سنڌي ٻولي کي قومي بنائڻ جو وقت آ..

رسول بخش جوڻيجو

سينيئر رڪن
اردو ٻولي جي دانشورن اردو کي دفتري ٻولي بنائڻ لا لاهور ها ڪورٽ ۾ پٽيشن داخل ڪرائي آهي، اسان جي سنڌي اديبن ۽ دانشورن کي به سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي ۽ سنڌ جي دفتري ٻولي بنائڻ لا آواز اٿارڻ کپي، ڪراچي ، حيدرباد ، سکر ، ميرپورخاص ، نوابشاهه ۽ ٻين ڪافي شهرن جي تعليمي ادارن ۾ سنڌي ميڊيم مڪمل طور ميسارجي چڪي آ، انڪري اسان جا ڏات ڌڻين کي سنڌي ٻولي کي سنڌ جي قومي ٻولي بنائڻ لا ڀرپور جدوجهد ڪرڻ گهرجي ائين نه ٿئي جو نارائڻ شيام جو هي شعر سچ ثابت ٿي وڃي ۽ پو اسان جا هٿ مٿي تي هجن ۽ اسان جي جدوجهد نه ڪرڻ جي سزا ايندڙ نسل ڀوڳي۔۔

الله ائين م ٿئي جو ڪتابن ۾ پڙهجي
هئي سنڌ ۽ سنڌ وارن جي ٻولي۔

جيئي سنڌ ۔۔۔۔ سنڌ سلامت ساٿ سلامت
رسول بخش جوڻيجو
 
جڏهن به ڪو فاتح ڌرتي جي ڪنهن ٽڪري تي پير رکندو آ ته سڀ کان پهرين ان ڌرتي جون لائبريريون ڏڪي وينديون آهن، پر جڏهن ڪو اديب، شاعر ۽ دانشور ڪنهن ڌرتي تي پير رکندو آ ته ان ڌرتي جون لائبريريون وسيع ٿي وينديون آهن۔۔
هنگرين شاعر، هاربيلا
 
مان سمجهان ٿو ته اسان سياسي طور سنڌي ٻوليء کي قومي ٻولي مڃرائڻ لاء ڪابه وزنائتي يا زورائتي تحريڪ هلائڻ ۾ ناڪام رهيا آهيون، تنهنڪري اسانکي هاڻي قانوني رستو اختيار ڪرڻ گهرجي، جيئن ضمير گهمري صاحب ٻٽي نظام تي سپريم ڪورٽ ۾ ڪيس لڙيو هو ۔۔۔۔
 
اهو به بهتر عمل آهي پر اسان جي قومپرست ڌريون ٻين مسئلن تي حڪومت کي پريشر ڏيڻ لا هڙتالون ۽ ڌرڻا هڻن ٿيون پر سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي بنائڻ لا ڪا به اثرائتي جدوجهد نٿيون هلائن۔۔۔
 
Back
Top