امر گل جي خوبصورت ڪيليگرافي سان لطيف سائين جو هڪ بيت عرض آهي۔ ڪنهن دَرَ ڏيان دانهڙي، پورڀ مارياس.متيون ڏيندي لوڪَ کي، چري پاڻ ٿياس.جنهين نه جيهياس، لئون لڳي اُنَ سين.
طالب کي پورب پار جي آديسين جي ڦوڙائي ۽ فراق هڻي ماري رکيو آهي. کيس ٻيو ڪوبه در نظر نه ٿو اچي جتي وڃي دانهين ٿئي. حقيقي عشق جي چڻنگ چولي ۾ پوڻ کان اڳ هوءَ ڏيهن کي متيون ڏيندي هئي پر اهڙي درد جو شڪار پاڻ ٿي وئي ۽ سندس متيون ئي منجھي ويون، کيس پنهنجي ڪمزوريءَ جو چڱي طرح احساس آهي. هن بيت ۾ لطيف سائين عورت کي طالب طور پيش ڪيو آهي. ڊاڪٽر بشير احمد شاد _____________________ چري پاڻ ٿياس، متيون ڏيندي لوڪ کي. بنياد: هن پھاڪي جو بنياد ليلا چنيسر جي قصي تي ٻڌل آهي. ليلا ڏاڍي سياڻي هئي. شاهه عبداللطيف پنھنجي رسالي ۾ ليلا جي واتان چوائي ٿو ته: ”ڏاهي هيس ڏيھ ۾ سرتين منجهه سڄاڻ” پر ليلا جو عقل کٿو جو ڪؤنروءَ کان هار ورتائين، جنھن ڪري چنيسر کيس ڏهاڳ ڏيئي ڇڏيو. جڏهن ڪنھن کان اوچتو ڪا اهڙي خطا ٿيندي آهي جا جيڪر هو ھونءَ ڪين ڪري، تڏهن پڇتائيندي ائين چوندو آهي. ڀيرومل مهرچند