• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

رٻ ڀٽاري

عبدالحفيظ لغاري

منتظم
انتظامي رڪن
ڄڳ مشهور سنڌي سماجي ڪارڪن ”مسڪين جهان خان کوسو“ کان هرڪو واقف هوندو جنهن کي سنڌ جو گانڌي يا مائوزي تنگ چيو ويندو آهي. ان تي محمد بخش ”مجنون“ بلوچ جو لکيل ڪتاب پڙهڻ وٽان آهي. انهي ۾ رٻ جي سُٺي وضاحت ٿيل ڏسي سوچيم اوهان کي به پڙهايان. آئون سمجهان ٿو اڄڪلهه جيڪو دليه (Porridge) کاڌو وڃي ٿو سو رٻ ڀٽاريءَ جو ئي نئون روپ آهي.
______________________________________
“رٻ” سان انهن ماڻهن جو واسطو ڪونه پيو هوندو، جن کي ٻه وقتي ماني ملي ويندي هوندي پر ٿر ۾ جن گهرن ۾ هڪ ويلي جا داڻا به نه هُجن اهي پيٽ جي ڪيئن پورائي ڪن؟ ڪو به ٻچڙيوال اهو ته ڪڏهن به ڏسڻ نه چاهيندو ته سندس ٻچا بکئي پيٽ سمهي رهن. تنهن ڪري ويچارا غريب ٿري انهيءَ “رٻ” جي برڪتن سان هڪ ويلي جي داڻن سان چار پنج ڏينهن ڌڪيو ڪڍيو وڃن. ڪندا ڇا آهن جو ٻاجهري جا لپ جيترا ڏريل داڻا پاڻي جي ڀريل ڪني ۾ اٻاري پٽڙي “پيڄي” ٺاهيندا آهن. پيڄي چانورن جي ٿيندي آهي، پر “ٻاجهري جي پيڄي” جو ٻيو نالو “رٻ” آهي ۽ ان کي به الله تعالى جي طرفان وڏي نعمت سمجهي “رٻ ڀٽاري” جي مقدس نالي سان سڏيندا آهن. پوءِ اها “رٻ ڀٽاري” گهر جا ننڍا وڏا ڀاتي سرڪي رات جو انهيءَ اطمينان سان سمهي رهندا آهن ته سندن پيٽ ۾ ڪجهه نه ڪجهه کاڌو پيو آهي، جيتوڻيڪ “رٻ ڀٽاري” کي نه ته کاڌو چئي سگهجي ٿو ۽ نه پاڻي”!
“رٻ” جو هڪ ٻيو قسم ترقي آفته قسم “گس” آهي جا ذرا زياده معيار زندگي (Higher Standard of Life) رکندڙ ماڻهن کي نصيب ٿيندي آهي. ڇاڪاڻ جو انهن کي ڌڻيءَ پاڪ جي طرفان ڪجهه “ڌيڻو” عطا ٿيل هوندو آهي. “ڌيڻو” کير ۽ کير مان ٺهيل شين کي ڪوٺبو آهي. آهي اها به “رٻ”، پر ٿورو فرق ضرور آهي. “رٻ ڀٽاري” کي “گس ڀٽاري” جي صورت ۾ آڻڻ لاءِ، ڪي خاص اهتمام ڪونه ڪبا آهن: رڳو “رٻ ڀٽاري” جي ٽهڪندڙ ڪني ۾ وٽو ڀري “جهڻ” (لسي) جو وجهڻو آهي ۽ ٿورو جوش ڏيڻ سان “گس ڀٽاري” تيار! اها “گس ڀٽاري” ذرا ذائقه ۾ “رٻ ڀٽاريءَ” کا وڌيڪ لذيذ ٿيندي آهي ۽ آهي به ان کان وڌيڪ گهاٽي، تنهن ڪري ان کي بخوبي “کاڌو” چئي سگهجي ٿو. مينگهواڙ وري خاص مهمانن جي ضيافت، “گس” ۾ گيهه وجهي به ڪندا آهن، جيڪا سندن خيال موجب قابلِ رشڪ “ڊش” (Dish) تيار ٿيو پوي.
jrTzZAprppTcD_e.jpg
jfZ5TJRF1oNiB_e.jpg
 
Back
Top