
سنڌ سلامت جي ميمبر عبدالغني لوهار کي پهريون دفعو فوٽو ۾ علي علي سان درياءِ فرات جي مڇي کائيندي ڏِٺو۔ درياءِ فرات جي مڇي جنهن جي ڏيهان ڏيهه مشهوري آهي ۽ مستنصر حسين تارڙ پاران ان جي شان ۾ لکيل ڳالهين کان پوءِ ته درياءِ فرات جي مڇي ويتر وڌيڪ ڪشش واري ٿي پئي۔ بهرحال وري عبدالغني تي نظر نه پئي مهينو کن اڳ سليمان وساڻ چيو ته اچ اوطاق تي عبدالغني جن قطر کان هتي آيل آهن۔ اها پهرين مُلاقات هئي۔ فوٽو ماڻهن جي عُمر لڪائيندا به آهن ته وڌائيندا به آهن۔ جيڪڏهن اوهان عبدالغني کي رڳو فوٽو ۾ ڏٺو آهي ته پڪ سمجهو ته اوهان سندن عمر کي 10 کان 15 سال وڌائي ويٺا آهيو۔ الائي ڇو فوٽو ۾ سائين جي عمر ڪجهه وڌيل لڳي ٿي۔
بهرحال اها هڪ مُختصر ملاقات هئي۔ سائين کي ڪُجهه ضروري ڪم هئا ۽ پوءِ عُمري جي سعادت لاءِ سعودي وڃڻو هو۔ ۽ جلد ئي اسان کين سائين نثارابڙو سان گڏ ڏٺو ۽ اسان ته صرف گڏ ويٺل ڏٺو پر تصوير جو ڪئپشن ٻُڌائي پيو ته پاڻ ۾ ڪُجهه ڪيو به اٿن۔ والله علم۔
ٻي ملاقات 17 مئي تي ٿي جڏهن عبدالغني لوهار جي مان ۾ سنڌ سلامت جي متحرڪ ۽ سُهڻي رُڪن منظور ڪلهوڙو پاران سانجهاندو ڏنو ويو۔ اهو سانجهاندو ڏيڻ ۾ منظور صاحب نه رڳو کارائي پياري تڪلف ڪيو پر هڪ ٻيو وڏو تڪلف به ڪيو جيڪو آخر ۾ ٻُڌايان ٿو۔
هميشه جيان ماني کان اڳ ۾ سليمان وساڻ جي اوطاق تي سڀ گڏ ٿياسين۔ جنهن ۾ عبدالغني لوهار سندس تازو پرڻيل ڀاءُ، منظور ڪلهوڙو سندس هڪ دوست، سليمان وساڻ، مرتضى وساڻ ۽ هي ناچيز راقم التحرير هئاسين۔ گرمي ۽ سخت حبس کي ڏسندي ڪنهن ٿڌي ڄڳهه تي هلڻ جو تعين ٿيو۔ جنهن لاء سليمان وساڻ جي صلاح تي لاثانيه ريسٽورينٽ (گلستانِ جوهر) جي چونڊ ٿي۔ رستي تي مرتضى گرمي جي شدت ڏسندي موسميات چوڪ تي ئي چيو ته ڇڏيو گرم کاڌن کي ته ڪٿي پئون نه مُشڪل ۾۔ هنداڻا ۽ تربوز وٺو ته هلي کائي ٿڌا ٿيون۔ پر سنگت انهي مذاق تي رڳو کلي جواب ڏنو۔ لاثانيه تي پُهچي سليمان وساڻ کي ياد آيو ته عرس پريو ته هتان ويجهو ئي آهي۔ ڇو نه کيس گهُرائي وٺجي۔ پر عرس تيستائين ماني کائي چُڪو هو ۽ واڪ ڪري رهيو هو۔ پر پوءِ به سنگت جي سڏ تي اچي پُهتو۔ ماني ۾ روايتي پر ڪافي ڳرين ڊشز جي چونڊ ٿي ۽ ظاهر آهي ڪير گهٽ ڇو ڪري۔ ايستائين جو عرس به آخر م هٿ ڪڍيا جيڪو ماني کائي آيو هو۔ سليمان ته کيس ايڏو انهي ڳالهه تي چيو جو ويچارو لڄي پيو ٿئي ته ڇو آيس؟ ۽ جي آيس ته ماني سان ايڏي ڇو ڪيم؟
انهي وچ ۾ ڪنهن مهل سنڌ سلامت بابت ته ڪنهن مهل انهي جي مهندار ذيشان رشيد بابت ڳالهه ٻولهه هلندي رهي پر الائي ڇو رشيد صاحب تائين اهي ڳالهيون سندس تعريف واکاڻ کان ڦري وڃي گلا ٿيڻ تائين پُهتيون ۽ پوءِ ذاتي ميسيج ۾ پئي مهڻا مليا ۽ جواب ڏناسين۔
انهي رات اهو ڊسڪس ٿيو ته سنڌ سلامت هڪ اهڙو فورم آهي جيڪو آڻڻ وقت سنڌي ٻولي کي انٽرنيٽ تي آڻڻ انهي جي روز ايندڙ نون سافٽويئر سان مطابقت (Compatibility) آڻڻ هو۔ جيڪو بخوبي ٿي چُڪو۔ هاڻي ٿيڻ اهو کپي ته هر رُڪن پنهنجي مهارت ۽ شعبي مطابق معلوماتي ليک آڻي۔ مثال طور ڪو ڊاڪٽر آهي بيمارين جي باري ۾، ڪو وڪيل آهي ته قانوني ليک، ڪو سائنس سان لاڳاپيل آهي ته سائنس سان تعلق رکندڙ موضوع آڻي۔ انهي تي سڀني اتفاق ڪيو۔ ۽ ٻيو ته ڪو به ليک موڪلي انهي جي اتساهه لاءِ جواب جو انتظار يا تقاضا ضروري نه سمجهي وڃي۔ ڇو ته ضروري ناهي ته جواب نه اچي ته اوهان جو ليک پسند نه ڪيو ويو آهي۔ ٿي سگهي ليک پسند آيو هُجي پر وقت جي ڪمي يا مناسب تاثرات نه هُجڻ ڪري جواب نه ڏنو هُجي۔
رهي ڳالهه منظور ڪلهوڙو جي ٻي تڪلف جي، انهي ڏينهن ئي سائين کي الله تعالى نياڻي ضوفشان منظور عطا ڪئي۔ منظور صاحب جو اهو تڪلف ئي چئبو جو ضوفشان ۽ سندس والده اڃان دارالصحت آفيس ۾ هئا ته هن انهي رات اهو پروگرام رٿيو ۽ رکيو۔ شل خوش هُجي۔
بهرحال عبدالغني لوهار سان اها ملاقات يادگار رهي۔
