66 سالن کان هلندڙ زمين جو ڪيس

'مختلف موضوع' فورم ۾ معصوم سنڌي طرفان آندل موضوعَ ‏29 مئي 2013۔

  1. معصوم سنڌي

    معصوم سنڌي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏18 اپريل 2012
    تحريرون:
    690
    ورتل پسنديدگيون:
    1,769
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ڌنڌو:
    جرنلسٽ
    ماڳ:
    لياري ڪراچي
    66 سالن کان هلندڙ زمين جو ڪيس
    2683 اٽيچمينٽ ڏسو 2683 اٽيچمينٽ ڏسو
    ڀارت جي اترين رياست بهار ۾ پوجپور ضلعي جي اڪونا ڳوٺ ۾ ٻن خاندانن وچ ۾ گذريل 66 سالن کان ڪورٽ ۾ جاري زمين جو ڪيس ٻن ڪٽنبن جي ويڙهه جو پنهنجو پاڻ ۾ هڪ انوکو واقعو آهي. انهيءَ ڪيس ۾ هن وقت تائين 300 کان وڌيڪ فريادي/دعويدار لڳ ڀڳ 30 هزار صفحن تي ٻڌل دعويداري جا دستاويز ۽ هڪ ڊزن کان وڌيڪ ڪيل حصو وٺي چڪا آهن.
    گنگا ۽ سريو سرياهن وچ ۾ آباد زمين جي ان ٽڪري تي پنهنجي پنهنجي دعويداري سان بيسيسور سنگهه ۽ هرگوند راءِ جو خاندان پهريون ڀيرو 21 اپريل 1947ع ۾ ڪورٽ پهتو هو ۽ هاڻي 2013ع ۾ ٻنهي ڪٽنبن جو چوٿون نسل ڪورٽ ۾ اهو ڪيس وڙهي رهيو آهي.
    ٻنهي خاندانن جو چوڻ آهي ته ان قانوني لڙائي سبب اهي هن وقت تائين لکين رپيا خرچ ڪري چڪا آهن ۽ اهم ڳالهه اها آهي ته ان دوران گنگا ڪيئي ڀيرا پنهنجو رستو بدلايو جنهن سبب تڪراري زمين به ٻڏي چڪي آهي. هرگوندراءِ جي پڙپوٽي ستيه نارائڻ سنگهه مطابق سندس خاندان هن وقت تائين ڪورٽ جي چڪرن ۾ لڳ ڀڳ 20 لک رپيا خرچ ڪري چڪو آهي پر اڃا به هو زمين تي مالڪاڻي حق لاءِ قانوني جنگ وڙهندا رهندا. هو چوي ٿو هاڻي اها جنگ زمين جي لڙائي نه پر عزت جي لڙائي بڻجي وئي آهي. مون کان پوءِ منهنجا پٽ ۽ پوٽا ان جنگ کي جاري رکندا.
    ٻئي طرف بيسيسور سنگهه جي خاندان جي چوٿين نسل جو اميش ڪمار سنگهه چوي ٿو ته پوجپور جي ضلعي ڪورٽ 2 ڀيرا سندس حق ۾ فيصلو ٻڌايو هو پر هاءِ ڪورٽ ۾ اپيل بعد هيٺين ڪورٽ جي فيصلي کي رد ڪيو ويو. هن موجب اهو اسا نجي پيچيده ۽ سست ڪورٽ عمل جو نتيجو آهي جو اسان جو ڪيس گذريل 66 سالن کان ڪورٽن ۾ شنوائي هيٺ آهي. هن چيو ته هو ڪورٽ جا چڪر هڻي ٿڪجي پيا آهن پر پوءِ به هو پنهنجي حق جي لڙائي جاري رکندا. دلچسپ ڳالهه ته ٻئي خاندان ۽ سندن وڪيل به مڃن ٿا ته ڪورٽ ۾ حل ملڻ مشڪل آهي ۽ ڪورٽ ٻاهران ئي حل ڳولي سگهجي ٿو.
    هندستان ۾ هاءِ ڪورٽ ۽ ماتحت ڪورٽن ۾ 3 ڪروڙ ڪيس شنوائي هيٺ آهن ۽ ڪورٽن ۾ ججن جي ڪمي آهي. رياست بهار جي ڪورٽن ۾ 16 لکن کان به وڌيڪ ڪيس التوا ۾ آهن ۽ انهن مان گهڻا زمين بابت آهن.

    (بي بي سي جي ٿورن سان)
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    مطلب ته اتي به ڪورٽن جو ساڳيو اسان وارو حشر آهي۔۔۔۔۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو