هڪ ملڪ جي بادشاهه جا ٻه پٽ هئا، جن کي پڙهائڻ ۽ اخلاق جا گُر سکائڻ لاءِ بادشاهه ملڪ جي مشهور عالم وٽ موڪليو. ڪجهه عرصو پنهنجي پٽن کي سکيا ڏيارڻ کان پوءِ بادشاهه ان عالم کي چيو ته مان پنهنجي هن پوري بادشاهت جو وارث انهن ٻنهي شهزادن مان انهيءَ کي ڪندس جنهن وٽ عقل، فيصلي ۽ حالات جي مشاهدي جي سگهه وڌيڪ هوندي.. اهو ٻڌي عالم بادشاهه کي چيو ته اها هاڻي ئي خبر پئجي ويندي. ان کان پوءِ عالم ڪجهه دير لاءِ ٻنهي شهزادن کي بادشاهه سان ملايو ۽ وري انهن کي چيائين توهان هاڻي ٻاهر وڃو ۽ ڪجهه دير بعد اچجو. شهزادن جي وڃڻ کان بعد عالم ٻنهيءَ جي ويهڻ واري جڳهه (مسند) جي هيٺان ڪجهه رکيو ۽ بادشاهه کي چيائين توهان هاڻي منظر جو مشاهدو فرمائجو. عالم ٻنهي شهزادن کي سڏ ڪيو، ٻئي پنهنجي پنهنجي جڳهه تي اچي ويٺا. هڪ شهزادو ته چپ چاپ ويهي رهيو پر ٻيو پنهنجي آس پاس جي منظر کي غور سان ڏسڻ لڳو. عالم ان شهزادي کان پڇيو “ توکي ڪو فرق محسوس ٿي رهيو آهي.” شهزادي فرمايو : “بلڪل استاد محترم.. مونکي ايئن ٿو لڳي، ڄڻ يا ته آس پاس جي جڳهه ڪجهه هيٺ ٿي وئي آهي يا مان ڪجهه مٿي ٿي ويو آهيان.” ساڳي ڳالهه عالم ٻئي شهزادي کان پڇي، انهيءَ وراڻيو: “نه سائين مونکي ڪو فرق محسوس نه ٿو ٿئي” عالم اهو ٻڌي ڪجهه دير کان بعد انهن کي وري ٻاهر موڪليو. هاڻي عالم ٻنهيءَ جي ويهڻ واري جڳهه تان ڪپڙي کي هٽايو.. جنهن شهزادي آس پاس بابت تشويش ظاهر ڪئي ان جي مسند جي هيٺان صرف هڪ ننڍو ڪاغذ جو ٽڪرو هو. ۽ جنهن شهزادي ڪا ڳڻتي نه ڏيکاري ان جي مسند جي هيٺان هڪ سرَ رکيل هئي..... بادشاهه ان ڳالهه مان سمجهي ويو ته سندس ڪهڙو پٽ هوشيار آهي۔ مقصد: هوشيار ماڻهو پنهنجي آس پاس جي ماحول کان آگاهه رهندو آهي، ٿوري تبديلي به کيس محسوس ٿي ويندي آهي۔۔ ٻين لفظن ۾ اسان ان کي تيز مشاهدي وارو يا الرٽ مائنڊ ماڻهو چئي سگهون ٿا۔
جواب: مشاهدو واه مست واه۔ اسان ته اصلي ڀوڪ بصر جو ٽرين ۾ لگيج ڪمپارٽمينٽ ۾ به پٽ تي ڪاغذ جو ٽڪر وڇائي ان تي ويهي رهندا آهيون۔ ڪير ڇا پيو ڪري يا ڇا ٿي رهيو آهي ان جو اسان تي ڪو فرق ڪونه پوندو آهي۔ بس پنهنجي حال ۾ مست، مست صفا تو وانگر، مست هون اسان پنهنجي مستي ۾ ڇا وڃي اسان جو زماني سان سر لڳي پنهنجو مئخاني سان۔ اصلي ڪمال ڪري ڇڏي هاڻي لڳي ٿو اکيون کولي هلڻو پوندو
جواب: مشاهدو تمام سٺو ونڊ آهي ... دوست مست جون مهربانيون، هي دوست به هاڻ ادي رشيد جون سڪون لاهڻ لڳو آهي ... ڏاهن جون ڳالهيون به ڏاهپ واريون ... انتهائي سبق آموز ليک آهي ...
جواب: مشاهدو ادا منهنجي مستي کي ڇڏ تون ٻڌاءِ ڪٿي گم آهين۔۔۔ ڀلا گوئيون ڊگهيون ٿينديون پيون وڃن۔۔۔ ؟؟؟؟ ايئن نه ڪر ٻيلي، خبر به اٿئي دوست آهين پر ڀائرن وانگر آهين۔۔ توسان نه ڳالهائيندا آهيون ته دل دماغ جي چارجنگ نه ٿيندي آهي۔۔asul matt
جواب: مشاهدو نه جاني اهڙي ڳالهه ڪونهي، توسان ته اصلي پراڻو پڳ مٽ يار آهين. ڇا ڪريون ير اڄ ڪالهه ڪم ڪجهه وڌيڪ مليل آهن. ٻيو ته وري سڄو ڏينهن انٽرنيٽ وارو ڪمپيوٽر واندو ئي ڪونه ٿو ملي جو نيٽ هلائي سگهان. بس ان ڪري جاني اڄ ڪالهه اوطاق تي گهٽ ٿو اچان. باقي اوطاقي ته دل ۾ وسايل آهن. حُقي مان ڀڻڪا ڪڍڻ ڪيئن ٿو وساري سگهان. جاني بس ڪهڙا ويهي توسان سور سليان. دل ۾ درد ايترا هن، جنهن جو ڪوئي اندازو ڪونهي. دل کي کولي ڪيئن ڏيکاريان دل جو ڪوئي دروازو ڪونهي. مون ڪيا سڏ ڪي ئي هتڙي انسانيت جي کاهيءَ ۾، پر افسوس! منهنجي ڪوڪ جو ڪوئي پراڏو ڪونهي.
جواب: مشاهدو ادا سنگتي توتي يقين آهي پر جاني اڄ وري مون سان به مسئلو ٿي پيو۔۔۔ دڪان واري فون جي تار جو ڪنيڪشن هوا جي ڪري ڪٽجي ويو آهي۔۔ لائن مين بهانا ڪري نه آيو۔ هاڻي سڀاڻي آچر۔۔ گهر واري ڊي ايس ايل جي اسپيڊ صفا ڊائون آهي۔۔