اختيار ناهن۔ ان تي شهيد غزاله پوليس واري کان بندوق کسي پاڻ فائرنگ ڪندي چيو ته اسان وٽ ته اختيار آهن ۔۔۔۔۔ پوء هڪ گولي سندس مٿي ۾ لڳي ۽ مٿان کان هڪ پٿر به اچي کيس لڳو ۔ جنهن سبب هن جام شهادت نصيب ڪندي ڌرتيء جو قرض چڪايو۔ هزارين آلين اکين سان سندس اسٽيل ٽائون قبرستان ۾ تدفين ڪئي وئي۔

    اسان شهيد غزالا بتول کي سندس ورسيءَ ڏينهن سرخ سلام پيش ڪيون ٿا ۽ ساڳي وقت شرمنده پڻ آهيون ته سندس قاتلن خلاف اسان ڪجهه ڪونه ڪري سگهيا آهيون۔
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏22 مئي 2015
  2. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    سرخ سلام ڀيڻ غزاله بتول کي ...

    تون ياد وري آئين تون ياد وري آئين۔

    ڪاش سندس ڏنل قرباني جو ڪو قدر ٿئي ۽ سنڌي قوم پنهنجن دشمنن کي سڃاڻي پنهنجي ڌرتيءَ جي وارثي ڪري سگهي.

    اسانجي سنڌ جي شهيد ڀيڻ کي الله تعالا جنت ۾ اعلا مقام عطا ڪري ۔۔۔ آمين
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    اڄوڪي سڪار ۾ ڇپيل ساڳيو مضمون

    [​IMG]
     
  4. رسول بخش جوڻيجو

    رسول بخش جوڻيجو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏2 ڊسمبر 2011
    تحريرون:
    157
    ورتل پسنديدگيون:
    245
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    413
    ماڳ:
    مارئي جو ديس ٿر
  5. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي

هن صفحي کي مشهور ڪريو