ٻارن ۾ دستن جي تڪليف وڏن کان وڌيڪ عام آهي۔ ڇو جو ٻارن جو هاضمو هر کاڌي جي شي کي هضم نه ڪري سگهندو آهي۔ ان کان علاوه صفائي جي اصولن کان هٽيل خوراڪ به ٻارن ۾ دست ڪرائيندي آهي۔ اگر وقت سر دُرست علاج ڪرائجي ته هي بيماري ڪجهه ڏينهن کان وٺي ڪجهه هفتن ۾ ختم ٿيو وڃي پربدقسمتي سان اسان وٽ صحت جي ڄاڻ گهٽ هجڻ ڪري والدين صحيح وقت تي ٻارن کي ڊاڪٽر وٽ نه وٺي ويندا آهن ۽ علاج ۾ غير ضروري دير جي ڪري ٻارن جي زندگي ۽ موت جو مسئلوٿيو وڃي۔ اسان سڀني جو اولين فرض آهي ته دستن متعلق درست معلومات گهر گهر پهچايون ته جيئن معصوم گلڙن جي زندگي بچائي سگهجي۔ دستن کي بيماري ۾ شمار نه ڪيو ويندو آهي۔ هي هڪ علامت آهي جيڪا مختلف قسم جي بيمارين ۾ ظاهر ٿيي ٿي۔ ٻار کي جڏهن پاخانو پاڻي وانگر باربار اچڻ لڳي ته ان کي دست چوندا آهن۔ دست هڪ عام تڪليف آهي ، تقريبن هر ٻار کي عمر جي ڪنهن نه ڪنهن حصي ۾ دست ضرور ٿيندا آهن۔ دستن جي ڪري جسم مان پاڻي ۽ نمڪيات (سوڊيم، پوٽاشيم، ڪلورائيڊ ۽ با ڪاربونيٽ وغيره) تمام گهڻي تعداد ۾ ضايع ٿي وڃن ٿا۔ جنهن جي ڪري ڪافي سارا سسٽم پنهنجو ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏيندا آهن۔ اهڙي حالت کي ڊيهاڊريشن چوندا آهن۔ زندگي جي لا خطرناڪ صورت ان وقت پيدا ٿيندي آهي جڏهن جسم مان ايترو پاڻي نڪري وڃي جو بيهوشي جا دورا پوڻ لڳن۔ ٻارن ۾ دستن جا ڪارڻ: انفيڪشن (مختلف قسم جا بيڪٽيريا ۽ وائرس) خراب خوراڪ (فوڊ پوائزننگ) غلط دوائن جو استعمال۔ ننڊي ۽ وڏي آنڊي جي سوزش۔ والدين لا هدايتون: والدين کي گهرجي ته سندن ٻار کي جڏهن دست ٿين ته دستن جوتعداد، مقدار ۽ رنگ وغيره جي ڄاڻ ضرور معلوم ڪن۔ ڇو جو اها ڄاڻ ڊاڪٽر کي پهچائڻ ضروري آهي ته جيئن هو دستن جي شدت جو اندازو لڳائي سگهي۔۔ ٻار جي هوش حواس تي نظر رکڻ گهرجي ، خُدانخواسته ٻار ۾ غنودگي ، سستي يا بيهوشي ٿيڻ لڳي ته فورن ويجهي صحت جي مرڪز تي ڊاڪٽر کان معائنو ڪرائڻ گهرجي۔ اگر ٻار ۾ دستن سان گڏ اُلٽيون به هجن ته اها صورتحال وڌيڪ سنجيدگي سان وٺڻي آهي ۽ ترت علاج سان ٻار جي حالت جلد کان جلد بهتر ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ گهرجي۔ پنهنجي مرضي سان يا ڪنهن عطائي ڊاڪٽر جي مشوري سان ڪا به دوا توهان جي ٻار لا خطرناڪ به ٿي سگهي ٿي۔ گهر ۾ دستن واري ٻار جي سنڀال: هيٺين هدايتن سان ٻار جي گهر ۾ ئي سنڀال ڪري سگهجي ٿي ته جيئن معصوم جان خطرناڪ صورتحال اچڻ کان پهرين ئي بچائي سگهجي۔ عام طور تي سمجهيو ويندو آهي ته دستن واري ٻار کي ڪجهه به نه کارائجي ٻي صورت ۾ دست وڌي ويندا۔ اها ڳالهه بلڪل غلط آهي۔ ٻار کي عمر جي حساب سان سندس خوراڪ جاري رکڻ گهرجي۔ صرف اُلٽين ۾ خوراڪ ڏيڻ کان پرهيز ڪرڻ گهرجي ۽ اهڙي صورتحال ۾ ڊاڪٽر جي مشوري سان ڊرپن ذريعي جسم ۾ پاڻي ۽ نمڪيات جي گهٽتائي پوري ڪرڻ لازمي آهي۔ اڪثر ٻارن ۾ دستن جي گهڻائي سان پاڻي ۽ نمڪيات جي گهٽتائي تمام گهڻي ٿي ويندي آهي۔ اهڙن ٻارن ۾ او آر ايس شروع ڪرڻ گهرجي۔ اڄڪلهه سٺن ذائقن سان ٺهيل ٺڪيل او آر ايس به ملندا آهن( پيڊيالائيٽ وغيره) جيڪي ٻار شوق سان پين ٿا۔ جيڪي ٻار ما جي کير تي آهن انهن کي ما جو کير بند نه ڪرڻ گهرجي پر جيڪي وڏڙا ٻار ٻاهريون کيرپيندا آهن انهن کي پاڻي جو مقدار وڌائي مطلب ته ڇڊو ڪري کير پيارڻ گهرجي۔ ٻارن کي ڪيلو، کچڙي ۽ ڊبل روٽي وغيره عمر ۽ ضرورت مطابق ڏيڻ گهرجي۔ اهڙا جوس يا کاڌا جن ۾ مٺاڻ تمام گهڻي هوندي آهي انهن کان پرهيز ڪرڻ گهرجي۔ ٻار ۾ پاڻي ۽ نمڪيات جي گهٽتائي جون علامتون: ٻار جو وات خشڪ ٿيڻ۔ اکين جي چمڪ گهٽ ٿيڻ، ڳوڙهن ۾ گهٽتائي۔ بار بار اُڃ لڳڻ پيشاب گهٽ ۽ پيلو اچڻ۔ ٻار ۾ ڊيهاڊريشن جون خطرناڪ علامتون: پيشاب بلڪل گهٽ اچڻ يا نه اچڻ۔ اکين جو اندر دٻجي وڃڻ۔ نيم بيهوشي، غنودگي۔ ٻار کي ڪڏهن ڊاڪٽر وٽ وٺي وڃڻ گُهرجي۔۔۔؟ مٿي بيان ڪيل علامتن سان گڏوگڏ هيٺيون علامتون به اهم آهن۔ جڏهن به اهي موجود هجن جلد ازجلد ويجهي ڊاڪٽر سان مشورو ڪرڻ گهرجي۔ دستن سان گڏ رت جو اچڻ۔ ٻار ڪجهه به کائڻ کان لنوائڻ لڳي۔ پيٽ ۾ گهڻا وَٽ يا شديد تڪليف جو ٿيڻ۔ ٻار جو هوش حواس گهٽجي وڃڻ۔