توانائيءَ جو وڌندڙ بحران ۽ ان جو حل!!!

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ معصوم سنڌي طرفان آندل موضوعَ ‏30 مئي 2013۔

  1. معصوم سنڌي

    معصوم سنڌي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏18 اپريل 2012
    تحريرون:
    690
    ورتل پسنديدگيون:
    1,769
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ڌنڌو:
    جرنلسٽ
    ماڳ:
    لياري ڪراچي
    توانائيءَ جو وڌندڙ بحران ۽ ان جو حل!!!
    2687 اٽيچمينٽ ڏسو
    توانائي نه صرف انساني جياپي لاءِ هڪ اهم شيءِ آهي بلڪه اها معيشت ۾ پڻ اهم ڪردار ادا ڪري ٿي. دنيا جا ترقي يافته ملڪ توانائيءَ جي بحران کي حل ڪرڻ نه صرف پنهنجي حال بلڪه پنهنجي مستقبل لاءِ به توانائيءَ جي بحران کي منهن ڏيڻ لاءِ منصوبه بندي ڪري رهيا آهن. اڄ پاڪستان پڻ 5000-7000 ميگا واٽ توانائي جي بحران جي ور چڙهيل آهي. جنهن جا هڪ پاسي هتان جي معاشي زندگي تي خراب اثر پئجي رهيا آهن ته ٻئي طرف ڪيتريون ئي ملڪي صنعتون بند پيل آهن. جنهن سان ملڪي معيشت ترقي ڪرڻ بجاءِ ڏينهون ڏينهن پٺتي پئي ٿيندي وڃي.
    پاڪستان 64.12 سيڪڙو توانائي زمين جي اندران ملندڙ معدنيات مان حاصل ڪري ٿو ۽33.30 سيڪڙو پاڻيءَ مان، 2.45 نيوڪلائي پلانٽن مان توانائي حاصل ڪري ٿو. موجوده وقت ۾ پاڪستان کي 6500 ميگاواٽ توانائي جي ضرورت آهي. جنهن سان هو پنهنجي ملڪي درپيش آيل مسئلن کي حل ڪري سگهي ٿو. دنيا جا ٻيا ملڪ پنهنجي توانائيءَ جو 40 کان 50 ڪوئلي مان پيدا ڪن ٿا جڏهن ته پاڪستان پنهنجي توانائيءَ جو صرف ۽ صرف 0.79 سيڪڙو ڪوئلي مان حاصل ڪري ٿو. جڏهن ته آمريڪا 56 سيڪڙو، انگلينڊ 58 سيڪڙو ۽ چائنه 81 سيڪڙو توانائي ڪوئلي مان حاصل ڪن ٿا.
    اچو ته هاڻي هن مسئلي جو حل ڳوليون، هن مسئلي جو حل آهي ته جلد کان جلد ٿر جي ڪوئلي تي ڪم ڪيو وڃي ڇاڪاڻ ته ٿر ۾ ڪوئلي جا ايترا ته وڏا ذخيرا موجود آهن جو اگر انهن کي صحيح نموني استعمال ڪيو وڃي ته سمورو پاڪستان لڳ ڀڳ ڏيڍ صديءَ تائين توانائيءَ جي مسئلن کان آجو ٿي سگهي ٿو. توانائيءَ حاصل ڪرڻ جو ٻيو سڀ کان اهم ذريعو آهي ونڊ انرجي آهي سنڌ ۾ ٺٽي، گهارو ۽ ساحلي پٽي طرف ايتريون ته هوائون آهن جن جي رفتار ونڊ ٽربائينس کي هلائڻ لاءِ گهربل رفتار کان به وڌيڪ آهي، جنهن مان 7500 ميگاواٽ کان وڌيڪ توانائي پيدا ڪري سگهجي، جيڪا اسان جي ملڪي ضرورتن کان به وڌيڪ آهي. ان کان علاوه شمسي توانائي تي اگر صحيح نموني ڪم ڪيو وڃي ته ان مان پڻ 1500 کان 3000 ميگاواٽ بجلي حاصل ڪري سگهجي ٿي. پاڪستان پڻ 3600 کان 4000 ميگاواٽ توانائي پاڻيءَ مان حاصل ڪري سگهي ٿو.

    ان لاءِ مسئلن جي منظرنگاري کان بهتر آهي ته انهن جي حل ڪرڻ تي توجهه ڏنو وڃي ته جيئن ملڪ کي توانائيءَ جي بحران کان آجو ڪري ترقي جون منزلون طئي ڪري سگهي.
     
  2. وفا حنيف بلوچ

    وفا حنيف بلوچ
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏2 جون 2013
    تحريرون:
    11
    ورتل پسنديدگيون:
    34
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    ساماروشاخ تعلقو سنڌڙي ضلعو ميرپورخاص
    ادا معصوم توهان جون صلاحون ته تمام بهترين ۽ ڀليون آهن پر يار ڇا ڪجي ڪو مڃڻ وارو به ته هجي نه.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو