• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

آءِ پي ايل جي فائنل ۾ ممبئي انڊين جي ڪاميابي

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
j66kfhkUMHduO.jpg

عيدن گارڊن ڪلڪتي ۾ ٿيندڙ آءِ پي ايل ڪرڪيٽ جي ڇهين سيريز جي فائنل ۾ ممبئي انڊين جي ٽيم آسانيء سان چنائي سپر ڪنگز جي ٽيم کي 23 رنسن تان شڪست ڏئي ڪاميابي حاصل ڪري ورتي آهي۔ ياد رهي ته هن ڀيري اسپاٽ فڪسنگ سبب آء پي ايل تڪراري بڻجي وئي آهي ۽ ڪيترن ئي رانديگرن سان گڏ آفيشلز ۽ باليووڊ اداڪار پڻ جاچ هيٺ آهن۔

ممبئي جي ڪپتان روهيت شرما (ٽنڊلڪر زخمي هجڻ سبب ٽيم مان ٻاهر ٿي ويو هو) ٽيم ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ جو فيصلو ڪيو پر سندس ٽي رانديگر صرف 16 رنسن تي آئوٽ ٿي ويا۔ پر پوء ويسٽ انڊيز جي ڪيون پولارڊ جي جارحانه بيٽنگ سبب اسڪور اڳتي وڌنڌو رهيو۔ ٻئي طرف وڪيٽون به ڪرنديون رهيون۔ ممبئي انڊين مقرر 20 اورن ۾ 9 رانديگرن جي آئوٽ ٿيڻ تي 148 رنسون ٺاهي سگهي۔ پولارڊ صرف 32 بالن تي 60 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو جڏهن ته چنئي جي ئي ويسٽ انڊين بالر بريوو 4 وڪيٽون حاصل ڪيون۔ بريوو ٽورنامينٽ ۾ 32 وڪيٽون حاصل ڪري ٽاپ بالر رهيو۔

جواب ۾ چنئي جي بيٽنگ جي شروعات بري انداز سان ٿي ۽ سندس وڪيٽون ڪرنديون رهيون3 رنسن تي 3 وڪيٽون ۽ وري 50 رنسن تي 5 وڪيٽون ڪرڻ کانپوء چنئي ڄڻ ته ميچ هاري ويٺي۔ ڪپتان ڌوني جي ناٽ آئوٽ 63 رنسن سبب هو ڪجهه عزت ڀريو اسڪور ڪري سگهيا ۽ 20 اوورن ۾ چنئي 9 وڪيٽن جي نقصان عيوض صرف 125 رنسون ڪري ميچ 23 رنسن تان هارائي وئي۔

ڪيون پولارڊ کي ميچ جو بهترين رانديگر جڏهن ته راجستان رائل جي شين واٽسن کي ٽورنامينٽ جو بهترين رانديگر جا اوارڊ مليا۔
 
توهان کي هن موضوع ۾ رنجيت کي ٽيگ ڪرڻ گهربو هو۔۔۔ ممبئي انڊين ٽيم جو هي مداح دوست فائنل ميچ ۾ ڪافي پريشان ٿي لڳو۔۔۔ ۽ هاڻي خوشين جي ڍيرن ۾ آ۔۔
 
Back
Top