اڄوڪي ڏينهن 23 مئي تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون جنم ڏينهن: 23 مئي 1577ع مذهبي اسڪالر ابو محمد هالائي جي پيدائش جو ڏينهن آهي.23 مئي 1902ع ليکڪ عبدالله چنا (زينت چنا جو مڙس) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.23 مئي 1923ع اسٽيج ڊائريڪٽر ناٿن راج پنٽو (خيرپور / هندستان) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.23 مئي 1935ع شاعر غلام حيدر ”حيدر“ جو جنم ڏينهن آهي.23 مئي 1951ع ليکڪ ۽ اسٽيج ڊائريڪٽر هريش ڪاڪواڻي (اجمير) جو جنم ڏينهن آهي.23 مئي 1955ع گلوڪار ڪمليش گنگواڻي (دهلي) جو جنم ڏينهن آهي. وڇوڙو: 23 مئي 1902ع ليکڪ آخوند لطف الله لاڏاڻو ڪري ويو.23 مئي 1974ع سياستدان مولوي نذير حسين جتوئي (لاڙڪاڻو) جو انتقال ٿيو._______ اڄوڪي ڏينهن 23 مئي جا ڪجهه اهم واقعا ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ ۽ ڪاوش جي مهربانين سان_______