پيپلز پارٽي جو سيد قائم علي شاهه ٽيون دفعو سنڌ جو وزير اعلى چونڊجي ويو آهي. سنڌ اسيمبلي ۾ سيد قائم علي شاهه 86 ووٽ کڻي قائد ايوان چونڊيو ويو. ايم ڪيو ايم جي سردار احمد 48 جڏهن ته فنڪشنل جي امتياز شيخ 18 ووٽ حاصل ڪيا. قائد ايوان جي چونڊ هٿ کڻي ڪئي وئي.
ان کان اڳ اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر جي به چونڊ ٿي جنهن ۾ آغا سراج دراني سنڌ اسيمبليءَ جو نئون اسپيڪر چونڊجي ويو، نثار کهڙي کانئس حلف ورتو. پي پي جي سراج دراني 87 ووٽ کنيا، ايم ڪيو ايم جي خواجه اظهار 48 ووٽ کنيا نواز ليگ جي عرفان الله مروت کي 18 ووٽ مليا. اهڙي طرح سنڌ اسيمبليءَ جي ڪاروائي سراج دراني حوالي ٿي وئي.
پاڪستان پيپلز پارٽي جي شهلا رضا 86 ووٽ کڻي هڪ دفعو ٻيهر سنڌ اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر چونڊجي وئي آهي. ايم ڪيو ايم جي هير سوهو 48 جڏهن ته فنڪشنل ليگ نصرت سحر عباسي صرف 18 ووٽ حاصل ڪيا. ووٽنگ دوران اها خبر پئي ته ڊپٽي اسپيڪر لاء شهلا رضا بجاء آغا سراج دراني جو نالو بيلٽ پيپر ۾ ڇپجي ويو آهي. ڪجهه دير لاء پولنگ روڪڻ کانپوء ٻيهر پولنگ شروع ٿي ۽ نتيجي اچڻ کانپوء اسپيڪر آغا سراج دراني شهلا رضا کان ڊپٽي اسپيڪر جو حلف کڻايو.