• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

اپينڊيڪس ڇا آهي...؟

رشيد سمون

Founder
انتظامي رڪن
منتظمِ اعلى
575700_585006474854522_784148700_n.jpg

اپينڊيڪس دراصل پيٽ جي ساڄي پاسي هڪ ننڍو فالتو آنڊو آهي جيڪو عام طور بند هوندو آهي.. پر ڪڏهن ڪڏهن هن ۾ کاڌو جمع ٿي سخت ٿي ويندو آهي... جيڪڏهن هن جو تڪڙو علاج نه ڪيو وڃي ته هي ڦاٽي سگهو ٿو.. جنهن ڪري موت به ٿي سگهو ٿو..
نبي پاڪ صلي الله عليه والسلم جن جو ارشادِ مبارڪ آهي ساڄي ٽنگ اڀي ڪري ۽ کاٻي ٽنگ کي کوڙي ڪري کاڌو کائو...
سائنسدان ٻڌايل ارشاد تي ريسرچ ڪرڻ کان پوء ان نتيجي تي پهتي آهي ته نبي پاڪ صلي الله عليه والسلم جي سنت تي پيروي ڪجي ته کاڌو کائڻ دوران اپينڊيڪس آنڊو دٻجي ويندو آهي... جنهن ڪري اها بيماري نه ٿي لڳي...

(فيس بوڪ تان ورتل)
 
اپيندڪس کي فالتو آنڊو نه چئجي ته بهتر ٿيندو۔ هي ڪڏهن به بند نه هوندو آهي خدانخواسته اگر بند ٿي وڃي ته تمام گهڻا مسئلا ٿي وڃن ٿا۔ ايتري قدر جو ايمرجنسي ۾ آپريشن ڪرڻ جي به ضرورت پئجي ويندي آهي۔
اپيندڪس ۾ کاڌو سخت ناهي ٿيندو ۽ ني ئي اهو اپيندڪس جي بيماري جو اهم ڪارڻ آهي۔
 
اپيندڪس کي فالتو آنڊو نه چئجي ته بهتر ٿيندو۔ هي ڪڏهن به بند نه هوندو آهي خدانخواسته اگر بند ٿي وڃي ته تمام گهڻا مسئلا ٿي وڃن ٿا۔ ايتري قدر جو ايمرجنسي ۾ آپريشن ڪرڻ جي به ضرورت پئجي ويندي آهي۔
اپيندڪس ۾ کاڌو سخت ناهي ٿيندو ۽ ني ئي اهو اپيندڪس جي بيماري جو اهم ڪارڻ آهي۔

سائين جيڪڏهن اوهان وٽ ڪا تفصيلي معلومات آهي ان بابت ته ونڊ ڪيو۔۔باقي حديث مبارڪ جي ڳالهه ته ۔۔سبحان الله
 
جي بلڪل ادا منظور۔۔۔اپيندڪس ۽ ان سان لاڳاپيل بيمارين جي بنيادي معلومات هڪ ٻن ڏينهن ۾ ونڊ ڪندس۔۔انشاالله۔
 
اپينڊڪس ڇا هوندي آهي؟


اپينڊڪس هڪ ايڪسٽرا ( اضعافي) آنت هوندي آهي ، جيڪا عمومن بند هوندي آهي پر ڪڏهن ڪڏهن ان ۾ ماني گڏ ٿئي ڪري سخت ٿئي ويندو آهي ،تڏهن ان آنت کي نه ڪڍيو ويندو ته اها ڦاٽي به سگهي ٿئي جنهن جي ڪري موت واقع ٿئي سگهي ٿو. اها آنت پيٽ ۾ ساڄي پاسي هوندي آهي. ماني کائڻ وقت ساڄي ٽنگ آڀي ڪري ۽ کاٻي ٽنگ کي سمهاري کائڻ سنت نبوي مان ثابت آهي ته ان طريقي سان اپينڊڪس دٻجي ويندي آهي ۽ ان ۾ ماني جو ذروه به نه ويندو آهي ، انهڪري ڪڏهن به اپينڊڪس جو سور نه ٿيندو آهي.
سنت نبويء صلي الله عليه وسلم جن تي عمل ڪيو ان ۾ دنيا ۽ آخرت جو فائدو ئي فائدو آهي.
431928_628036687226196_114697157_n.jpg
 
توهان تمام بهترين معلومات شيئر ڪئي آهي اڪثر اسان ان بيماري جي باري ۾ ٻڌندا هئاسين پر خبر ڪو نه هوندي هئي پر اڄ ان سوال جو جواب ملي ويو
 
Back
Top