هڪ حڪيم صاحب هو. هڪ همراه ان وٽ آيو. جنهن وٽ هڪ ڊٻو هو. ان همراه ڊٻي مان هڪ زيور ڪڍيو. همراه چيو ته هي خالص سون جو تيار ڪيل زيور آهي جنهن جي قيمت ڏهه هزار کان گهٽ ناهي. هن وقت مون کي مجبوري آهي. توهان هن کي رکو ۽ پنج هزار مون کي ڏيو. مان هڪ مهيني ۾ روپيه واپس ڪري هن کي واپس وٺي ويندس. حڪيم صاحب چيو ”نه مان ان قسم جو ڪم ناهيان ڪندو“ پر همراه اهڙي انداز سان پنهنجي مجبوري ٻڌائي جو حڪيم صاحب کي ان تي ترس اچي ويو ۽ ان پنج هزار روپيه ڏئي ڪري زيور وٺي ورتو. ان کان پوءِ هن زيور کي الماري ۾ بند ڪري رکي ڇڏيو. مهينا گذري ويا پر اهو همراه واپس نه وريو. حڪيم صاحب کي ڪجهه تشويش ٿي. آخر هڪ ڏينهن هن اهو زيور لوهي جي الماري مان ڪڍيو ۽ ان کي کپائڻ لاءِ بازار پهتو. پر سوناري جانچ پڙتال کان پوءِ ٻڌايو ته زيور پتل جو آ. حڪيم صاحب کي سخت صدمو رسيو. پرروپيه وڃائڻ کان پوءِ هو پنهنجو پاڻ کي وڃائڻ نه پيو چاهي. ان ڪري هن اهو وساري ڇڏيو. هن صرف اهو ڪيو جو جنهن سون کي هن لوه جي الماري ۾ رکيو هيو اتان ڪڍي ڪري پيتل جي خاني ۾ رکي ڇڏيو. سبق: اسان جي زندگي جي معاملن لاءِ به اهو ئي طريقو بهتر آهي. انسانن جي وچ ۾ اڪثر شڪايتون ۽ تلخيون ان لاءِ پيدا ٿينديون آهن ته هڪ ماڻهونء مان اسان جيڪا اميد رکي آهي ان تي هو پورو نه ٿو لهي. اسان ڪنهن ماڻهون کي بااصول سمجهيو هو پر تجربي کان پوءِ معلوم ٿيو ته اهو ماڻهون بي اصول آهي. اسان جنهن شخص کي پنهنجي خيرخواه سمجهيو سو بدخواه نڪتو. اسان جنهن شخص کي معقول سمجهيو هو پر خبر پئي ته اهو شخص غير معقول نڪتو. اهڙي موقعي تي بهترين طريقو اهو آهي ته ان ماڻهون کي هڪ خاني مان ڪڍي ٻئي خاني ۾ رکي ڇڏجي. جنهن شيء کي اسان سون جي الماري ۾ محفوظ ڪري رکيو هيو. آزمائڻ کان پوءِ جڏهن خبر پئي ته اها شي ان قابل نه آهي ته بجاءِ جو پاڻ کي وڃائجي ۽ هر وقت ڪڙهندو ۽ سڙندو رکندي پنهنجو اندر ساڙجي ان شيء کي اهڙي خاني ۾ رکجي جنهن جي هو لائق هجي. اهو ئي محفوظ ۽ بهتر رستو آهي.