چاهت ءِ چرپڻ جون البيليون صدائون

'مختلف موضوع' فورم ۾ معصوم سنڌي طرفان آندل موضوعَ ‏29 مئي 2013۔

  1. معصوم سنڌي

    معصوم سنڌي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏18 اپريل 2012
    تحريرون:
    690
    ورتل پسنديدگيون:
    1,769
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ڌنڌو:
    جرنلسٽ
    ماڳ:
    لياري ڪراچي
    (ڊائري جا ورق)
    چاهت ءِ چرپڻ جون البيليون صدائون
    2677 اٽيچمينٽ ڏسو 2677 اٽيچمينٽ ڏسو
    غلام مصطفيٰ جمالي
    الائجي ڪيترا سال روين جي اڏين ئي تي گذريدي ويا. البرٽ ڪاميو جي لفظن ۾ ته مونکي ماڻهن جا نالا ءِ ذاتيون وسري ويندا آهن پر ماڻهن جا رويا ناهن وسرندا انهن روين جي هن رڻ ۾ڪو به اهڙو هٿ نه مليو جيڪو ڪنهنهن منزل جي حاصلات تائين ئي نه سهي پر کن پل جي ساٿ جي ٿڦڪي بڻجي. ڪو اهڙو ڪنڌ نه هو جنهن تي ڪي پيار جون مالهائون لٽڪانجن.مون ته گهڻو ئي چاهيو هو ته گل جهڙن پيارن جي مند ٻارن جهڙي بڻجي پوي.ڪچنارن جي ڪچين جهڙا چپ چپن سان اگهجن.اکيون پيار جي ساهمي بڻجي پون. ٽشوپيپرن ۾ پيل ڪڙڪ ڊائرين جي ڇاتين جا سينگار بڻجي پون يا ڊائرين ۾ ستل چپ چمجن.ڪاش ائين ٿي پوي ها.پرائين نه ٿيو سکين سانوري ساڻ هوندي به پري هئي انهي اوپرائپ ءِ اجنبيت جو سبب هي هو ته شوشل ڊپريشن سماجهي مجبورين جون چورون چهٽل هيون وک وک تي بي حسي جا ٽامي جهڙا لڙڪ هئا ءِ زندگي بوج بڻجي وئي هئي آئون اڪيلائين جي آسمانن تي انهن پکين جيان اڏندوئي رهيس جنهن لاءِ خليفي نبي بخش قاسم هي سون ورنيون سٽون ارپيون آهن ته
    پک چنڊيندي اڏاڻي_ڪنهن ٽاڻي ڪونجهڙي
    آيس اڃاڻي _رات پنهنجي روح ۾
    ها وقت جي وڌانن سان انهن پکين جيان ئي ٿيو ءِ منهنجي من جي ڪيفيت انهي وڇڙيل ڪونج جهڙي ٿي وئي عذابن جو شامون ذلتن جا صبح نه کلڻ نه خوشي .حاصلات جيڪا ڪوهين ڏور ڪجي ته ڇا ڪجي؟
    بيروزگاري جو چريو راڪاس ته هاڻي مون کي ڳڙڪائڻ لاءِ وات کوليو ويٺو آهي زندگي انهي آٿت دلاسي جهڙي به نه هئي جيڪا ڪنهن دوست سماجهي اين جي اوز ۾ نوڪري وٺجرائي ڏيڻ لاءِ چئي هئي.اوڌيون منجون وڙهيل ورچيل تقديرون وک وک تي ڪهرام متل هي هل حشرزندگي جو شور منهنجي ڪهڙي ڪم جوکڏهرو موري جي صا حبه محل تي لهندڙ سج انهي حسينا جي چهڙي تي ختم ٿئي ٿو جنهن کي اياز جي چاهت ءِ چرپڻ جون البيليون صدائون تشبيهه ڏئي سگهجي ٿي ها رڻ ۾ ٽڙندڙ رات اها خوبصورت پرچپڙن جي ڀر ۾ چمي جي نشان جهڙي زندگي آخر وڃين ته ڪيڏا وڃين پئي.
    اهو سوال پنهنجو پاڻ ڪندي نوڪري جو دلاسو ذهن جي پرس ۾ رکي واپسي ٿئي ٿي واپسي جيڪا نا اميدن جيان پاڇي ۾ رهي آهي پيار جا سوال انڌا ته ٿيندا آهن پوءِ گونگن جوانن جون ٽاڻو ڇو شروع ٿيو آهي
    دل شڪستو نه ٿجي هو ته ڏاها ئي چون ٿا ڏاها جيڪي بکن مرندي مون پيهنجن گهناگارن اکين سان ڏٺا آهن ءِ پوءِ ڪيفيت هن نظم جهڙي ٿئي پوي ٿي ته منهنجي سامهون مايوسين جو اٿاهه سمونڊ آهي. ڪٿي آئون ٻڏي نه پوان دل ته چاهيو هو ته پيار جا پر ڇنڊيندي اڄ آئون اڏي پوان آئون روز پچان ءِ پڄران ٿو مايوس ٿي ڇوڳوٺ وران ٿو منهنجي اکڙين کي تنهنجي اچڻ جي آڪنڊ آ منهنجي سامهون مايوسين جو اٿاهه سمنڊ آهي منهجي ڊائرين جا سمورا پنا جن ۾ گهڻو ڪجهه آهي ڪاش هي ديس آزاد هجي ڪا به اک سوالي نه هجي ڪنهن به چهري تي ڪا به مايوسي نه هجي ءِ مايوسي جي ڪابه ريکا نه هجي زندگي املتاس تي ڪيل ان ڪوڪ جهڙي ٿي پوي جنهن کان پوءِ سانوڻيون سانگ ڪن
    ءِ بادل وري وري وسن ءِ آئون ان گهراين جو منظر آهيان زندگي ۾ جن لمحن جو انتظار مون کان سواءِ انهن نوجوانن کي نه آهي جيڪي سنڌ جا سرفروش نوجوان آهن جيڪي غم عاشقي کان سواءِ غم روزگار ۾ پڻ تڙپي رهيا آهن. ڪاش منهنجا سڀ سپنا ساڀيان ٿي دڳن ۾ هجن ٰءَ منزل جن کي چمين جا تحفا ڏي ڪاش ائين ٿي پوي. ڪاش ائين ٿي پوي

    غلام مصطفيٰ جمالي

    0333.3737575
     
  2. معصوم سنڌي

    معصوم سنڌي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏18 اپريل 2012
    تحريرون:
    690
    ورتل پسنديدگيون:
    1,769
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ڌنڌو:
    جرنلسٽ
    ماڳ:
    لياري ڪراچي
    ٽنڊي باگي جي کڏهري موري شهر جو هي نوجوان نهايت ئي نهٺو ۽ ملن سار آهي،
    اديب، صحافي، ڪمپيوٽر ماهر ۽ مووي ميڪر آهي، ساڻس مٿي ڄاڻايل نمبر تي ابطو ڪري سگهجي ٿو۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    ڇا ته لفظن جي چونڊ ۽ احساسن جي گهرائي آهي۔

    دل شڪستو نه ٿجي اهو ته ڏاها ئي چون ٿا ڏاها جيڪي بکن مرندي مون پيهنجن گنهگار اکين سان ڏٺا آهن
     
  4. گل حسن لاکو

    گل حسن لاکو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏18 جولائي 2010
    تحريرون:
    407
    ورتل پسنديدگيون:
    821
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    لائبريري اسسٽنٽ، مهراڻ يونيورسٽي ڄامشورو
    ماڳ:
    مهراڻ ٽائون، شهدادپور ضلع سانگهڙ
    ادا جمالي صاحب توهان جو لکيل مواد قابل تعريف آهي۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو