پراڻي ڳالهه آهي جڏهن روزاني ڪاليج وڃڻ لاءِ درياء خان جمالي جي بس جنهن کي اسان قرب ۾ درياء خان ئي چونداهئاسين تي سوار ٿي ڪاليج ويندا هئاسين ڊگري ڪاليج دادو منهنجي ڳوٺ کان 40 ڪلوميٽر پري هيو ۔۔۔۔ اچڻ ۽ وڃڻ لاءِ هن بس جو بلڪل درست وقت رکيل هو۔۔۔۔ مهيني جي پاس ٺهرائي ڇڏيندا هئاسين جو هڪ ته اڌ ڪرايو معاف ٿي ويندو هو ٻيو ته مائٽن طرفان مليل سموري مهيني جي رقم جلدي ختم ٿيڻ جو ڊپ هوندو هو۔۔۔
ڊرائيور سان روز روز ملي دعا سلام ٿي وئي هئي۔۔۔ ان ڪري پنهنجي ڀرسان منهنجي لاءِ جڳهه رکي ڇڏيندو هو۔۔۔ هر روز وانگر هڪ ڏينهن جڏهن اسان جي بس دادو لاءِ رواني ٿي ته رستي تي هڪ همراه وچ روڊ تي بيهي بس کي بيهاريو ۽ دروازي کان چڙهندي ئي هڪ ٿلهي آواز سان چيائين ”دلاور خان ويهندو ۔۔۔۔ پر پئسا ڪون ڏيندو۔۔۔“ مون همراه کي تڪيو ۔۔۔۔ 6 فٽ قد ۔۔۔ مضبوط ٻانهن سان همراه پهلوان پئي لڳو۔۔۔ همراه کي ڏسندي ئي مون کي پڪ ٿي ته کيس ڪو به نه ڇيڙيندو۔۔۔۔ ۽ ائين ئي ٿيو۔۔۔ کائنس ڪرايو وٺن جي جرات منڇي نه ڪئي۔۔۔۔
ٻئي ڏينهن ساڳي ئي جڳهه تان همراه ٻيهر چڙهيو ۽ چڙهندي ئي ساڳي رڙ ڪئي۔۔۔۔”دلاور خان ويهندو ۔۔۔ پر پئسا ڪونه ڏيندو۔۔۔“ هن چڪر به کائنس ڪنهن ڪرايو وٺڻ جي جرات نه ڪئي۔۔۔۔ ان کان پوءِ مون هر روز ان همراه کي ساڳيو جملو بس ۾ چڙهندي ۽ ادا ڪندي ٻڌو ۽ هر دفعي وانگر ڪنهن به کائنس ڪرايو وٺڻ جي جرات نه ڪئي۔۔۔
اهڙي صورتحال ڏسي ڊرائيور جون ننڊون ئي حرام ٿي ويون۔۔۔۔ ان همراه جي ڪري کيس ڊپ هو ته ڪو ٻيو به ائين نه ڪري وجهي ۔۔۔ ۽ سندس ڊڄندڙ طبيعت کيس بيروزگار نه ڪري وجهي۔۔۔
آخرڪار ڊرائيور مون کان دادو شهر ۾ باڊي بلڊنگ ڪورس ڪرائڻ جي اداري بابت پڇيو مون کيس ڏس ڏنو۔۔۔۔ ۽ مون کي محسوس ٿيو ته ڊرائيور ڏينهون ڏينهن پنهنجي جسامت کي مضبوط ڪري رهيو هو۔۔۔ ۽ سندس جي طبيعت ۾ پڻ اعتماد وڌندي پئي ويو ۔۔۔۔ کائنس پڇا ڪرڻ تي هن ٻڌايو ته ۔۔۔ دلاور خان کي سيکت ڏيڻ لاءِ هو روزانو رات جو باڊي بلڊنگ ۽ جوڊو ڪراٽي جو ڪورس ڪري رهيو آهي۔۔۔
مهيني کان پوءِ هڪ ڏينهن منهنجي اڳيان اهو منظر اچي ئي ويو۔۔۔ جنهن لاءِ مان روز سوچيندو هيم۔۔۔۔
سومر ڏينهن جڏهن هفتي جو پهريون ڏينهن هو ۽ دلاور خان پنهنجي جملي کي ادا ڪندي بس ۾ چڙهيو۔۔۔ ته هن دفعي ڊرائيور کان رهيو نه ويو ۽ بس روڪي ۔۔ ٻانهون مٿي ڪندي هي دلاور خان ڏانهن وڌيو ۽ چيائين ۔۔۔۔ ”اڙي ڇو۔۔۔! تون ڪرايو ڇونه ڏيندي۔۔۔؟“
دلاور خان جو جواب ٻڌي مان حيران ٿي ويس۔۔۔۔ ۔۔۔”ڇو ته مون کي پوري مهيني جي پاس ٺهيل آهي۔۔۔“ هن کيسي مان هڪ ڪاڳر ٻاهر ڪڍندي چيو۔۔۔۔
سبق: سڀ کان پهريان مسئلي کي سمجهو۔۔۔ سمجهڻ کان اڳ ئي ڪو ڏکيو حل نه ڪڍو۔۔۔۔