بالي ووڊ جو سڀ کان مقبول نغمو بهارو ڦول برسائو محمد رفيع جي آواز ۾ فلم سورج جي سدا بهار گيت ”بهارو ڦول برسائو ميرا محبوب آيا هي“ کي بالي ووڊ جي تاريخ جو سڀ کان مقبول نغمو چيو وڃي ٿو. هندستاني سينيما جي سئو سالن کي پنهنجي انداز سان ملهائڻ لاءِ بي بي سيءَ 1940ع کان 2010ع وچ ۾ رليز ٿيندڙ فلمن مان هڪ سئو چونڊ نغمن جي لسٽ جاري ڪئي هئي. ان مان هڪ مقبول ترين نغمي جي چونڊ ڪرڻي هئي سامعين ان لاءِ ووٽ ڏنا. اهو نغمو لکڻ لاءِ حسرت جئه پوري کي ۽ ان جي موسيقي لاءِ شنڪر جي ڪشن کي فلم فيئر ايوارڊ سان نوازيو ويو هو جڏهن ته محمد رفيع کي ان ئي گيت لاءِ بهترين پلي بيڪ سنگر جو ايوارڊ مليو هو ۽ فلم کي ان سال جي بهترين فلم قرار ڏنو ويو هو. اها فلم 1966ع ۾ آئي هئي ۽ ان ۾ راجندر ڪمار ۽ وجنتي مالا اهم ڪردار نڀايا هئا. ان جو اعلان ٽوي سنڌو جي هڪ اسپيشل پروگرام ۾ ڪيو ويو ۽ ان ۾ شامل ٻين ماڻهن ۾ نقاد راجيو مسند به شامل هو. ٻئي نمبر تي راج ڪپور جي فلم آواره جو نغمو ”آواره هون“ رهيو جنهن کي مڪيش پنهنجي انداز ۾ ڳايو هو ۽ اها فلم 1951ع ۾ آئي هئي جڏهن ته ٽئين نمبر تي دل والي دلهنيا لي جائينگي جو گيت تجهي ديکا تو يه جانا صنم آيو، اهو لتا منگيشڪر ڳايو آهي. چوٿين نمبر تي دل اپنا اور پريت پرائي جو نغمو عجيب داستان هي يه ڪهان شروع ڪهان ختم، جيڪو به لتا ڳايو آهي، پنجين نمبر تي ڪڀي ڪڀي فلم جو ڪڀي ڪڀي ميري دل ۾ خيال آتي هي جيڪو لتا ۽ مڪيش ڳايو، ڇهين نمبر تي وير زارا جو گيت تيري ليئي، ستين نمبر تي 1975ع ۾ آيل سپرهٽ فلم شعلي جو گيت يه دوست هم نهين ڇوڙينگي، اٺين نمبر تي مغل اعظم جو ”جب پيار ڪيا تو ڊرنا ڪيا، لتا جي آواز ۾.