ڪائنات، انسان ۽ فڪر جو سائنسي انداز ڊاڪٽر احمد حسين ڪمال سائنس ۽ طبيعات جي علم انسان آڏو ڪائنات جا گهڻا گوشا بي نقاب ڪيا آهن. ڪائنات ڪهڙيءَ طرح وجود ۾ آئي؟ ان جي جوڙجڪ جا عنصر ڪهڙا آهن؟ نظام شمسي ڇا آهي؟ ستارا ۽ ڪهڪشائون ڇا آهن؟ سيارن جي جوڙجڪ ڪيئن عمل ۾ ايندي آهي؟ ستارا ۽ ڪهڪشائون ڪهڙيءَ ريت ٺهن ٿا؟ ستارن ۽ سيارن جو عمل ڇا آهي؟ ريڊيائي لهرون ۽ تابڪاري ڇا آهي؟ مقداري نظريو (Quantam theory) ڇا کي چوندا آهن؟ اضافتي نظريو (Relativity theory) ڇا آهي؟ زندگي ڇا آهي ۽ ان سان ڪهڙيون ڪهڙيون شيون لاڳو آهن؟ ائٽم ۽ ان جا اڄ تائين معلوم ٿيل جزا ڪهڙا آهن؟ انسان تي معاشري جو موضوعي اصول ۽ معروضي احوال وغيره وغيره اهڙيون ڳالهيون آهن، جيڪي هاڻي انسانن لاءِ راز نه رهيون آهن ۽ سائنس، طبيعات ۽ سماجي علمن، اهڙن بيشمار سوالن جا جواب مهيا ڪري ڏنا آهن، جن تي ماضيءَ ۾ گفتگو ڪرڻ ممڪن نه هيو. جيتوڻيڪ اڃا به ڪائنات ۽ مخلوقات جون بيشمار ڳجهارتون اهڙيون آهن، جيڪي اڃا تائين ڀڄي نه سگهيون آهن، تنهن هوندي به اڄ انسان جي هٿ ۾ سائنسي علمن جو اهڙو سرو موجود آهي، جنهن جي ذريعي مستقبل ۾ ڪائنات جي اندر ڪيترائي لڪل اسرار مٿس ظاهر ٿي ويندا. وقت، خلا ۽ روشنيءَ جي رفتار بابت جديد معلومات انسان لاءِ خلا جي پئمائش ۽ ڪائنات جي سفر جي امڪانن جو وسيع دروازو کولي ڇڏيو آهي. ڏورانهن ستارن کان ايندڙ روشنيءَ جو نوري سالن جي حساب سان زمين جي فضا تائين پهچڻ اهڙا انڪشاف آهن جيڪي انسان کي حيرت کان وڌيڪ هيءَ ڳالهه سوچڻ تي مجبور ڪري ٿا ڇڏين ته هيءَ لامحدود ۽ بي انتها وسيع ڪائنات، پنهنجي سمورن عملن ۾ حرڪت، طاقت ۽ ڪشش جي مقرر ڪيل ضابطن تي وار جيتري فرق کان سواءِ اهڙيءَ طرح قرار ورتل آهي، جو ان ۾ ڪوبه خلل نه ٿو پوي ۽ هر شيءِ اهڙيءَ ريت عمل ۾ اچي رهي آهي جو هڪ منصوبي ساز عظيم ترين طاقت شروع کان پڇاڙيءَ تائين ان ۾ ڪارفرما ڏسڻ ۾ اچي رهي آهي. ڇا هيءَ ڳالهه غور ۽ فڪرجي لائق نه آهي ته اربن ۽ کربن ستارن ۽ ڪهڪشائن جي هن ڪائنات ۾ هڪ ننڍڙي دنيا جي گولي جي تمام ننڍڙي مخلوق ”انسان“ هن لامحدود ڪائنات کي ڄاڻڻ، سمجهڻ ۽ حاصل ڪرڻ جي جاکوڙ ۾ رڌل ۽ پريشان آهي. انسان جهڙي حقير هستي ڇو ان شوق ۽ جوش ۾ ورتل آهي؟ ڇا انسان جي ان تجسس واري ذوق جي توجيهه ممڪن آهي؟ يقين سان ممڪن آهي. پر سندس شعور جي ان ارتقا ۾ ان طاقت ۽ هستيءَ جو سراغ ضرور ملي ٿو، جيڪا سندس تجسس واري ان ذوق جي محرڪ آهي. مطلب ته اسان ڪنهن به پاسي کان غور ڪريون، هڪ اعليٰ، اڪبر ۽ برتر طاقت کي مڃڻ کان سواءِ ڪوبه چارو ڪونهي. ان طاقت کي مڃي ئي هن ڪائنات جي تخليق، تشڪيل، تعمير، ارتقا ۽ عدم وجود جو ڇيڙو هٿ اچي ٿو. جيڪڏهن ان طاقت کي نه مڃجي ته پوءِ سموري ڪائنات بي معنيٰ ۽ وهم بڻجي ٿي پوي ۽ اها صورت ڪنهن به طرح فڪر جو سائنسي انداز نه آهي بلڪ عقل ۽ فڪر جي نفي ڪندڙ آهي. جڏهن هڪ اعليٰ، اڪبر ۽ مٿانهين طاقت جو مڃڻ نه رڳو لازمي ۽ منطقي بلڪ سائنسي اندازِ فڪر جي روشنيءَ ۾ يقيني آهي ته هيءَ ڳالهه به تسليم ڪرڻي پوندي ته هن ڪائنات جي تخليق ۽ ايتري وڏي قدرت جي ڪارخاني جو جاري ۽ قائم رهڻ پڻ بي مقصد نه ٿو ٿي سگهي. سائنس جڏهن اسان کي هي ٻڌايو آهي ته ڪائنات ڇا آهي ۽ هن ڪائنات جي تخليق ۽ ارتقا جو عمل قدرت جي ضابطن ۽ قانونن سان اڻ ٽٽ رشتن ۾ جڙيل آهي جنهن کي هڪ باقاعدي منصوبي سان عمل ۾ آندو وڃي ٿو، جنهن تي هڪ اعليٰ ۽ برتر طاقت جي ڪارفرمائي حاوي آهي، ته قدرت جي ضابطن ۽ قانونن جي دائري کان ڪائنات جو ڪوبه وجود، پوءِ ڪيترو به وڏو يا ڪيترو به ننڍو ڇو نه هجي، ٻاهر نٿو ٿي سگهي ۽ بي مقصد نه ٿو ٿي سگهي. هاڻي جيڪڏهن ڪنهن وجود کي ارتقا سان گڏ شعور به نصيب ٿيو آهي ته ان جو شعور به يقين سان ڪنهن نه ڪنهن ضابطي ۽ قانون سان لاڳاپيل هوندو ۽ ان جي شعوري ارتقا به هڪ مقصد رکندي هوندي. ڪائنات ڇا آهي؟ جڏهن هن سوال جو جواب اسان کي سائنس کان ملي ٿو وڃي ته لازمي طور تي هي سوال سامهون اچي ٿو ته ڪائنات ۽ ان ۾ موجود شيون ڇا لاءِ آهن؟ جهڙيءَ طرح ”ڪائنات ڇا آهي؟“ جي جواب کي ڇڏي نه ٿو سگهجي، اهڙيءَ طرح ”ڪائنات ڇا لاءِ آهي؟“ جي جواب کي به ڇڏي نه ٿو سگهجي. شايد اهو ئي نڪتو ۽ سوال آهي جنهن انسان کي روحانيت ڏانهن متوجه ڪيو آهي. بلڪ ”ڪائنات ڇا آهي؟“ کان وڌيڪ انسان لاءِ ”ڪائنات ۽ ان ۾ موجود شيون ۽ خود هي انسان ڇا لاءِ آهي؟“ جو سوال ڪوشش ۽ جاکوڙ جو سبب رهيو آهي. هن بي تابيءَ ئي کيس وڏين وڏين ڳجهارتن ۽ مغالطن تائين پهچايو آهي. انهيءَ ڪري جو حياتي، موت، پيدائش ۽ وفات جو منظر روزانو سندس اڳيان برپا ٿيندو رهندو آهي. تنهن ڪري ان جي پهرين بي تابي هيءَ آهي ته اهو سڀ ڇا لاءِ آهي؟ فلسفياڻي فڪر جو آغاز به ساڳي بي تابيءَ جي ڪري ٿيو هو جيڪو شروع کان وٺي ”ڇو؟“ جي چڪر ۾ پيو. سائنس فلسفياڻي فڪر جي ان چڪر کان گهڻي حد تائين نجات ڏياري آهي ۽ مابعدالطبيعات نالي جو ڪوبه کٽراڳ باقي ناهي رهيو. پر ”ڇا لاءِ“ جو جواب ته سائنس نه ٿي ڏي. تنهن ڪري ان جي جستجو اڄ به انسان لاءِ سڀ کان وڏو سواليه نشان آهي. روحانيت جي ذريعي ان سوال جو حل يا جواب ڳولڻ جي انسان مسلسل جاکوڙ ڪئي آهي. سائنسي موضوعن ۾ سڀ کان اهم موضوع توانائي آهي. توانائي ڇا آهي ۽ ان جا قاعدا ڪهڙي نوعيت جا آهن، ان جو ڪجهه اندازو سائنس ۽ طبيعات (Physics) جي روشنيءَ ۾ ڪيو ويو آهي. ليڪن توانائيءَ جو ماخذ، سرچشمو ۽ اصل ڇا آهي، ان تائين سائنس جي پهچ اڃا تائين نه ٿي سگهي آهي. روحانيت ماضيءَ ۾ مابعدالطبيعاتي نظرين ۽ فلسفياڻي ڏکيائين جو نشانو رهي آهي. هڪ تصوف رنڱيل فلسفو ان تي حاوي رهيو آهي، جنهن ان کي هميشه هڪ سربستو راز بنائي رکيو آهي. حالانڪ انسان جي حوالي سان روحانيت هڪ توانائي آهي، جنهن جو اظهار مختلف صورتن ۾ ٿيو ۽ ٿيندو رهيو آهي. هڪ اهڙي توانائي جنهن کي مافوق الفطرت سان تعبير ڪيو ويندو رهيو. انهيءَ ڪري جو مابعدالطبيعاتي علمن وٽ اِهو ئي جواب ممڪن هيو. پر حقيقت ۾ اهو ان توانائيءَ جو ئي هڪ ننڍڙو حصو يا عڪس آهي، جيڪو ڪائناتي توانائيءَ جو سرچشمو، ماخذ ۽ اصل آهي يا جنهن عمل سان توانائيءَ جون مختلف لهرون سج کان وٺي ان جي ڪرڻن تائين اوتجن ٿيون. هيءَ توانائي جتي ڪائنات جي مقصديت جي ڄاڻ ڏئي ٿي، اتي انسان جي وجود جي مقصد کي به واضح ڪري ٿي. روحانيت، ماديت جو ضد نه آهي، جيئن عام طور سمجهيو ويندو آهي. پر جهڙيءَ ريت ڪائنات جي ماديت توانائيءَ جي فيض مان ڦيرگهير ۽ ارتقا جي مرحلن مان گذري، اعليٰ ترين شڪلين تائين پهچي ويندي آهي ۽ آخر ۾ توانائيءَ ۾ تحليل ٿي ويندي آهي، اهڙي طرح انسان جي ماديت ۾ جڏهن روحانيت هڪ طاقت بڻجي نافذ ٿئي ٿي ته اهو انسان شعوري توانائيءَ جا بلند کان بلند مرحلا طئي ڪندو ويندو آهي ۽ پنهنجي زندگيءَ ۽ وجود کي بامقصد بنائي اصل توانائيءَ ڏانهن موٽڻ لڳندو آهي. پر انسان جو هي روحاني عمل شعوري ۽ اختياري هوندو آهي. جڏهن ته ٻي مخلوقات جو هي عمل طبعي ۽ غيراختياري هوندو آهي ۽ تنهن ڪري ماديت تائين محدود رهندو آهي ۽ روحانيت تائين ارتقا نه ڪري سگهندو آهي. انسان پنهنجي تجسس واري ذوق جي تڪميل شعوري ۽ اختياري طورتي ڪندو آيو آهي. انهيءَ شعور ۽ اختيار، سندس شخصيت ۽ انا جي تشڪيل ڪئي آهي، جيڪا ماديت کان وڌيڪ روحانيت ڀري آهي. جهڙيءَ طرح سائنسي ارتقا ۽ دريافت جو عمل ڪجهه اصولن، ضابطن، قدرن، نظرين ۽ قانونن جي دائري ۾ رهي عمل ۾ ايندو ۽ تڪميل تائين پهچندو آهي، اهڙيءَ ريت روحانيت واري شخصيت ۽ انا جي ارتقا ۽ تڪميل جو عمل به ڪجهه نظرين، قدرن، ضابطن، اصولن ۽ قانونن جو محتاج هوندو آهي. اسان جنهن ڪائنات ۽ جنهن سرزمين تي رهون ٿا، اُها ضابطن ۽ قدرن جي ڪائنات ۽ سرزمين آهي. انسان جي ذات به ضابطن ۽ قدرن کان الڳ نه ٿي ٿي سگهي ۽ جهڙيءَ طرح ڪائنات ۽ ان ۾ موجود شين جا ضابطا ۽ قدر ڪا نه ڪا ٿيوري (Theory) يا ڪو نظريو رکن ٿا، اهڙيءَ طرح انسان جي شخصي ضابطن ۽ قدرن جو بنياد به ڪنهن نظريي يا ٿيوريءَ تي ٻڌل آهي. هتي هڪ ڀيرو وري هيءَ حقيقت ذهن نشين رهڻ گهرجي ته روحانيت، ماديت جي متضاد نه آهي، پر ماديت جي ئي هڪ اعليٰ ۽ نفيس شڪل آهي، جيڪا توانائيءَ جي ماخذ سان پنهنجو رشتو سڌو سنئون ڳنڍي ٿي. روحانيت جو فرقيوارانه مذهبي گروهه بندين سان ڪوبه تعلق نه آهي. اهو انسان ذات جي هر فرد جي شخصيت جي اظهار ۽ انا جي خصوصيتن جو معاملو آهي، جنهن کي قرآن جي ٻوليءَ ۾ ”اخلاص ۽ احسان“ چيو ويو آهي ۽ جنهن جي نتيجي ۾ هڪ اهڙي اجتماعيت وجود ۾ ايندي آهي، جيڪا سمورن امتيازن ۽ متڀيدن کان پاڪ هوندي آهي ۽ جنهن کي قرآن ”فاصبحتم بنعمته اخوانا“ ۽ ”ولقد ڪرمنا بني آدم“ جي جملن ۾ بيان ڪيو آهي. يعني ”توهان سمورا انسان درجي ۾ هڪ جهڙا ڀائر آهيو.“ ۽ ”هر هڪ آدم جو پٽ احترام ۽ عزت لائق آهي.“ انسان طبعي لحاظ کان حيوان جو ئي هڪ قسم آهي، پر روحانيت کيس ٻين حيوانن کان ممتاز بڻائي ٿي. هو هڪ فرد جي حيثيت سان ۽ معاشري جي حصي هجڻ جي حيثيت سان ڪجهه اهڙين خاصيتن جو مالڪ بڻجي ٿو وڃي، جيڪي خاصيتون ٻين حيوانن ۾ نه هونديون آهن ۽ جيڪي طبعي تقاضائن ۾ نه ٿيون اچن. ايتري تائين جو ماحول جي اثرن جو نتيجو به نه هونديون آهن. انسان جون اعليٰ فڪري ڪاوشون ۽ تجسس واري ذوق ۾ سندس بي حد محويت، جنهن جو اظهار ڪجهه فردن کان ٿيندو رهندو آهي، ان فرق جا پڌرا مثال آهن. انسان جي گڏيل سماجي رابطن ۾ جن اعليٰ احساسن جي ڪارفرمائي ٿيندي آهي، اهو به ان فرق جو هڪ ٻيو مثال آهي. گهڻو ڪري هڪ مفڪر، هڪ موجد ۽ هڪ محقق پنهنجي دور کان گهڻو اڳتي هليو ويندو آهي ۽ هڪ ادنيٰ ماڻهو ڪجهه سماجي رابطن جي تقدس خاطر بنا غرض جي پنهنجي جان ڏئي ڇڏيندو آهي. فرد ۽ جماعتون پنهنجي مشن جي تڪميل خاطر جانين ۽ اذيتن کان گذري ويندا آهن. انساني تاريخ ۾ مروج مذهبن جي مخالف فردن ۽ جماعتن پنهنجي دعوائن ۽ مشن خاطر جن خطرناڪ اذيتن کي ثابت قدميءَ سان برداشت ڪيو، عوام جي لعنت ملامت جو صبر ۽ سڪون سان نشانو بڻيا ۽ قتل گاهن ۾ پهچي اطمينان سان جانين جي قرباني ڏنائون، روحاني توانائيءَ جا اهڙا مثال آهن، جن کان انڪار نه ٿو ڪري سگهجي ۽ جن جي ڪا به توجيهه ممڪن نه آهي. ماضيءَ جي مفڪرن ۽ فلسفين لاءِ زندگي يعني حياتيءَ جو معاملو ڏاڍو پيچيده ۽ منجهيل رهيو آهي. زندگي ڇا آهي؟ ان جي شروعات ڪيئن ٿي؟ ان جو مقصد ڇا آهي؟ موت جيڪا زندگيءَ جي پڄاڻي آهي اهو خود ڇا آهي؟ ڇا جيئڻ ۽ مرڻ هڪ بي فائدي ۽ بي مقصد تسلسل کان سواءِ ڪجهه ناهي؟ اهي اهڙا سوال آهن، جن ۾ انساني فڪر پهرئين ڏينهن کان ئي غلطان ۽ پريشان رهندو آيو آهي. زندگيءَ بابت فلسفياڻي سوچ گهڻو ڪري اها ئي رهي آهي، جنهن کي اردوءَ جي مشهور شاعر چڪبست هن شعر ۾ بيان ڪيو آهي: زندگی کیا ہے، عناصر کا ظہور ترتیب موت کیا ہے، انہیں اجزاء کا پریشان ہونا حقيقت هيءَ آهي ته رڳو زندگي ئي نه پر ڪائنات جي هر هڪ شيءِ عنصرن جي ترتيبي عمل جو ڪرشمو آهي. سوال هتي زندگيءَ جي منفرد شعوري شڪل جو آهي ته اها ڪٿان ۽ ڪيئن ظاهر ٿي ۽ ڇا موت ان جي آخري منزل آهي؟ اڄ هي سوال بلڪل ڪري سگهجي ٿو ته زندگيءَ جي سائنس ڇا آهي؟ علم حياتيات (Biology) ان سوال جي ئي کوجنا آهي. علم حياتيات، اڄ ايتري ترقي ڪري ورتي آهي جو انتهائي ننڍڙين حياتياتي شين، وائرس (Virus) ۽ بيڪٽيريا (Bacteria) کان وٺي انتهائي وڏن حيوانن ۽ وڻن تائين جي حياتياتي مخلوق جي ترڪيبي ۽ تشڪيلي عنصرن تي روشني وجهي سگهي. پر حياتيءَ جي ڪيميڪلز (Chemichals) جو تجزيو، تجربي ۽ تلاش کي اهڙ ي هنڌ وٺي ويو آهي، جتي خوردبين مان به نظر نه ايندڙ تشڪيلي جزا وڌيڪ تجزيي ۾ اڃا نه اچي سگهيا آهن. تڏهن به جيڪا حقيقت انهن تجربن مان ظاهر ٿي آهي، ان مان پتو پوي ٿو ته ڪيميائي جزن جا ننڍي کان ننڍا ذرڙا پنهنجي ساخت جو هڪ مڪمل نظام رکن ٿا ۽ توانائيءَ سان ڀرپور آهن. ماليڪيول جيوگهرڙن (Geans) جهڙن انتهائي ننڍڙن حياتيءَ جي جوڙجڪ وارن جزن ۾ جيڪو ڪردار ادا ڪن ٿا، اهو مڪمل ڪارڪردگيءَ وارو هوندو آهي. ايتري تائين جو جيوگهڙرن جي ذريعي حياتياتي انواع ۾ نوعي، نسلي، موروثي خصوصيتن جي منتقليءَ جي عمل تائين جاري رهندو آهي. ايتري پيچيده ۽ طويل عمل ۾ هر مرحلي تي مقصديت لڳاتار ڪم ڪري رهي هوندي آهي. اها مقصديت جيڪا هر هڪ جزي ۾ ڪم ڪري رهي آهي، سا ”ڪُل“ ۾ به ڪارفرما آهي. تنهن ڪري جيوت کي بي مقصد قرار نه ٿو ڏئي سگهجي ۽ نه ان سموري عمل کي هڪ قادر مطلق جي عمل دخل کان آزاد ڪري سگهجي ٿو. ڪائنات ۽ زندگي هڪ مقصد ڏانهن وڌي رهيا آهن ۽ انهن جو اهو سفر هڪ ڪامل قدرت جي ذريعي مرحلن مان گذرندي جاري آهي. اها سوچ انساني فڪر ۽ شعور جي فطري تقاضا آهي، ان تقاضا کي نظرانداز ڪرڻ سموري معاملي کي نه حل ٿيندڙ پيچيدگين ۾ وجهي ڇڏي ٿو. ان سوچ کان سواءِ زندگي ۽ ڪائنات ٻئي هڪ کٽراڳ بنجيو پون ٿا ۽ انسان جو فڪر ۽ نظر ڪائناتي نه ٿي رهي، بلڪ گم ٿيل ڪائنات بڻجيو پوي ٿي. فڪر جي سائنسي انداز جي تقاضا هيءَ آهي ته اسان جيڪڏهن ڪنهن حقيقت کي پهرين نظر سان ڄاڻڻ ۽ سمجهڻ کان معذور آهيون ته هڪ مفروضو متعين ڪري ان حقيقت تائين پهچڻ جي ڪوشش ڪرڻ گهرجي، نه ڪي ان جو مورڳو انڪار ڪيو وڃي. فڪر جي سائنسي انداز ۾ انڪار جي گنجائش ئي ڪونهي. قرآن حڪيم، هڪ الله تي ايمان آڻڻ لاءِ ڪائنات جو، موجودات جو، مخلوقات جو، حيوانات جو ۽ انسان ذات جو حوالو استعمال ڪيو آهي. ڪائنات ۾، زمين ۽ آسمانن ۾ جيڪا چرپر ۽ عمل برپا رهي ٿو، تنهن جو حوالو ڏنو آهي. زلزلن، طوفانن ۽ اهڙين ٻين خوفناڪ تبديلين ڏانهن اشارو ڏنو آهي. حياتيءَ ۽ موت جي نيرنگين کي حوالو بڻايو آهي. مطلب ته قرآن حڪيم، الله تي ايمان آڻڻ لاءِ ڪنهن به جاءِ تي جامد عقيدي پرستي، خيالي ۽ ديومالائي ڳالهين کي بنياد نه بڻايو آهي. ڪائنات ۽ ان ۾ واقع انسان سميت سموري موجودات جا حوالا هڪ الله تي ايمان آڻڻ لاءِ قرآن حڪيم جاءِ بجاءِ استعمال ڪيا آهن. ڪٿي سرسري طور ۽ ڪٿي تفصيلي طور تي. ڪٿي مروج علمي سطح جي طور تي، ته ڪٿي عام انسانن جي احساسن ۽ مشاهدن جي طور تي ۽ وري ڪٿي اونهين حقيقتن ڏانهن اشاري جي طور تي. قرآن ان لاءِ ننڍي يا وڏي مخلوق جي ذڪر ۽ حوالي جي وچ ۾ فرق ۽ امتياز نه رکيو آهي. الله تي ايمان آڻڻ لاءِ جتي خلا ۽ ان جي سيارن ۽ زمين تي آباد وڏي وڏي مخلوقات جو ذڪر قرآن ڪيو آهي، اتي هن ان مقصد لاءِ مڇر ۽ ان کان به گهٽ ۽ حقير مخلوق جي ذڪر کي به نظرانداز نه ڪيو آهي. ان ڪري ته تخليقي بنيادن تي سموريون تخليقون هڪ جهڙن جوهرن ۽ هڪ ئي قدرت جي هٿ جي وجود سببان آهن. اڄ طبيعاتي سائنس جي تجربن، مشاهدن ۽ تجزين هيءُ واضح ڪري ڇڏيو آهي ته سموري موجودات ۽ مخلوقات جا تخليقي جوهر هڪ ڪرا ۽ قدرت جي قانونن جي هڪ ئي لڙيءَ جو سلسلو آهن. قرآن جو هي اعجاز ڪيڏو نه حيرت انگيز آهي جو اڄ کان چوڏهن سو سال اڳ جڏهن ان الله تي ايمان آڻڻ لاءِ ڪائنات جو حوالو استعمال ڪيو ته ان جي وڏي کان وڏي شيءِ سان گڏ ننڍي کان ننڍي شيءِ جو حوالو ڏيڻ ۾ هٻڪ نه ڪئي ته جيئن ماڻهو حقيقت تائين پهچڻ لاءِ ادنيٰ ۽ اعليٰ جي فرق ۾ نه پوي. حالانڪ قرآن طبيعات يا ڪنهن فني علم جو ڪتاب نه آهي. بلڪه فقط هدايت (رهنمائي) جو ڪتاب آهي ۽ انسان جي انفرادي ۽ سماجي زندگيءَ تي شروع کان آخر تائين بحث ڪري ٿو پر کيس ڪائناتي حقيقتن کان بي متعلق، بي خبر ۽ اوپرو به نه ٿو ڏسڻ چاهي. تنهن ڪري وري وري ڪائنات ۽ انسان جي متعلق دليل ۽ شاهديون سندس آڏو آڻي ٿو ته جيئن انسان کليل اکين سان الله تي ايمان آڻي ۽ ڪنهن وهم پرستيءَ ۽ جامد عقيدي جو شڪار نه بڻجي وڃي. قرآن جو سمورو اسلوب ۽ انداز بيان عقلي ۽ سائنسي آهي. يعني سماجي سائنس ان جي بيان جي هر حصي مان نمايان آهي. اڄ سماجي سائنس (Social Science) هڪ باقاعدي علم آهي، پر چوڏهن سؤ سال اڳ واري دنيا ته روحاني خرافاتن ۽ نسلي امتيازن واري دنيا هئي، جنهن ۾ هڪ يا ڪجهه فردن، ذاتين ۽ قبيلن جو دٻدٻو حاوي هيو. قرآن ان وقت عوام جي حوالي سان مختلف معاشرتي ۽ فڪري پهلوئن تي ڳالهائڻ جي نه فقط هڪ سلسلي جو آغاز ڪيو بلڪ ان تي جاءِ بجاءِ زور به ڏنو. ”انسان، نفس واحد مان تخليق ورتي ۽ پوءِ آدم جي اولاد جي صورت ۾ روءِ زمين تي پکڙجي ويو.“ قرآن جو مجرد هي فڪر، انساني تاريخ ۾ پهريون انقلابي فڪر هيو، جنهن فرد ۽ اجتماعيت جي ڪردار ۽ رشتن جي تعين جو رستو کوليو. ”انسان لاءِ رڳو اهو ئي آهي جيڪو سندس محنت مان حاصل ٿيندو آهي.“ قرآن جو هي فرمان معيشت ۽ معاشرت جي صداقت ۽ اهميت جو اهو پهريون اعلان هيو، جيڪو انساني فڪر جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو سامهون آيو. ”زمين ۾ اها ئي (شيءِ) باقي رهندي آهي، جيڪا عوام الناس لاءِ فائديمند هوندي آهي.“ هي قرآن جو اهڙو ارشاد آهي، جنهن جي تصديق انسان ذات جي پوري تاريخ ڪئي آهي ۽ ڪندي رهندي. اهي قرآني فڪر جا ٻه ٽي مثال آهن. قرآن ۾ اهڙا سوين مثال ملندا جيڪي سماجي سائنس تي روشني وجهندڙ آهن. طبيعاتي سائنس (Physics) قرآن جو فڪري موضوع نه آهي، پر جتي به قرآن ۾ طبيعاتي جسمن ۽ اثرن جو ذڪر آيو آهي، اتي هڪ پاسي انسان ذات لاءِ انهن جسمن ۽ اثرن جي فائدي واري پهلوءَ جو ذڪر ڪيو آهي ته ٻئي پاسي اهڙا اشارا به ڏنا ويا آهن، جن مان انهن طبعي جسمن ۽ اثرن جي سائنسي حقيقت آشڪار ٿيڻ لڳي ٿي. ڪائنات جي تخليق جي سلسلي ۾ قرآن سڀ کان وڌيڪ ۽ پهريون زور تڪويني (مقرر ۽ ٺوس) ڳالهين تي ڏنو آهي. ارادو، منصوبو ۽ ايجاد جيڪي ”ڪُن“ جي عمل سان تحرڪ ۾ اچي جسمن ۽ شڪلين ۾ ظاهر ٿيڻ لڳن ٿا. هلندڙ دؤر جي طبيعاتي علمن، ڪائنات جي تخليق جي جن ابتدائي عنصرن ۽ عملن جو ذڪر ڪيو آهي، جيڪڏهن انهن جي چرپر ۽ ڦيرگهير جي عمل ۽ سگهه ۽ اوسر وٺڻ جو سرو ڪنهن ارادي، منصوبي ۽ ايجاد سان نه ڳنڍيو وڃي ۽ ان کي ڪنهن طاقتور ”ڪُن“ جو نقش اول نه سمجهيو وڃي ته ڪائنات بابت سائنس جي سموري تحقيقات اڌوري رهجي ٿي وڃي. قرآن جيئن ته هڪ عام ماڻهوءَ جي عقلي سطح کان وٺي بلند کان بلند مفڪر ۽ داناءَ جي عقلي سطح تائين جو لحاظ رکي پنهنجا دليل، شاهديون ۽ آيتون بيان ڪري ٿو، تنهن ڪري هر شيءِ ۽ هر ڳالهه انهيءَ ئي لحاظ ۽ مناسبت سان وري وري ذڪر ڪري ٿو ۽ انهن جي مختلف پاسن کي اجاگر ڪري ٿو. مقصد هر جاءِ تي هڪ ئي هوندو آهي، ته جهڙيءَ ريت هڪ عام ماڻهو رڳو پنهنجي عقل ۽ بصيرت مطابق هڪ الله تي ايمان آڻي اهڙيءَ ريت هڪ وڏو عالم، مفڪر ۽ داناءُ به پنهنجي فهم ۽ فراست جي معيار تي رب العالمين کي مڃي ۽ يقين ڪري. جتي ڪائنات، ان جون موجودات ۽ عام ۽ خاص مخلوقات جي ڄاڻڻ ۽ سمجهڻ لاءِ هڪ الله تي ايمان آڻڻ ضروري آهي، ڇاڪاڻ ته ان کان سواءِ ڪائنات فهميءَ جو سرو انسان جي هٿ ۾ نه ٿو اچي، اتي خود انسان کي پنهنجي ذات ۽ معاشري سان سندس ربط ۽ رشتن جي تعلق کي ڄاڻڻ، سمجهڻ ۽ انهن سان نڀائڻ لاءِ به هڪ الله تي ايمان آڻڻ ضروري آهي. جيڪڏهن هڪ ماڻهو خدا تي سچو ايمان نه ٿو رکي ته هو يا ته پنهنجي انا جي ڄار ۾ ڦاسي ويندو يا پنهنجي عزت نفس تان هٿ ڌوئي ويهندو. اهڙي طرح معاشري سان ان جو ربط ۽ تعلق حقيقي نه بلڪ مصلحت تي بيٺل هوندو. پوءِ ان جي نتيجي ۾ نه رڳو سندس شخصيت غيرمستحڪم ٿي ويندي بلڪ سماج به متحد ۽ طاقتور نه بڻجي سگهندو. قديم دور ۽ موجوده دور ۾ انهيءَ قسم جي ماڻهن ۽ معاشرن جا ڪيترائي مثال موجود آهن. (سنڌيڪار ثناءَ الله سومرو،) سنڌ فورم ڊسمبر 1998ع __________________ سنڌيڪا جي ٿورن سان
تمام بهترين ليک۔۔۔مون کي خاص طور تي هيٺين جملن ڏاڍو متاثر ڪيو آهي۔ هيءَ لامحدود ۽ بي انتها وسيع ڪائنات، پنهنجي سمورن عملن ۾ حرڪت، طاقت ۽ ڪشش جي مقرر ڪيل ضابطن تي وار جيتري فرق کان سواءِ اهڙيءَ طرح قرار ورتل آهي، جو ان ۾ ڪوبه خلل نه ٿو پوي ۽ هر شيءِ اهڙيءَ ريت عمل ۾ اچي رهي آهي جو هڪ منصوبي ساز عظيم ترين طاقت شروع کان پڇاڙيءَ تائين ان ۾ ڪارفرما ڏسڻ ۾ اچي رهي آهي. جڏهن هڪ اعليٰ، اڪبر ۽ مٿانهين طاقت جو مڃڻ نه رڳو لازمي ۽ منطقي بلڪ سائنسي اندازِ فڪر جي روشنيءَ ۾ يقيني آهي ته هيءَ ڳالهه به تسليم ڪرڻي پوندي ته هن ڪائنات جي تخليق ۽ ايتري وڏي قدرت جي ڪارخاني جو جاري ۽ قائم رهڻ پڻ بي مقصد نه ٿو ٿي سگهي. روحانيت، ماديت جو ضد نه آهي، جيئن عام طور سمجهيو ويندو آهي. پر جهڙيءَ ريت ڪائنات جي ماديت توانائيءَ جي فيض مان ڦيرگهير ۽ ارتقا جي مرحلن مان گذري، اعليٰ ترين شڪلين تائين پهچي ويندي آهي ۽ آخر ۾ توانائيءَ ۾ تحليل ٿي ويندي آهي، اهڙي طرح انسان جي ماديت ۾ جڏهن روحانيت هڪ طاقت بڻجي نافذ ٿئي ٿي ته اهو انسان شعوري توانائيءَ جا بلند کان بلند مرحلا طئي ڪندو ويندو آهي ۽ پنهنجي زندگيءَ ۽ وجود کي بامقصد بنائي اصل توانائيءَ ڏانهن موٽڻ لڳندو آهي. پر انسان جو هي روحاني عمل شعوري ۽ اختياري هوندو آهي. جڏهن ته ٻي مخلوقات جو هي عمل طبعي ۽ غيراختياري هوندو آهي ۽ تنهن ڪري ماديت تائين محدود رهندو آهي ۽ روحانيت تائين ارتقا نه ڪري سگهندو آهي. انسان طبعي لحاظ کان حيوان جو ئي هڪ قسم آهي، پر روحانيت کيس ٻين حيوانن کان ممتاز بڻائي ٿي. هو هڪ فرد جي حيثيت سان ۽ معاشري جي حصي هجڻ جي حيثيت سان ڪجهه اهڙين خاصيتن جو مالڪ بڻجي ٿو وڃي، جيڪي خاصيتون ٻين حيوانن ۾ نه هونديون آهن۔ علم حياتيات، اڄ ايتري ترقي ڪري ورتي آهي جو انتهائي ننڍڙين حياتياتي شين، وائرس (Virus) ۽ بيڪٽيريا (Bacteria) کان وٺي انتهائي وڏن حيوانن ۽ وڻن تائين جي حياتياتي مخلوق جي ترڪيبي ۽ تشڪيلي عنصرن تي روشني وجهي سگهي. پر حياتيءَ جي ڪيميڪلز (Chemichals) جو تجزيو، تجربي ۽ تلاش کي اهڙ ي هنڌ وٺي ويو آهي، جتي خوردبين مان به نظر نه ايندڙ تشڪيلي جزا وڌيڪ تجزيي ۾ اڃا نه اچي سگهيا آهن. تڏهن به جيڪا حقيقت انهن تجربن مان ظاهر ٿي آهي، ان مان پتو پوي ٿو ته ڪيميائي جزن جا ننڍي کان ننڍا ذرڙا پنهنجي ساخت جو هڪ مڪمل نظام رکن ٿا ۽ توانائيءَ سان ڀرپور آهن. قرآن جو سمورو اسلوب ۽ انداز بيان عقلي ۽ سائنسي آهي. يعني سماجي سائنس ان جي بيان جي هر حصي مان نمايان آهي. اڄ سماجي سائنس (Social Science) هڪ باقاعدي علم آهي، پر چوڏهن سؤ سال اڳ واري دنيا ته روحاني خرافاتن ۽ نسلي امتيازن واري دنيا هئي، جنهن ۾ هڪ يا ڪجهه فردن، ذاتين ۽ قبيلن جو دٻدٻو حاوي هيو. قرآن ان وقت عوام جي حوالي سان مختلف معاشرتي ۽ فڪري پهلوئن تي ڳالهائڻ جي نه فقط هڪ سلسلي جو آغاز ڪيو بلڪ ان تي جاءِ بجاءِ زور به ڏنو. قرآن جيئن ته هڪ عام ماڻهوءَ جي عقلي سطح کان وٺي بلند کان بلند مفڪر ۽ داناءَ جي عقلي سطح تائين جو لحاظ رکي پنهنجا دليل، شاهديون ۽ آيتون بيان ڪري ٿو، تنهن ڪري هر شيءِ ۽ هر ڳالهه انهيءَ ئي لحاظ ۽ مناسبت سان وري وري ذڪر ڪري ٿو ۽ انهن جي مختلف پاسن کي اجاگر ڪري ٿو. مقصد هر جاءِ تي هڪ ئي هوندو آهي، ته جهڙيءَ ريت هڪ عام ماڻهو رڳو پنهنجي عقل ۽ بصيرت مطابق هڪ الله تي ايمان آڻي اهڙيءَ ريت هڪ وڏو عالم، مفڪر ۽ داناءُ به پنهنجي فهم ۽ فراست جي معيار تي رب العالمين کي مڃي ۽ يقين ڪري.