دنيا جي ملڪن جون برقي خدمات ۽ سنڌ

'آئي ٽي بابت تازيون خبرون' فورم ۾ نثارابڙو طرفان آندل موضوعَ ‏28 مئي 2013۔

  1. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    [​IMG]

    دنيا جي اڪثر ملڪن ۽ انهن جي ادارن جي ترقي کي ڏسي اتان جي قومن جي خوشحالي ۽ روزمرهه جي آساني کي محسوس ڪري سگهجي ٿو. دنيا جي قومن پنهنجي ملڪي عوام جي زندگيءَ کي سڦل ڪرڻ لاءِ ادارن کي جديد کان جديد ٽيڪنالاجي مهيا ڪئي آهي ۽ روزمرهه جا ڪم آسانيءَ سان گهر ويٺي ٿي وڃن ٿا، بغير ڪنهن رشوت يا پريشانيءَ جي.

    صحت، تعليم، عدالت، قانون، سفر يا وري ٻين خدمتن کي آنلائين ڪري عوامي زندگيءَ کي آسان بڻايو ويو آهي. جنهن ۾ هڪ عام ماڻهون پنهنجي گهر جي ڪمپيوٽر تان انٽرنيٽ ذريعي پنهنجا ڪم بغير ڪنهن تڪليف ۽ خرچ جي ڪري سگهي ٿو.

    انهن قومن جي ادارن جي ترقي ۽ عوامي سهولتن کي بغور ڏسجي ۽ وري سنڌ ملڪ جي ادارن ۽ عوامي حالت تي نظر ڊوڙائجي ته ائين لڳندو ته اسين ڪنهن اهڙي ملڪ ۾ رهون ٿا جيڪو دنيا جي ڪنهن ٻي گولي تي يا ڪنهن ٻي سياري تي واقع هجي جت جديد سهولتن جو فقدان ۽ عوامي جهالت ۽ بي خبريءَ جو سمنڊ وهندو هجي ...

    ماڻهون، ادارا جانورن جي دور واري زندگي گذاري رهيا آهن.

    پنهنجي ان حالت کي ڏسي ڪنڌ شرم کان جهڪي وڃي ٿو. ۽ آسمان ڏانهن منهن ڪري شڪايت ڪرڻ جهڙا به ناهيون ... انلاءِ ته؛ الله تعالا فرمايو آهي ته جيڪا قوم پنهنجي حالت پاڻ نٿي بدلائي انجي حالت آءُ به ڪون ٿو بدلايان.

    ڍڳي جو ملهه هزار ڍڳو هر نه هلي ... شاوا​
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    سچا آهيو سائين ۔۔۔ اسان وٽ سواء بئنڪنگ سروس جي ٻي ڪا خاص آنلائين سروس ناهي ۔۔۔ پر هاڻي ڪجهه سروس ڏيندڙ ڪمپنين جيئن گئس، بجلي وغيره جا بل ۽ انهن جي ادائگي به آنلائين ٿي سگهي ٿي پر اسان وٽ صحت، تعليم ۽ قانوني ادارن ۾ اڃن ان حوالي سان ڪابه پيش رفت ناهي ٿي۔
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو