اسلام عليڪم پيارا سنڌي ڀائرو جيئن تہ توهان کي خبر آهي تہ اسان ڏينهون ڏينهن پهنجي مٺڙي ٻولي ۾ انگريزي ۽ اردو جا لفظ گهڻي مقدار ۾ استعمال ڪرڻ لڳا آهيون ڪجهہ تہ اهڙا لفظ آهن جيڪي اسان بلڪل وساري ڇڏيا آهن آئون حيدرآباد جو رهاڪو آهيان هتي جا ماڻهون پهنجي ٻولي کي تباه ڪري رهيا آهن چڻن کي ڇولا ۽ بيضي کي انڊا چوندا آهن ۽ ٻيا ڪيترائي لفظ اردو جا استعمال ڪندا آهن هي مهنجي ننڍڙي ڪوشش آهي اميد آهي تہ توهان ساٿ ڏيندئو هتي سنڌي ٻولي جا اهڙا لفظ موڪليو جيڪي اسان بلڪل وساري ڇڏيا آهن يا غلط استعمال ڪريون ٿا ڪهڙا لفظ اردو يا انگريزي ٻولي جا استعمال ڪريون ڪو لفظ موڪليو تہ اهو ضرور ٻڌائجو تہ انهي لفظ جي معني ڇا آهي ڪٿي ۽ ڪيئن استعمال ڪبو اچو تہ ملي ڪري اهو عهد ڪريون تہ اسين پهنجي پياري ۽ قديم ٻولي ۾ ملاوٽ نہ ڪنداسين جيڪڏهن مون کان لکڻ ۾ ڪا غلطي ٿي وئي هجي تہ مونکي معاف ڪجو سنڌ سلامت ساٿ سلامت جئي سنڌ
جواب: اچو تہ سنڌي ٻولي بچايون ادا فهد مٺڙا توهان صحيح چيو اسان پنهنجي مٺڙي ٻولي ۾ انگريزي ۽ اردو جا لفظ گهڻي مقدار ۾ استعمال ڪرڻ لڳا آهيون۔ سنڌي ٻولي کي سنڌيءَ ۾ ئي ڳالهائڻ پڙهڻ ۽ لکجڻ گهرجي۔ مان به توهانجي ڳالهه کان متفق آهيان۔ مان ڪوشش ڪندس ته مان پنهنجي مٺڙي ٻولي سنڌي کي سنڌيءَ ۾ ئي ڳالهايان پڙهان ۽ لکهان لکان۔۔۔ سنڌ سلامت ساٿ سلامت
جواب: اچو تہ سنڌي ٻولي بچايون ادا فهد اوهان جي ڳالهه درست آهي ليڪن اسان وري سنڌي لکڻ ۾ به غلطيون ڪري ٿا وڃون ان ڪري بهتر آهي ته ڪا غلطي هجي ته هڪ ٻئي جي اصلاح ڪجي اوهان جي تحرير ۾ سائين عبدالستار جن ڪجهه اصلاح ڪئي آهي اميد ته توهان پاڻ ترميم ڪري انهن لفظن کي درست ڪري ڇڏيندا۔ ڪنهن جي اصلاح ڪرڻ سان ناراض به نه ٿيندا ۔
جواب: اچو تہ سنڌي ٻولي بچايون مهنجا ڀا هتي اهي لفظ موڪليو جيڪي غلط لکون ٿا غلط ڳالهيون ٿا هن موضوع لکڻ جو مقصد اهو آهي
جواب: اچو تہ سنڌي ٻولي بچايون ادا بهترين ڪاوش آهي۔۔ انهيءَ موضوع تي هينئر واقعي ڳالهائڻ جي ضرورت آهي۔۔ مان سائين نثار ابڙو ۽ سائين نثار ناز کي گذارش ڪندس ته هن موضوع تي ڪجهه ويچار وندين ۽ اهڙن لفظن جي نشاندهي ڪن جيڪي اسان اردو ٻوليءَ جي لفظن منجهان ڪتب آڻيون ٿا۔
جواب: اچو تہ سنڌي ٻولي بچايون مونکي مٿين سڀني لکڻين ۾ سنڌي ٻولي کان سواءِ ٻين ٻولين جا اکر سجهن ٿا انڪري انهي طرح جي رٿابندي ڏاڍي ڏکي آهي منهنجي خيال ۾ اهو هڪ ٻولي جو گڻ هوندو آهي جو اها ڌاري ٻولي جي اکر پنهنجي هنج ۾ پناھ هميشه جي لاءِ پنهنجو ڪري وٺندي آهي ۽ اهو حال فقط سنڌي ٻولي جو ناهي بلڪه دنيا جي هر ٻولي آهي جو انڪري انهي تي گھڻو پريشان ٿيڻ جي ضرورت ناهي جيڪڏهن اسين بالڪل ٺيٺ سنڌي ڳالهايون تڏهن به اسانجي ۽ شاھ عبداللطيف جي ٻولي ۾ ڏينهن رات جو ويڇو نظر ايندو پر نُڪتي جي ڳالھ هيءَ آهي ته خود شاھ صاحب پنهنجي بيتن ۾ عربي ۽ فارسي جا ڪيترائي اکر آندا آهن
جواب: اچو تہ سنڌي ٻولي بچايون هن لکڻي ۾ هيٺيان اکر ڌارين ٻولي جا آهن مقدار ..............................عربي استعمال............................عربي عهد ..................................فارسي .اردو قديم......................................عربي لفظ........................................عربي ،اردو
جواب: اچو تہ سنڌي ٻولي بچايون موضوع.........................عربي مقصد............................عربي ،اردو
جواب: اچو تہ سنڌي ٻولي بچايون هن لکڻي ۾ هيٺيان اکر ڌاري ٻولين جا آهن موضوع...........................................عربي نشاندهي ........................................... اردو لفظ ................................................عربي ،اردو
جواب: اچو تہ سنڌي ٻولي بچايون هن لکڻي ۾ هيٺيان لفظ ڌاري ٻولين جا آهن مقدار..................................... عربي لفظ........................................ عربي ،اردو متفق................................... عربي
جواب: اچو تہ سنڌي ٻولي بچايون سائين بشير احمد اوهان بالڪل سچ چيو آهي ليڪن هر ڪنهن ماڻهو جو پنهنجو نظريو آهي منهنجو به اهوئي خيال آهي ته فقط اهڙن اکرن (لفظن) جي نشاندهي ٿي سگهي ٿي باقي انهن جي بجاء صفا ٺيٺ سنڌي اکر استعمال ڪرڻ ڄڻ ته مزو نه ڏيندا ان ڪري جو اهي لفظ اسان جي ٻوليء ۾ ضم ٿي چڪا آهن جو ڄڻ ته سنڌي ٻولي جا ٿا لڳن۔ ۽ هرڪو اهي لفظ سمجهي ٿو بلڪ ڪي اديب اهڙن لفظن کي ڳالهائي پنهنجي قابليت ۽ اهليت جو اظهار ڪندا آهن ۽ ادبي ٻوليء جي خوبين ۾ جيئن اوهان لکيو ته اها به هڪ خوبي آهي جو ٻين ٻولين جي لفظن کي پنهنجو بنائي ڇڏي منهنجي خيال ۾ اهو بهتر ٿيندو ته ڪڏهن اسان سنڌي صورتخطي جي لحاظ سان غلطي ڪندا آهيون مثلا کي مثلن يا مرضي کي مرزي يا اهڙا کوڙ سارا لفظ ڪڏهن تڪڙ ۾ ڪڏهن ذهن ۾ ئي غلط ياداشت ۾ هجڻ ڪري غلط لکي ويندا آهيون انهن جي درستگي ڪرڻ گهرجي وڌيڪ جيڪا سنگت جي صلاح ۔۔۔
جواب: اچو تہ سنڌي ٻولي بچايون سهڻا دوستو! اوهان سڀني جا ويچار پڙهي ٻه ڳالهيون ذهن ۾ آيون آهن؛ 1. خوشي ان ڳالهه جي آهي ته اسانجا پڙهيل ڳڙهيل نوجوان پنهنجي ٻوليءَ کي نج پج رکڻ جي اڻ تڻ رکن ٿا ۽ ان لاءِ مڙسي به منجهن آهي ... ادي فهد رند کي آءُ سلام پيش ڪندس ته هو ان فڪر جي پويان آهي ۽ انتي عمل ڪرڻ لئه اسان سڀني کي همٿائي رهيو آهي ... منهنجي خيال ۾ اسين روزاني جي وهنوار ۾ هلندي ڦرندي جي اهڙا ڪي لفظ ملي وڃن جي اسين هروڀرو پنهنجي نج لفظ جي هوندي سوندي، ٻين ٻولين جا ڏکيا لفظ ڳالهائڻ ۾ آڻيندا آهيون ... ادي فهد جي گذارش اها آهي ته ” لکي وٺو جڏهن ڪڏهن ڪو اهڙو لفظ نظر مان گذري ۽ هن ڌاڳي ۾ اسان سان ونڊ ڪريو ته جيئن اسانجي ذهن ۾ رهي ته اسين به احتياط ڪريون“، 2. ٻي ڳالهه آءُ دوست بشير سان متفق ٿيندي چوندس ته اسين هن فورم تي سڀ جا سڀ ڪي عالم ڪونه آهيون، بس عام زندگيءَ جا وهنواري ماڻهون آهيون، سماج ۽ آس پاس جيڪا ٻولي استعمال ٿي رهي آهي اها ئي اسانجي زبان تي به آهي ... انڪري اسان جي عام ٻولي لسي ٿي پئي آهي ... دنيا جي مختلف ٻولين جا لفظ وقت سر ٻين ٻولين ۾ پنهنجي جاءِ ٺاهي وٺندا آهن، ترقي يافته قومون جن وٽ ٻوليءَ جي تحقيق ۽ ترقيءَ جا وسيلا کوڙ آهن سي به ڪڏهن ڪڏهن ڪنهن ٻي ٻوليءَ جي لفظ کي پنهنجي لغت ۾ جاءِ ڏيندا آهن ته جيئن ان شئي جي اهميت جهڙي سا تهڙي رهي ... 3. سنڌي ٻولي هن وقت ڪئي ٻولين جي لفظن کي پاڻ ۾ سمائي پئي هلي ... جن ۾ سنسڪرتي. عربي، فارسي ۽ انگريزيءَ جا لفظ آهن، اردوءَ جا انڪري نه چوندس ته اردو پاڻ اڌاري ٻولي آهي، جا پڻ مٿي ذڪر ڪيل ٻولين جو مرڪب آهي ... 4. جيئن ته سنڌ هن وقت پاڪستان جو هڪ صوبو آهي (آزاد ملڪ ناهي) ۽ هن صوبي جا گهڻا تڻا وسيلا ٻين قومن جي هٿ چڙهي ويا آهن انڪري سنڌي زبان سان ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ آهي، جڏهن ته قومي ٻوليءَ جي ترقي ۽ واڌ ويجهه ۽ انکي دنيا جي جديد علمن ۽ ايجادات جي موافق ٺاهڻ حڪومتي ادارن جو ڪم آهي .. ۽ قومي خزاني جي مدد سان ئي اهڙيون ڪاوشون ٿينديون ته ڪو کڙ تيل به نڪرندو آهي، نه ته ڍڳي جو ملهه هزار ڍڳو هر نه هلي ... 5. سنڌ جي تعليمي ادارن سان به اها ساڳي حالت آهي، تحقيق تمام گهٽ ٿئي ٿي ۽ نتيجو اسانجي سامهون آهي ... ٻوليءَ ۾ بگاڙ، معاشري ۾ بي راه روي ۽ معاشي بدحالي عام ٿي پئي آهي، سنڌي ادارا پئسن جي ڪمي ۽ وسيلن جي کوٽ هجڻ سبب ڪو خاص مقصد حاصل ڪري نه سگهيا آهن، ادارن جو ڏوهه به ناهي جو سالياني بجٽ صرف پگهارن جيتري هوندي اٿن ... باقي تحقيق لئه کٽ کٽائي شاه ... دوستو! ڳالهيون ته گهڻيون آهن پر تنهن هوندي به آءُ دوستن کي عرض ڪندس ته سٺي ڳالهه جي تعريف ڪندي پيڇو ڪريون ۽ ادي فهد رند ۽ پنهنجي آس جي آڌار تي پنهنجي ٻوليءَ کي نج پج رکڻ لئه پاڻ پتوڙيون ... هڪ ٻئي کي اصل نسل لفظن جي ڄاڻ ڏيون ته ان مثال جي جيئان ته ”پيرُ پيرَ سان ملائجي ته منزل ويجهي ٿي پوندي آهي“ سو اچو ته پير کڻون منزل ڏانهن وڌون ... مثال آءُ شروعات ٿو ڪريان .. بيضي ۽ انڊي کي سنڌيءَ ۾ ”آنو“ به چئبو آهي ۽ انجو جمع ٿيندو ” آنا“ الله تعالا اسانجي رهنمائي فرمائي ... آمين
جواب: اچو تہ سنڌي ٻولي بچايون سائين قبلا نثار احمد جن کي عرض آهي ته سائين گلاس ڪهڙي ٻولي جو لفظ آهي ان کي سنڌي ۾ ان ئي نالي سان سڏجي يا ڪنهن ٻئي نالي سان رومال کي سنڌي ۾ ڪهڙي لفظ سان سڏجي۔
جواب: اچو تہ سنڌي ٻولي بچايون ادا رحيم بخش پاڻ وٽ ته وٽا ۽ پيالا هوندا هئا، انگريزن جي زماني ۾ اهي گلاس آيا ته پاڻ وٽ به گلاس ئي آهن ... باقي گلاس کي ڪائو به چئون ... ٻي ڳالهه ته اسان وٽ اڳي بوڇڻ ۽ انگوڇا هوندا هئا ۽ رومال آيا ته نالو رومال جيئن جو تيئن ئي آهي ... باقي مون پنهنجي جواب ۾ واضح ڪيو آهي ته اهو ڪم اعلا تعليمي ادارن جو هوندو آهي جن ۾ لنگيسٽڪ ( لغت) جو ادارو هوندو آهي، جنهنجو ڪم هوندو آهي ته دنيا جي نواڻ کي پنهنجي زبان ۾ آڻڻ لئه نوان نوان لفظ ايجاد ڪن ... پر افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته سنڌ ۾اهڙا ادارا آهن ئي ڪونه ۽ هاڻ تازو سنڌي لينگيوج اٿارٽي ٺاهي وئي آهي پر ان طرفان به ڪو خاص ڪم نظر نه آيو آهي ... sindhsalamatsaathsal
جواب: اچو تہ سنڌي ٻولي بچايون ادا بلڪل ائين آهي پنهنجي سنڌي ٻولي لاءِ ڪو به اهڙو ادارو نه آهي جيڪو نوان لفظ سنڌي جا ايجاد ڪري جڏهن ته ٻين ٻولين ۾ آهي مثلا فارسي ٻولي ۾ اهڙا ڪجھ نوان لفظ آهن موبائل کي تلفن همراه ڪمپيوٽر ۔۔۔رايانه سافٽوئير ۔۔۔ نرم افزار هارڊ وئير ۔۔۔سخت افزار لائوڊ اسپيڪر ۔۔۔ بلند گو وغيره اهڙا ڪافي لفظ آهن
جواب: اچو تہ سنڌي ٻولي بچايون ائين تہ حرام عربي ٻولي جو لفظ آهي پر اسين ان جي ٻي معني ڪڍون ٿا ۽ عرب ٻي لفظ ڀلي هڪ جهڙا هجن پر معني تہ ٻي آهي نہ سنڌي ٻولي جي آڏو اردو ٻولي نئين آهي ٿورڙو تاريخ جو معائنو ڪريو
جواب: اچو تہ سنڌي ٻولي بچايون ملاوٽي لفظ ابو _______ بابا امي_______امان آلو _________پٽاٽا سبزي______ڀاڄي انڪل_______چاچو آنٽي________چاچي مگر ___________پر اگر _______جيڪڏهن ڇا هي اسان جي ٻولي جي طرقي آهي ٿورڙو غور
جواب: اچو تہ سنڌي ٻولي بچايون ادا سائين جيڪي توهان لفظ ٻڌايا توهان جي مهرباني مهنجو مقصد اهو آهي جيڪي توهان کي لفظ خبر آهن سنڌي جا موڪليو