چونڊن کان پوءِ سڀ ڪجھ بدلجي ويو آهي.

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ معصوم سنڌي طرفان آندل موضوعَ ‏29 مئي 2013۔

  1. معصوم سنڌي

    معصوم سنڌي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏18 اپريل 2012
    تحريرون:
    690
    ورتل پسنديدگيون:
    1,769
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ڌنڌو:
    جرنلسٽ
    ماڳ:
    لياري ڪراچي
    (هن آرٽيڪل کي پڙهو ۽ پو پنهنجي را کان آگاهه ڪيو:معصوم)
    `````````````````````````````````````````````````````​
    چونڊن کان پوءِ سڀ ڪجھ بدلجي ويو آهي.
    ذوالفقار ميراڻي
    يارهين مئي کان پوءِ گھڻو ڪجھ تبديل ٿي چڪو آهي، شايد ڪي ماڻهو منهنجي ان ڳاله جو مذاق نه اڏائين، ۽ چون ته سڀ ڪجھ ته اهو ئي آهي.جيڪو ڇاهٺ سالن کان هلندو اچي ٿو. هن ڀيري به عوام انهن ئي اميدوارن کي چونڊيو آهي، جيڪي پهريان به هن ملڪ جي تقدير جا مالڪ بڻيل هئا. جڏهن اقتدار وارو لگام انهن جي هٿن ۾ هوندو، تڏهن تبديلي ڪهڙي هوندي؟ اهڙن ماڻهن جي لاءِ مون وٽ ڪو مناسب جواب ڪونهي. جنهن سان مان انهن کي مطمئن ڪري سگھان، ڇو ته هو چهرن جي ڳاله ڪري رهيا آهن. جڏهن ته مان فضا ۾ ايندڙ تبديلي جي ڳالهه ڪري رهيو آهيان. پهريان وارا چهرا ضرور آيا آهن، پهريان جهڙي بيلغام، جمهوريت ۽ بيخوف نظام حڪومت هاڻي باقي نه رهي آهي. ڪنهن کي يقين نٿو اچي ته اهي ڪجھ ڏينهن لاءِ انتظار ڪن. هاڻي جيڪڏهن حڪمرانن هڪ هڪ قدم سوچي سمجھي نه رکيو ته ڏسجو!
    يارهين مئي پاڪستان جي جمهوري تاريخ ۾ انهيءَ ڪري يادگار ڏينهن آهي، جو پنج سالن جي جمهوريت کان پوءِ عوام هڪ نئين جمهورري قيادت جي چونڊ ڪئي آهي. هنن چونڊن کي پاڪستان جي تاريخ جي سڀ کان وڏي چونڊ به چئي سگھجي ٿو، جنهن جو سبب هنن چونڊن ۾عوام جي بيپناه دلچسپي هئي. دهشت گردي جي واقعن ۽ سيڪيورٽي خدشن جي باوجود به عوام جو جوش و خروش ۽ ٽرن آئوٽ وڌيڪ رهيو. جنهن جو سبب چونڊن جي حوالي سان عوام ۾ پيدا ٿيندڙ اها اميد هئي، جنهن ۾ انهيءَ کي هڪ خوشحال ۽ عادلاڻي نظام جو حمايتي پاڪستان نظر آيو. هڪ طرف عمران خان جنهن تبديلي جو نعرو ڏنو، ته وري ٻئي طرف ميان محمد نواز شريف جيڪو انقلاب جي خوشي ٻڌائيندو رهيو. صرف اهو ئي نه بلڪه سموريون جماعتون عوام کي فلاحي نظام ۽ خوشحال پاڪستان ڏيڻ جون ڳالهيون ڪندا رهيا آهن. هنن چونڊن جي ايجنڊا صرف معاشي نه بلڪه نظام جي تبديلي سان ڳنڍيل هو، بس اهي ئي اهي نڪتا آهن، جيڪي مون کي اهو چوڻ تي مجبور ڪري رهيا آهن ته پاڪستان بدلجي چڪو آهي. ڇو ته عوام جي سوچ تبديل ٿي چڪي آهي. ۽ جڏهن ڪنهن قوم جي اندر تبديلي جي لاءَ تڙپ پيدا ٿي وڃي، تڏهن حڪمران ڪڏهن به نظر ڪري ن ٿا سگھن.
    اسان کي بحيثيت قوم انهيءَ ڳاله تي اطمينان جو اظهار ڪرڻ گھرجي ته اسان جي سمورن ادارن ۾ جمهوري نظام کي جاري رکڻ واري نڪتي تي اتفاق راءَ هئڻ گھرجي. اسان پنهنجي ماضي جي تجربن سبب يارهين مئي تي ٿيل چونڊن جي باري ۾ بي يقيني جو اظهار ڪندا رهياسين، حالانڪه سموريون قابل اعتماد طاقتن عام چوندن جي بروقت ٿيڻ جون حمايتي نظر اچي رهيون هيون. چونڊن جي ملتوي ڪرائڻ وارين سمورين سازشن کي ناڪام بڻايو ويو ۽ دهشت گردي جا سنگين واقعا به چونڊن کي روڪي نه سگھيا. اها ڳاله اسان جي رياستي ڍانچي ۾ايندڙ مثبت تبديلي کي ظاهر ڪري ٿي. هاڻي اها ڳاله ته واضح ٿي چڪي آهي ته اسان جي اندر اهڙو ڪو به عنصر موجود ناهي، جيڪو چونڊن يا جمهوريت جو مخالف هجي. تنهن ڪري عوام جي انهيءَ حق کي تسليم ڪئي ويئي آهي ته حڪومتون ٺاهڻ ۽ نمائندا چونڊڻ ڪنهن ٻئي جو نه بلڪه صرف ۽ صرف عوام جو ئي اختيار آهي. ماضي ۾ عوام کي انهيءَ حق کان محروم رکڻ جي لاءِ مڪروه راند رچي ويئي هئي. يا وري چونڊن کي هائي جيڪ ڪري پنهنجي پسند جي نتيجن کي عوام جو مقدر بڻايو ويندو هو، پر هاڻي حالتون تبديل ٿي چڪيون آهن، هڪ طرف عوام پنهنجي جمهوري حق کان محروم ٿيڻ جي لاءِ تيار ناهي۽ ٻئي ڀرف خود سياست جي اندر نون عنصرن جو شامل ٿيڻ سان هڪ مختلف فضا نظر آئي آهي.
    ڌانڌلي جي الزامن ۽ انهيءَ حوالي سان خدشن جي باوجود ڪنهن جي پاران به اهو مطالبو سامهون نه آيو آهي، ته سموري سياسي ۽ جمهوري نظام جي بساط لپيٽي وڃي. ڪن ماڻهن جي طرفان اهو چيو ويو آهي ته معاملا سنه 1970 جي ڏهاڪي ڏانهن وڃي رهيا آهن، جڏهن ذوالفقار علي ڀٽو جي دور اقتداردوران ٿيل ڌانڌلي جي خلاف تحريڪ شروع ڪئي ويئي هئي، ۽ ملڪ مارشل لا جي ور چڙهي چڪو هو. منهنجي نظر ۾ اهي قياس آرائيون بي بنياد آهن، جتي جتي ڌانڌلي ٿي آهي، ۽ ماڻهون غير مطمئن آهن، اتي عوام کي مطمئن ڪرڻ جي لاءِ قدم کڻڻ گھرجن، ان جي باوجود سياسي جماعتن جي اندر هڪ خاص قسم جي پختگي آهي. هاڻي ڪوبه معاملن کي ايتري سطح تائين نه ٿا وڃڻ چاهين جنهن سبب ڪو ٽيون فريق فائدو نه ماڻي وڃي، ان ڪري قدرتي طور تي چيڪ اينڊ بيلنس جي صورتحال نه پيدا ٿي وڃي. پاڪستان مسلم ليگ ن کي مرڪز ۽ پنجاب ۾ اڪثريت حاصل آهي، جتي هو سولائي سان حڪومت ٺاهي سگھي ٿي، جڏهن ته بلوچستان ۾ به پاڪستان مسلم ليگ ن هڪ وڏي سياسي جماعت جي حيثيت سان اقتدار ۾ ايندي. اهو انهيءَ لحاظ کان به ڀلو سونڻ آهي، جو مرڪزي حڪومت سان گڏوگڏ صوبائي حڪومت ۾ به پاڪستان مسلم ليگ ن جي موجودگي صوبي مسئلن کي حل عوام جي توقعات مطابق ڪرڻ ۾ مدد گار ۽ معاون ثابت ٿيندي.
    خيبر پختون خواه ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف کي اڪثريت حاصل آهي، اسان جي سياست ۾ ايندڙ سوچ جي پختگي جو اندازو انهيءَ ڳاله مان لڳائي سگھجي ٿو ته ميان محمد نواز شريف جن خيبر پختون خواه ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي مينڊيٽ کي تسليم ڪيو، ۽ اتي انهن جي مينڊيٽ کي ڪچلڻ جي ڪوشش نه ڪئي، بدقسمتي سان تبديلي مولانا فضل الرحمان جن ۾ پيدا ٿي نه سگھي
    هنن چونڊن ۾ هڪ وڏي تبديلي اها به آئي آهي ته ملڪ ۾ مخالف ڌر تبديل ٿي ويئي، ايئن چوڻ گھرجي ته پوئين اڌ صدي ۾مخالف ڌر ۽ حزب اقتدارجي جيڪا ورهاست پاڪستان مسلم ليگ ن ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي جي صورت ۾ موجود هئي، هاڻي ان جي هڪڙي پلڙي ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف اچي ويئي آهي، جيڪا صرف هڪ جماعت جي تبديلي ناهي، بلڪه انداز فڪر ۽ انداز سياست جي به تبديلي آهي،گذريل پنجن سالن ۾ فرينڊلي اپوزيشن جو جيڪو اصطلاح استعمال ٿيندو رهيو آهي، ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف ملڪ ۾ ٻي وڏي ۾ وڏي پارٽي سامهون اڀري آئي آهي. هاڻي عمران خان کي ماڻهو تبديلي جي علامت سمجھن ٿا، پهريان ماڻهو عمران خان کي وزير اعظم ڏسڻ چاهين پيا، هاڻي اڪثريت نه هئڻ جي صورت ۾ هنن عمران خان کي هڪ مضبوط مخالف ڌر جو اڳواڻ ڏسڻ جا خواهشمند آهن، ڇو ته جمهوريت ۾ فرينڊلي اپوزيشن جي ڪابه گنجائش نه هوندي آهي، جيڪڏهن حڪومت ۽ مخالف ڌر گڏجي وڃن ته جمهوري حڪومت هئڻ جي باوجود ان ۾ آمريت جا نقص جنم وٺن ٿا، اها خوشيءَ جي ڳاله آهي ته هن ڀيري اسين انهيءَ برائيءَ کان به آجا آهيون، جنهن جو سنئون سڌو فائدو عوام کي ئي پهچندو، جڏهن ته ايندڙ خبرن مان اهو پڻ صاف ظاهر آهي ته پاڪستان مسلم ليگ ن جي سربراه ميان محمد نواز شريف پاران حڪومت جي 100 ڏينهن جي لاءِ منصوبو تيار ڪرڻ جي لاءِ هدايتون جاري ڪري ڇڏيون آهن، جيئن عوام کي فوري طور تي ريليف ڏيئي سگھجي، ان جي باوجود ميان محمد نواز شريف جن کي انهيءَ ڳاله جو به خيال ڪرڻ گھرجي ته صرف معاشي ريليف ڏيڻ سان ڪم نه هلندو

     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    ڳالهيون گهڻيون آهن۔۔۔ تبديلي ڪانه آئي آهي، هي اليڪشن به پلاننڊ لڳي آهي ۔۔۔ تبديلي ڪٿي ايندي جڏهن وري مفاهمتي پاليسي هلندي ۔۔۔۔ سياستدانن ۾ ميچوئرٽي اچڻ ڪو سولو ناهي۔
     
  3. گل حسن لاکو

    گل حسن لاکو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏18 جولائي 2010
    تحريرون:
    407
    ورتل پسنديدگيون:
    821
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    لائبريري اسسٽنٽ، مهراڻ يونيورسٽي ڄامشورو
    ماڳ:
    مهراڻ ٽائون، شهدادپور ضلع سانگهڙ
    ادا تبديلي تڏهن اچي ها جڏهن اسان جو معاشرو انصاف ڪندڙ ۽ عوام دوست حڪمرانن کي ووٽ ڏئي ڪامياب ڪن ها؟
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو