• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

چپل جو ترو..

  • موضوع موڪليندڙ موضوع موڪليندڙ مست
  • شروعاتي تاريخ شروعاتي تاريخ

مست

سينيئر رڪن
هڪ همراهه پنهنجي محبوبا کان سندس پيار جي نشاني گهري ته ان محبوبا کيس پنهنجي چپل جو ترو ڏياري موڪليو، ان همراهه کي اها به نشاني ڏاڍي پياري هئي،
اهو همراهه سوناري جي دڪان تي ويو ۽ کيس اهو چپل جو ترو هڪ چانديءَ جي صندوق ۾ رکڻ جو آرڊر ڏئي هليو آيو،
ڪجهه ڏينهن بعد اهو همراهه سوناري جي دڪان تي پهتو، سوناري کيس سندس چانديءَ جو صندوق ڏيندي چيو ته:
”اي دوست ! ڇا تون اهو ٻڌائڻ پسند ڪندين ته اهو ڪهڙي بزرگ جي مقدس چپل جو ترو آهي، جنهن کي تون ايتري پيار سان چانديءَ جي صندوق ۾ ٺهرائي رکيو آهي؟“
همراهه جواب ڏيندي چيو: ”اهو منهنجي محبوبا (ڊارلنگ) جي چپل جو ترو آهي“
سوناري ڪاوڙ مان وراڻي ڏيندي چيو: ” اڙي اُٿ نڀاڳا۔ ٽر هتان، تنهنجي ان محبوبا جي چپل جي تري کي ڪنهن بزرگ جي چپل جو ترو سمجهي چميون ڏئي ڏئي منهنجي سڄي فيملي اڌ مُئي ٿي آهي۔۔۔ “ ههههههههههه
هههههههههههههههه
 
هاهاهاها ۔۔۔۔

اهو اٿئي انڌو عشق ۔۔۔ ٻنهي پاسي۔۔۔۔۔ هل ڙي هل سنڌ تنهنجا ڀاڳ
 
Back
Top