ڪُرسيسَڄو ڏينهن ڪُرسيءَ جي پُوڄا هلي پَئي،هِتي هِن ڌرم کي وڏو زور آهي.روايتون ۽ ريتُون مَروڙي سَروڙي،گٽر جي ڪنهن نالي ۾ لوڙهيُون وِيون هِن.هِتي ڀاءُ ڀَڙوت کڻي ڀيڻ جي،بَچائين ٿا ڪُرسيءَ کي يارو ٻُڌو.هِتي ڪيئي هَٿ سان زَناخور کي،ڏَئي پنهنجي نياڻي وَٺن سيٽ ٿا.ٽڪيٽن وٺڻ لاءِ هي ٽولو ڏسو،ٿو ماتا لُٽڻ جا مُعاهدا ڪري.ڏِسو هن وڏيري اچي ووٽ لاءِ،غريبن تي گارين جي گجگوڙ ڪئي آ،ڪمائي به کڻندس، ڪنواريون به کڻندس،جي مرضيءَ سان منهنجي ڏِنئو ووٽ نه.انهيءَ ڏينهن اليڪشن جي ڀوتار ڀر ۾،بيهي پئي هڻايا هزارين ٺپا.ڏٺيون مون هيون اُهي عَصمت دَريون،چَڳن ۾ جَنهين جي چَنبا چُهٽيا،تن ٿَڦڙن ۽ ٿيلهن ٿُڪن ۾ ڪيون،هُون ڊيوٽيون ’حق‘ جي انهيءَ ڏينهن جون.وري ووٽ دوکي سان دل تي کڻي،هي چورن لُٽيرن جي محفل متي.اکين جي اڳيان آهه اونداهه ’احسان‘،ڪو ڏيئو ئي آڻي ٻاري هِتي،تَرارن ۽ تَوپن لاءِ نٿو چوان،ڪو ڏانٽي سان ئي ڏاگهن کي ماري هِتي.
بس ادا ڇا ڪجي ۔۔۔ هرڪو ڪرسي جي ڪڍ آهي، ڪو آفيس جي ڪرسي لاء پريشان ته ڪو حڪومتي ڪرسي لاء ۔۔۔۔ ڪو مذهبي ڪرسي لاء ته ڪو سماجي مرتبي لاء۔۔۔۔