ڀل مهانگائي ڪن۔۔

'کِل ڀوڳ' فورم ۾ مست طرفان آندل موضوعَ ‏8 جنوري 2010۔

  1. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    (جمعو فقير لاڙڪاڻي جو وتايو فقير۔طور مشهور رهيو آهي)
    جمعي فقير کي رمضان جي مهيني ۾ ڪنهن چيس۔۔ جمعا فقير ڏس واپارين کي خدا جو خوف ڪونهي رمضان جي مهيني ۾ به ڪيڏي قهري مهانگائي ٿا ڪن۔ ڪو غريب ويچارو نه کائي ٿو سگهي نه پي ٿو سگهي۔۔
    جمعي فقير عاجزيءَ سان وراڻيو۔۔
    ابا چڱو ٿا ڪن۔۔ انهن جي انهيءَ عمل ۾ به هڪ راز اٿئي، هنن جي مهانگائيءَ جو هڪ فائدو ته اهو آهي۔۔ جيڪي روزو نه رکندا هئا۔۔ اهي بک ته اونئين سهن پيا هاڻي روزا رکي ثواب ڪمائڻ جو سوچيندا۔
    اهي واپاري لڳي ٿو ته سڀ حاجي سڳورا اٿئي انهن کي حڪم ٿيو آهه ته مهانگائي ڪيو ته جيئن خلق خدا روزا رکي۔۔۔
    (هڪ سنڌي ڪهاڻيءَ مان ورتل)
     
  2. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: ڀل مهانگائي ڪن۔۔

    ادا ڳالهه ۾ دل ۾ به آهي ۽ ادي جمعي به ڏاڍي ڏاهپ مان ڳالهه ڪئي آهي

    بهرحال واپاري واقعي به حاجي هوندا آهن ڇا ؟؟؟
     
  3. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: ڀل مهانگائي ڪن۔۔

    ادا بيشڪ اها حقيقت آهي بلڪل
     
  4. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: ڀل مهانگائي ڪن۔۔

    مٺڙا مست، اڄ وري ماضي ياد اچي ويو، دراصل ننڍپڻ ۾ هر روز اسڪول ويندي ۽ انکانپوءِ ڪاليج ويندي جمعي فقير جو ديدار ٿيندو هو ... ننڍي قد جو گڏه، اکين ۾ ڍوَ تي سرمو پاتل، گڏهه جي پيٽ هيٺان ڪاٺيون ٻڌل، جن تي پير رکي ويهندو هو، رنگ جو ڀورو ۽ نوراني چهرو هوندو هيس، سندس ڪيتريون ئي ڳالهيون جي فقيرن ۽ درويشن سان منسوب هونديون آهن، اهي هن سان به آهن ... صبح جو سوير گهران نڪرندو هو گڏه تي چڙهي، مارڪيٽ ويندو اتان ڇڇڙا کڻندو ۽ پوءِ سڄي لاڙڪاڻي جي رولو ڪتن کي هڪ هڪ ڪري ويندو کارائيندو، ڪتا کيس ايئن سڃاڻيندا هئا جيئن سندن ڪو مالڪ هجي ... ۽ مزي جي ڳالهه جنهنکي ڏيندو اهو ئي کائيندو ٻيو اک کڻي به اوڏانهن نه ڏسندو هو ... جڏهن ته ڪتن جي فطرت ائين ناهي ...

    خئير ڪنهن کائنس پڇتو ته جمعا ڏي خبر تو وارا پٽ ته سڌريا آهن نه ” ورندي ڏنائين هائو ابا هڪ ته سڌري ويو آهي باقي ٻي جو خانو خراب ٿي ويو آهي ڪنهن نه ڪم جو آهي“ ماڻهن پڇيس ته اهو وري ڪيئن ته ورندي ڏنائين ” ابا هو هڪ وڏو پٽ، اصل نشا پتا ڪري، چورن سان ياري اٿس، اصل خوش لڳو پيو آهي، نه بک نه ڏک، ۽ هو ٻيو ننڍو سڄو ڏينهن مسجد ۾ پيو آهي نه ڪمائي نه کائي سڄو ڏينهن الله الله، سو ابا زماني جي نظر ۾ ته اهو کريو آهي ... سو ابا مان به سمجهايانس ٿو ته زماني جي ڳالهه ٻڌ، اصل پٽڪو لاهي اڇلاءِ ته ٻيڙا ئي پار ٿي ويندا“
     
  5. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: ڀل مهانگائي ڪن۔۔

    سائين بلڪل ۔۔۔ ادا اسان جي جمعي فقير جهڙي رمز وارن ماڻهن جي ڳالهه سچي آهي۔۔ اڄ ڪلهه جيڪو وڌيڪ بدمعاش آهي اهو وڌيڪ عزت وارو لڳو پيو آهي۔۔۔ وڌيڪ ماڻهن جا انبوهه سندس ساڻ هوندا آهن۔ سندس اشارن تي پيا نچندا آهن۔۔۔ باقي حق سچ واري يا خدا ترس ماڻهو جو ڪير به نه آهي۔
     
  6. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: ڀل مهانگائي ڪن۔۔

    ابا فقير سائين توهان ڪهڙا فقير آهيو ۔۔۔۔ سيلاني فقير ٿيو ته ڪا خبر پوي توهان کي۔۔
    اسان واري ملڪ جا واپاري مڙئي مڪي پاڪ ڏانهن سفر عمري يا حج بهاني ڪندا آهن پر سندن اصل مقصد وڻج واپار هوندو آهي۔۔
     
  7. راشد قريشي

    راشد قريشي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏11 مئي 2009
    تحريرون:
    182
    ورتل پسنديدگيون:
    389
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    423
    ڌنڌو:
    آفس ايگزيڪٽو
    ماڳ:
    dadu
    جواب: ڀل مهانگائي ڪن۔۔

    بهترين ادا، تمام سٺو
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو