منظور ڪلهوڙو
سينيئر رڪن
دنيا جي لاهين چاڙهين ۾ جتي اسان پنهنجي ڪرتا ۾ لڳي ويا آهيون اتي ڪي يادون اهڙيون هونديون آهن جن کي ساريندي اڄ به اکين منجهه لُڙڪ تري ايندا آهن، اُها يادن جي سُڳنڌ لونِ لون کي مهڪائي وجهندي آهي ۽ کن پل لا پنهنجو سموريون مصروفيتون خبر ناهه ڪيڏانهن اُڏامي وينديون آهن،۽ ٿيڻ به ائين گهرجي رُڳو پاڻ کي مصروفيتن جي حوالي ڪري پنهنجي زندگي کي ڦِڪو نه بڻائجي، ڪڏهن ڪڏهن پنهنجي يادن سان سلهاڙيل اُها شاعري، اهُو ناول، اُها ڪهاڻي، اُهو ڪلام يا موسيقي کي ٻڌڻ ، پڙهڻ گهرجي ته جئين زندگي جي جاکوڙ ۾ پنهنجي وجود کي يادن جو ڦوهارو ڏئي پاڻ کي نئون بنو ڪيون، ۽ پو يادن جي گڏجي پوڻ سان ڪا مُرڪ، يا ٽهڪ، يا ڪو لُڙڪ وهي پوڻ سان ساهه ۾ تازگي اچي ويندي جنهن سان اهو پل خوشگوار بڻجي سگهي ٿو، ۽ اهڙي ريت اسان پنهنجي مصروف زندگي پُرسڪون گهاري سگهون ٿا۔
هيٺيان هي ٻه گيت ته منهنجي زندگي جي خوشگوار يادن سان سلهاڙيل آهن، جڏهن به ٻڌندو آهيان ته اڄ به پاڻ کي 16 سالن جي ان عمر ۾ پاڻ کي گُم ڪري ڇڏيندو آهيان، ۽ اها ڳالهه ڳوٺ ۾ گهاريل هر ڪنهن 16 سالن جي ڇوڪرو ئي وڌيڪ ڄاڻي سگهي ٿو۔ هيٺيان ٻه گيت سنڌ سلامت جي سڀني عاشقن جي نانُو ڪيان ٿو۔۔

حُسن کي پوڄي وٺو۔۔
ڪون بچسان درد تيڏي وچ رو رو مر ويسان