شاهه بلاول نوراني ڪير هو؟ بدر ابڙو 2684 اٽيچمينٽ ڏسو 2685 اٽيچمينٽ ڏسو ”جڏهن اسان لاهوت وياسون، تڏهن اتان جي ماڻهن ٻڌايو ته گوڪل ديو نوراني باغ واري مٽي ڪائيءَ مان چڪيءَ وانگر هٿ جي تِري تي کڻي آيو هو!“ مون کيس اها روايت ياد ڏياري. ”سردار محمد خان ان روايت کي سڌيءَ طرح رد نه ڪيو پر چوڻ لڳو ته ”اسان پاڻ مولائي به آهيون، پنج تن کي مڃڻ وارا به آهيون. هن ايريا ۾ پهريون علم اسان جي خاندان جو لڳو. نڪو باجر، نڪو سيد، نڪو پير قلندر کانسواءِ.. پر نورانيءَ واري باغ... بابت مون هڪ روايت ٻڌي آهي. ڪن ماڻهن جو عقيدو آهي ته اهو شاهه نورانيءَ وارو مقبرو خود حضرت علي عليه السلام جو مقبرو آهي. فقيرن جو اهو عقيدو اٿوَ! ڀوتاڻي محمد صالح ۽ محمد ابراهيم ان جي وڏي ڀاءُ محمد ابراهيم مونکي هڪ روايت ٻڌائي ته، نوراني بادشاهه جو نالو ”بلاول“ هو. شاهه بلاول، چئن فقيرن سان گڏجي آيو، هو پنجاب جي طرف جو هو، پهرين اچي حب نئن جي ڪپ تي ويٺو، پوءِ اتي ان جو آستانو ٺهيو جيڪا چون ٿا ته اتي هن جي بيٺڪ آهي ۽ چيائين ته هن جا پهريان پهريان مُريد اسين ٿياسين، هن اسان کي ڪجهه ڪرامتون، چشما ڏيکاريا، اهو لاهوت پراڻو ماڳ هو جتي ماڻهو وڃي چِلا ڪاٽيندا هئا، جيئن اتي شاهه عبداللطيف يا وڏن وڏن اوليائن جا چِلا ڪاٽيل آهن... ...پوءِ بادشاهه (نوراني) ايڏانهن ويو. اهو چشمو وهندڙ هو، پوءِ هن اتي وڃي پنهنجو آخري آستانو اتي ڪيو. آخري آستاني کانپوءِ هن اتي اهي چڪيون رکيون، اهو باغ ٿيو، ان کانپوءِ هن (ڀوتاڻيءَ) مون کي نشانيون ڪڍي ڏيکاريون ۽ چيائين ته ”مان سردار ماڻهو توکي قسم سان ٿو ٻڌايان ته هي فقير جيڪي حال وسيلا پائيندا آهن، ڪولابو ڪنٺو، اهو لوهه جو دست پناهه ۽ ڪِشتي جيڪا کڻندا آهن، هي تلوار! اسان کي وڏن کان هن جي هٿ سان مليل آهن، هن سڀ کڻي آڻي مونکي انهن جي زيارت ڪرائي! چيائين، ”هاڻي فقير تون ڇا به سمجهه! عقيدتمند ڇا به سمجهن، انهن جي عقيدي ۾ اسين ڪجهه چوڻ وارا ڪونه آهيون (يعني هي حضرت علي ڪرم الله وجه ڪونه آهي). پهريان مريد اسين آهيون، هو جڏهن ويو ٿي تڏهن اسان جي وڏن کي وصيت ڪري هي ڏئي ويو ته هي منهنجون امانتون توهان وٽ هجن. ”شاهه بلاول“ نالو هئس، اڃا به ايئن ئي چون ٿا. ”شاهه نورانيءَ جي مزار اتي اصل کان هئي يا نه؟“ جڏهن اسان اهو سوال ڪيو ته نوحاڻيءَ چيو: ”جڏهن منهنجي عمر 25 سال هئي (يعني اڄ کان 45 سال اڳ سن 1958ع ۾) ان مهل به مون مزار ڏٺي ۽ نه وري اها ڳالهه مون ڪنهن کان ٻڌي آهي ته اڳي هتي مزار ڪانه هئي.“ ان طرح هن اها ڳالهه رد ڪئي ته ڪو هيءَ مزار تازي يا هٿرادو آهي. شاهه بلاول نوراني ڪير هو؟ مون کي ڪراچيءَ ۾ رهندڙ هڪ بلوچ شاعر غلام رسول ”مُلا“ مُلا زئي ياد آيو، جنهن وٽ شاهه بلاول نورانيءَ جي اصليت بابت هڪ بلڪل جدا ٿيسز هئي. هن جو چوڻ هو ته ”چار پنج سئو سال اڳي لاهوت واري علائي ۾ ”بالاچ“ نالي هڪ گورگيج جوان پنهنجي ڀاءُ جي پلاند ۾ 70 ماڻهو ماريا هئا. ان جي ڀاءُ جو نالو ”دودو“ هو جنهن وٽ ”سمي“ نالي هڪ عورت آئي، سميءَ جي مائٽن دودي کي ماري وڌو هو. بالاچ جو پيار جو نالو بلو هو ۽ ”بلاول نوراني“ ئي ”بالاچ گورگيج“ آهي. مون اها روايت سردار نوحاڻيءَ کي ٻڌائڻ مناسب نه سمجهي ۽ چپ رهيس مون کي اندازو هو ته هو جواب ۾ ڇا چوندو. (ڪتاب: ”منڇر گورک گاج دنيا“ تان ورتل)