رضوان علي جمالي
سينيئر رڪن
اوپرو اوپرو اڻ ڏٺل ٿو لڳين،
سنڌ جي ڀاڳ جيان رُٺل ٿو لڳين،
آرزو، جستجو، آسرو، ڀروسو!
تون سڄي زندگي جو عمل ٿو لڳين،
تون ته دودو هئين، تون ته دولھـ هئين،
اڄ موئن جي دڙي جيان ڊٿل ٿو لڳين،
رات شايد رُنو آ بخاري گهڻو
زلف جانا جيان وکريل ٿو لڳين