انسان جي جسم ۾ ڪيترائي سسٽم ڪم ڪن ٿا۔ مثال طور دل ۽ رڳن جو سسٽم، دماغ ۽ نسن جو سسٽم، ڦڦڙن جو سسٽم، گُردن جو سسٽم وغيره وغيره۔ هر سسٽم جا پنهنجا اهم عضوا ۽ ان جي مدد ڪندڙننڍا ننڍا عضوا هوندا آهن۔ هاضمي جو سسٽم به مختلف عضون سان ملي ٺهي ٿو۔انهن ۾ کاڌي جي نالي (Esophagus)، معدو (Stomach)، ننڍو آنڊو (Small Intestine) ۽ وڏو آنڊو (Large Ineststine) شامل آهن۔ هر ڪنهن عضوي جا به وري ٻيا مختلف حصا آهن۔ ان کان علاوه لبلبو (Pancreas)، پِتو (gallbladder)، ۽ جگر (Liver) به هاضمي جي سسٽم ۾ مدد ڪندا آهن۔ اپيندڪس اصل ۾ وڏي آنڊي جوئي هڪ حصو آهي۔ هي آنڊي وانگر ئي هوندو آهي پرصرف هڪ پاسي کان آنڊي سان ڳنڍيل رهي ٿو، باقي هڪ حصو هميشه پيٽ ۾ لٽڪندو رهي ٿو۔ هي سائيز ۾ تمام ننڍو اٽڪل 4 انچ (8 کان 10 سينٽي ميٽر) جو هوندو آهي۔ اپينڊڪس هميشه کليل رهي ٿو۔ عام طور تي هضم ٿيل کاڌو جيڪو بلڪل پاڻياٺ ٿي اتي پهچي ٿو اپينڊڪس ۾ نه ويندو آهي۔ پر اگر وڃي به ته فورن واپس وڏي آنڊي ۾ داخل ٿي ويندو آهي۔ جتي ان جواضافي پاڻي ۽ ٻيا ضروري نمڪيات وغيره جسم ۾ داخل ٿي ويندا آهن ۽ باَقي غيرضروري مواد پاخاني جي شڪل ۾ وڏي آنڊي جي آخري حصي ۾ جمع ٿي وڃي ٿو۔ اپينڊڪس جا فائدا: وڏو آنڊوهر وقت مختلف جراثيمن سان ڀريل رهندو آهي۔ اهي جراثيم انسان دوست هوندا آهن۔ ڇو جو انهن جي موجودگي سان هاضمي ۾ گهڻي مدد ملي ٿي۔ جيئن ته اپينڊڪس به وڏي آنڊي جو حصو آهي انڪري اهي جراثيم ان ۾ به محفوظ رهندا آهن۔ جڏهن دستن جي بيماري ۾ وڏي آنڊي جا سڀ انسان دوست جراثيم ختم ٿيو وڃن ته انهن کي ٻيهر پنهنجا ڪم ڪرڻ ۾ اپينڊڪس ۾ موجود جراثيم ڪافي مدد ڪن ٿا۔ ان کان علاوه انسان جي مدافعتي سسٽم (Immune system) ۾ به اپينڊڪس مدد ڪري ٿو۔ اپينڊڪس کي شروع ۾ فالتو عضوو سمجهيو ويندو هو ڇو جو جسم ۾ ان جو ڪو خاص ڪم معلوم نه هو۔ پر هاڻ ان کي غيرضروري عضوو نه چيو ويندو آهي۔ جيتوڻيڪ ان جا ڪم ايترا اهم نه آهن پر ان جي باوجود موجوده دور ۾ اپينڊڪس کي مختلف سرجريز ۾ استعمال ڪرڻ جي ڪري ان جي موجودگي اهم بنجي وئي آهي۔ انڪري هاڻ غيرضروري اپينڊڪس کي نه ڪڍيو ويندو آهي۔ اپينڊڪس هيٺين آپريشنن ۾ استعمال ٿي سگهي ٿو۔ مثاني جون مخلتف بيماريون۔ گردي مان نڪرندڙ پيشاب جي نالي جون بيماريون۔ آنڊي جون مختلف بيماريون۔ اپينڊڪس جون بيماريون: سڀ کان عام بيماري کي اپينديسائيٽس (Appendicitis) چوندا آهن۔ جنهن کان هر ماڻهو واقف آهي۔ هي بيماري هونئن ته ڪنهن به عمر ۾ ٿي سگهي ٿي ، پرٽين ايج ۾ تمام گهڻو رسڪ ٿيي ٿو۔ مثال طور 13 کان 17 سالن جي عمر اپيندڪس لا خطرناڪ شمار ڪئي وڃي ٿي۔ انکان علاوه اپيندڪس ۾ رسولي (Cancer) به ٿي سگهي ٿو۔ اپينڊيسائيٽس: اپينڊڪس جي انفيڪشن کي اپينڊيسائيٽس چوندا آهن۔ هن بيماري جي شروعات تڏهن ٿيندي آهي جڏهن اپينڊڪس ۾ سوڄ جي ڪري ان جو وڏي آنڊي سان ڳانڍاپو(Connection) بند ٿي وڃي۔ اهڙي صورتحال ۾ اپينڊڪس ۾ موجود جراثيم جيڪي عام حالت ۾ انسان دوست هوندا آهن۔ اهي انسان دشمني تي آماده ٿيو وڃن۔ اپينڊڪس جو وڏي آنڊي سان ڪنيڪشن ٽٽڻ جا ڪيترائي ڪارڻ آهن۔ اپينڊڪس ۾ موجود مدافعتي سسٽم جو وڌي وڃڻ۔ (وائرس جون مختلف بيماريون ان جو ڪارڻ ٿي سگهن ٿيون۔) وڏي آنڊي جي سوزش۔ مختلف قسم جا انفيڪشن۔ کاڌي ۾ شامل ڪا به هضم نه ٿيندڙ سخت شي جو اپينڊڪس ۾ ڦاسي پوڻ۔ (ٻج،پٿر، هڏو وغيره) آنڊي ۾ رهندڙ مختلف قسم جا ڪيڙا۔ آنڊي جي رسولي۔ علاج: هن بيماري جو هڪ ئي علاج آهي۔اهو آهي جلد کان جلد آپريشن ڪري خراب اپينڊڪس کي ڪڍي ڇڏڻ۔ ڇو جو دير جي صورت ۾ اپينڊڪس اندر ئي اندر سڄڻ لڳندو آهي ۽ 48 ڪلاڪن جي اندر ان جي ڦاٽي وڃڻ جو امڪان ٿيووڃي۔ جيڪو انساني زندگي لا تمام هاڃيڪار آهي۔
اپينڊڪس بابت سدائين جيڪي ڳالهيون ٻڌيون هيون سي هن مضمون پڙهڻ کانپوء من گهڙت لڳيون ۔۔۔۔ لک قرب ڊاڪٽر ممتاز جا جنهن اپينڊڪس بابت قيمتي ڄاڻ فراهم ڪري اسان جي معلومات ۾ واڌارو ڪيو آهي۔ ڪجهه ڏينهن اڳ ئي ڊاڪٽر ممتاز سان ميمڻ اسپتال ڪراچي ۾ ملاقات ٿي، ماٺيڻو پر تمام سلڇڻو لڳو ۔۔۔۔ سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن بابت اونو رکندڙ ادب سان شوق رکندڙ سنڌي دوست آهي ۔۔۔ سندس لاء دعائون۔ اها اميد ته ڊاڪٽر صاحب ميڊيڪل بابت عام قسم جا ليک اسان سان شيئر ڪندو رهندو ۔۔۔
جيڪر ايئن سڀ پيچيده موضوع سليس انداز ۾ بيان ڪيا وڃن ته کوڙ منجهارا سُلجهي پون۔ تمام بهترين ڪم ڪيو آهي ڊاڪٽر صاحب۔ اميد ته اهو سلسلو جاري رهندو۔
ادا سليمان وساڻ۔۔سچ پُڇو ته ان مُلاقات ۾ مون کي توهان ماٺيڻا لڳا۔۔گهڻو ته مون ئي پئي ڳالهايو۔۔۔ توهان جي نيڪ خواهشن ۽ دعائن لا شڪر گذار آهيان۔الله پاڪ توهان کي سنڌ سلامت جي سڄي سنگت کي گڏ ڪري هلائڻ جي همت ڏئي۔ آمين۔
ادا عبدالحفيظ۔۔سنڌ سلامت جي هن پليٽ فارم جوهڪ مقصد اهو به آهي ته سنڌي ماڻهن کي علم جي هر شاخ بابت ضروري ڄاڻ پهچائجي۔تاريخ ، طب، رياضي، سائنس، ڪمپيوٽر، مذهب مطلب ته هر ڪنهن علم بابت ضروري معلومات عام پڙهندڙ تائين پهچڻ گهرجي۔ان لا مان سمجهان ٿو سنڌ سلامت جي انتظاميه کي قدم کڻڻ گهرجن۔ سنڌ تڏهن سلامت رهندي جڏهن علم گهر گهر پهچندو۔منهنجي گذارش آهي ته سنڌي ادب جي خدمت سان گڏوگڏ اهڙا سيڪشن به ٺاهيا وڃن جتي تعليم سان لاڳاپيل مضمون ۽ انهن کي سمجهڻ ۾ جيڪي مشڪلاتون اچن ٿيون انهن جو حل ٻڌايو وڃي۔دنيا جي هر علم کي پنهنجي سنڌي ٻولي ۾ مهيا ڪرڻ لا اسان سڀني کي گڏجي ڪوششون ڪرڻيون آهن۔هاڻ اهو وقت نه رهيو آهي ته اسان لڪير جا فقير ٿي ٿڪل علمي نصاب جي پٺيان اکيون پوريو هلندا رهون۔دنيا ۾ ٿيندڙ جديد تحقيق اگر آسان لفظن ۾ پنهنجي مٺڙي ٻولي ۾ دستياب هوندي ته هر ڪنهن کي پڙهڻ جوشوق ٿيندو ۽ سمجهڻ ۾ آساني به ٿيندي۔علم ڪهڙو به هجي سڀني دوستن کي عرض آهي ته ان بابت تازه ترين واڌ کي عام ماڻهو تائين پهچائڻ جون ڪوششون ڪندا رهن۔ڪٿي ايئن نه ٿيي جو اسان دنيا کان گهڻو پوئتي رهجي وڃون۔ٿي سگهي ٿو ان سان ڪنهن جي زندگي سنورجي وڃي، ڪنهن جي حياتي بچي وڃي، ڪنهن جي زندگي جو انداز بدلجي وڃي۔
بلڪل صحيح ٿا چئو ڊاڪٽر صاحب! آئون به سوچيان پيو ته ڪئمسٽري جي فيلڊ جا اهم تاپڪ سولي انداز سان هتي ونڊيان ته جيئن پڙهندڙ ۽ دلچسپي رکندڙ انهي مان مستفيد ٿين ۽ ان جو اصل مقصد سمجهي سگهن
اپينڊيسائيٽس (Appendicitis) جي سڃاڻپ جون اهم علامتون...!! 1. دن جي چوڌاري هلڪو سُور ،جيڪو وقت گذرڻ سان گڏ وڌندو وڃي. 2. پيٽ جي هيٺئين حصي ۾ خاص طور تي ساڄي پاسي تمام شديد مروڙ وانگر سور پوڻ. 3. دل ڪچي ٿيڻ ۽ اُلٽي قي جو اچڻ. 4. بخار جي ڪيفيت ۽ سي ڏڪڻي ٿيڻ. 5. بُک ختم ٿي وڃڻ. 6. قبض يا دستن جي شڪايت. 7. پيٽ ۾ گئس جي زيادتي ۽ بدهضمي ٿيڻ. 8. پيٽ جي هيٺئين سڄي پاسي هٿ لڳائڻ يا دٻائڻ سان شديد تڪليف ٿيڻ.
تمام سٺي معلومات آهي، هي اپينڊڪس غلط طريقي سان کاڌي کائڻ سبب پڻ ٿئي ٿو، سنت مطابق هموار جاءِ تي اهڙي طرح سان ويهجي جوساڄو گوڏو سڌو يا اڀو هجي ۽ کاٻو گوڏو هيٺ ليٽيل هجي، ان طرح ويهي کاڌو کائڻ سان ان ڳالھ جا امڪان تمام گهٽ ٿيندا جو کاڌي جا زرڙات اپينڊڪس واري پاسي وڃن، کاڌي کي مڪمل چٻاڙي کائڻ گهرجي. ( انتهائي معذرت سان آئون ڪو ڊاڪٽر ڪونه آهيان، جي غلط هجان ته رهنمائي ڪندا)