تعليمي اهميت ۽ ڪاپي جا ڪارڻ

'اکر پڙهه الف جو' فورم ۾ گل حسن لاکو طرفان آندل موضوعَ ‏27 مئي 2013۔

  1. گل حسن لاکو

    گل حسن لاکو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏18 جولائي 2010
    تحريرون:
    407
    ورتل پسنديدگيون:
    821
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    لائبريري اسسٽنٽ، مهراڻ يونيورسٽي ڄامشورو
    ماڳ:
    مهراڻ ٽائون، شهدادپور ضلع سانگهڙ
    تعليمي اهميت ۽ ڪاپي جا ڪارڻ

    مٺل جسڪاڻي
    روزاني عبرت 26 مئي

    تعليم جي اهميت ۽ موجوده صورتحال سميت اُن تي گهربل ڌيان جي ضرورت تي پڻ تمام گهڻو لکيو ويو آهي، بهترين صلاحون ڏنيون ويون آهن، ان ڪري هاڻي لکڻ جي ضرورت محسوس نه ٿي ٿئي، پر جيئن ته صورتحال جيئن جو تيئن ابتر کان ابتر آهي!؟ ۽ سڌارو به مشڪل ٿو لڳي! جڏهن ته هڪ نئين صلاح به سُجهي آئي آهي، ان ڪري گهڻي ڊيگهه ڪري، پڙهندڙ کي بوريت جي ڪُن ۾ ڌڪڻ بدران، صرف مقصد جي ڳالهه ڪرڻ ضروري ٿو سمجهان.
    مون کي عرض هي ڪرڻو آهي، ته تعليم جو پٽڻو پٽڻ لاءِ ڪن چند ڏينهن، يا ائين کڻي چئجي، ته ڪنهن مخصوص موسم جي ضرورت ۽ ان جو انتظار ڇو؟
    پاڻ سڀ انيڪ ننڍن وڏن، سولن ۽ ڏکين مسئلن جو شڪار آهيون ۽ هر مسئلي جو حل تعليم ۾ آهي، ان کان پاڻ کي انڪار ڪونهي. ان ڪري تعليم تعليم جو ماتم ڪرڻ بدران ممڪن عمل جو مظاهرو ڇو نه ڪرڻ گهرجي!؟
    اڄ ڪلهه يارهين ۽ ٻارهين ڪلاس جا امتحان هلن پيا، هنن امتحانن ۾ پڻ نائين ۽ ڏهين جي امتحانن وانگر نقل جون خبرون عام آهن. انهن خبرن ۾ ڪاپي ڪندڙن کي پڪڙڻ ۽ انهن کي سزا ڏيڻ جون خبرون به اخبارن ۾ ڇپيون آهن.
    مون کي سمجهه ۾ نه ٿو اچي ته ڪاپي جا ڪارڻ ڳجها ته نه آهن. اهي ڪارڻ ڇو ختم نه ٿا ڪيا وڃن!؟
    ڪاپي جو مک ڪارڻ اهو آهي ته سڄو سال ڪلاس نه وٺجن، يا وري تمام گهٽ محنت ڪرائجي ۽ پوءِ اسڪول يا ڪاليج جي ساک بچائڻ لاءِ، شاگردن کي ڪاپي ڪرائي به سٺين مارڪن ۾ پاس ڪرائجي. يا وري سڄو سال ٽيوشن جي في وٺندو رهڻ باوجود، سرڪاري پگهار کڻندڙ استادن وانگر، پڙهائڻ کان ٻرو، ڪاپي ڪرائڻ تي زور!؟
    آخر ڇو، ڇو انهن استادن کي ڪير به سزا نه ٿو ڏي، جيڪي پڙهائين نه ٿا، جيڪي سرڪاري پگهار مفت ۾ کڻڻ کان پوءِ به ڍاپن نه ٿا ۽ ٽيوشن سينٽر هلائي، اتي ڳريون فيون به وٺيو وڃن ۽ پڙهائين به ڪونه!؟ اهڙا ڊيوٽي چور ۽ ٽيوشن في چور، پنهنجي ڪارڪردگي ڏيکارڻ لاءِ، پاڻ هٿ وٺي ڪاپي ڪرائين ٿا ۽ اهڙا سڀ ڪي ڳجها به نه آهن، سڀ ڪو پنهنجي پنهنجي علائقي جي چور کي چڱيءَ طرح سڃاڻي به ٿو، ته پوءِ....
    سچ ته شاگردن ۽ شاگردن جي والدين سان هي ته حد درجي جي بي واجبي آهي، جن کان داخلائن جي ڳرين فيئن کان وٺي ٽيوشن جا به پيسا ورتا وڃن ٿا ۽ پوءِ وري هر ڪو پنهنجي پنهنجي ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندي، جڏهن امتحاني مرڪزن تي ڇاپا مار ڪاميٽي، پنهنجي ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندي آهي، ته اها به شاگردن تي ئي ڏمربي آهي!؟
    ڪاش! شاگردن تي ڏمرجڻ بدران اصل ذميوارن کي ڪو سچ چوي، سچ چوڻ تي ڪو سڌارو نظر نه اچي، ته انهن کي سزا ڏي. عام شاگرد ۽ انهن جا والدين ته بي سبب، جٿان ڪٿان سوڙها ڪيا ويا آهن! جيڪو ٿو ڪُڇي سو ٿو آزار ۾ اچي!؟
    گدرو بڻيل شاگرد ۽ والدين جي ڪو مالڪي ڪري، هر لحاظ کان انهن کي نشانو بڻايو پيو وڃي، انهن کي نقصان رسايو پيو وڃي، آهي ڪو جيڪو هنن تي ڪا ڪهل ڪري، رحم کائي، ٻٽي آزار کان بچائي....
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو