مولانا عبدالعزيزشيخ رح خليفه اول حضرت مولانا تاج محمود امروٽي رح ھي بزرگ آخوند محمد حيات جو ٻيو پٽ آھي ھي نھايت برگزيدھ انسان ھو جو ظاھري علم سان گڏوگڏ باطني فيض به حاصل ڪيائون ھي بزرگ ظاھري علم پنھواري ۾ حضرت مولانا عبدالقادر صاحب وٽ ڪيائون ۽ ان وقت حضرت مولانا تاج محمود امروٽي رح جن به تعليم حاصل ڪندا ھئا زماني جي صحبت ڪشش ڪئي ته کين باطني علم دامن گير ٿيو حضرت امروٽي رح جڏھن تعليم کان فارغ ٿي تدريس ۾ مشغول ٿيا ۽ ڪجھ عرصي بعد ھو بزرگ ڀرچونڊيءَ مان فيض حاصل ڪري امروٽ شريف آيا ته مولانا عبدالعزيز صاحب به سندن خدمت ۾ رھي فيض حاصل ڪرڻ لڳا ۽ جيستائين حضرت امروٽي رح زندھ ھوا تيسيتائين امروٽ شريف جي درگاھ ۾ رھندا ھوا بعد ۾ اچي پنھنجي ڳوٺ ٿريچاڻي کي آباد ڪيائون ۽ سندن باطني شاخون موجود آھن تن ۾ وڏو خليفو حاجي شفيع محمد پھوڙ جونگل وارو مشھور آھي حضرت مولانا نھايت جوشيلا ھئا دين ۽ شريعت خلاف سختي ڪندا ھئا ۽ برداشت نه ڪندا ھئاھڪ دفعي جو ذڪر آھي ته ھڪ مسافر رات جو اچي مھمان ٿيو سردي جي موسم ھئي پاڻ نماز کان فارغ ٿي آيا ۽ ان مھمان مسافر کي ڏٺائون ته باھ تي ويٺو آھي ۽ نماز ڪانھ پڙھي اٿس ان کي چيائون ته ادا اٿ نماز پڙھ ان ورندي ڏني ته ھائو پڙھان ٿو اول ماني ڏيو جو بک لڳي آھي تنھن تي سخت ناراض ٿي چوڻ لڳا ته اي ڪم بخت خدا جو فرض نٿو پڙھين ۽ ان جو رزق گھرين ٿو سو نڪري وڃ مون وٽ اھڙي بيدين لاءِ رزق ناھي ذرا ھو به ضدي ھو نماز پڙھڻ سوا ھليو ويو منھنجو والد صاحب نھايت رحمدل ھو ان ڳالھ کي برداشت نه ڪيو ته مسافر سردي ۾ تباھ ٿي وڃي بنده کي ساڻ ڪري تلاش ۾ نڪتاسين ته لوھر جي مڪان ۾ ويٺو ھو ان کي وٺي پنھنجي اسپتال جي ڪمري ۾ وھاري کيس ماني کارائي ھنڌ بسترو ڏئي کيس چيائون ته ادا نماز پڙھي پوءِ آرام ڪر پوءِ ان کي چيائون ته ادا توکي بزرگ ته سٺي ڳالھ چئي پوءِ تو انڪار ڇو ڪيو ان ڳالھ تي شرمسار ٿي اٿيو ۽ وضو ڪري نماز پڙھيائين بھرحال انھن جون ڪيتريون ئي ڳالھيون آھن مگر آ، ھتي مختصر ڪريان ٿو ته ھو نھايت مھمان نواز ھو ايتري قدر جو روھڙي کان ڪوبه مسافر ھلندو ھو ته ان کي رستي ۾ ڪاٿي ماني نه ملندي ھئي بلڪ ھر ھڪ ايئن چوندو ھو ته ادا ماني توکي ٿريچاڻي ۾ ملندي ھڪ روايت ۾ آھي ته ھڪ سندن خادمه مائي سھجان نالي قوم چاچڙ لڳ پنو عاقل جي ننگر ۾ رھندي ھئي نھايت ئي نيڪ بخت عورت ھئي ان مونکي ٻڌايو ته ھڪ رات تقريبا اڌ رات ھئي اچي مونکي اٿاريون ته اي مائي سھجان ڪو ماني ٽڪر آھي جو مھمان آيو آھي مائي صاحبه جواب ڏنو ته سائين ماني ته بلڪل ڪانھي پاڻ حڪم ڪيائون ته اٿ ماني پچائي وٺ مون عرض ڪيو ته حضرت اٽو به ڪونھي پاڻ چيائون ته مائي صاحبه تون اٽو پينھن مان اجھو باھ وغيرھ تيار ڪيان ٿو جيستائين مون اٽو پينھين تيار ڪيم تيستائين باھ ۽ تئو وغيرھ تيار ڪيائون پوءِ مان ماني جلدي ۾ تيار ڪري آڏو رکيم پوءِ اھا ماني کڻي پاڻ مسافر کي کارائي آياڪڏھن ايئن به ٿيو جو ھر ھڪ پنھنجي گھر سمھي رھيو پوءِ رات جو مسافر آيو ته پاڻ ٻين جي گھران کارن ھيٺيان رکيل ماني کڻي مسافر کي کارائندا ھئا گھر وارن کي اٿارڻ مناسب نه سمجھندا ھئاجڏھن گھر وارا ڏينھن جو اٿن ۽ کارن کي کوليندا ھئا ته ڏسن ته رکيل ماني آھي ئي ڪونھ پوءِ مايون ھڪ ٻئي کي چونديون ھيون ته ادي اھا ماني ڏاڏو کڻي ويو ھوندو پوءِ پڇڻ تي چوندا ھئا ته برابر مان ماني کڻي مسافرکي کارائي ھئي۽ اوھان کي اٿارڻ مناسب نه ٿي سمجھيم سندن علم ۽ تقويٰ جو جيترو ذڪر ڪجي اوترو ٿورو آھي نھايت برگزيده ۽ متقي ۽ اھل دل انسان ھئاسندن ڪرامت جھڙيون ڳالھيون ڪافي آھن ليڪن ان مان بطور نمونو ھڪ پيش ڪيان ٿو ته ھڪ وقت ھندن ۽ مسلمانن جو (پاڪستان ٺھڻ کان اڳ)فساد ٿيو تنھن ۾ سندن ھڪ مائٽ نالي ڌڻي بخش ھڪ ھندو کي ماري وڌو تنھن تي ھندن فرياد ڪئي ۽ پوليس جوابدار کي گرفتار ڪرڻ لاءِ ڳوٺ جو گھيرو ڪيوليڪن جوابدار اتان نڪري ويو انجي عيوض ۾ بزرگن کي پوليس ڪپتان چيو ته اسان تنھنجي گھر جي تلاشي وٺنداسين بزرگن فرمايو ته بيشڪ پوءِ پوليس حويلي ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي ته سندن پٽ مولوي محمد حسين ڪپتان کي چيو ته توھان اسان کي سرڪاري حڪم ڏيکاريو تنھن تي ڪپتان ناراض ٿي پوليس کي حڪم ڪيو ته بزرگ ۽ ان جي پٽ کي شھر نيڪالي ڏيو ۽ جلدي حويلي ۾ داخل ٿي تلاشي وٺوجڏھن بزرگن کي شھر نيڪالي جو حڪم مليو ته يڪدم پوليس بزرگن کي چيو ته شھر مان نڪري وڃو بزرگن فرمايو ته مان ڪو ھوائي جھاز ته ڪونه آھيان جو اڏري وڃان ريل جو ٽائيم ٿئي ته وڃون ٿابھرحال پاڻ شام جو سفر تي روانا ٿيا ۽ دين پور لٿا جتي سندن مرشد ڀائي حضرت مولانا غلام محمد دين پوري موجود ھئا ھيڏانھن اھا خبر سندن ڀائيٽي ڊاڪٽر محمد عمر صاحب کي پيئي ان وقت الله بخش سومري جي حڪومت ھئي ھو ڊاڪٽر صاحب جو دوست ھيو ان کي سڄي حقيقت بيان ڪيائين ان مھل آرڊر منسوخ ڪيو ڪجھ ڏينھن کانپوءِ مولانا صاحب واپس آيو ان جو ھندو ۽ مسلمانن گڏجي وڏو استقبال ڪيوڪجھ عرصي بعد ڪپتان آيو اچي بزرگن کي عرض ڪيائين ته مونکي معافي ڏيو وڏي گستاخي ڪئي اٿم سندس اک ٻڌل ھئي بزرگن پڇيس ته ھي ڇا آھي؟ چيائين ته اھا مونکي اوھان کي ايذائڻ جي سزا ملي آھي خدارا معاف ڪريوپاڻ فرمايونس ته الله تعاليٰ کان معافي وٺ جنھن جي ٻانھي کي ايذايو اٿئي سياست ۾ نھايت ڪانگريسي خيال جا ھئا جمعيت علماءِ ھند جا پڪا رضا ڪار ھئا خلافت ڪاميٽي ۾ سندن نھايت سھڻو ڪردار رھيو ۽ پنھنجي مرشد حضرت امروٽي رح وانگر انگريزن جا سخت دشمن ھيا ساري زندگي الله الله ڪري گذاري ويا انا لله وانا اليہ راجعون وفات وقت پويان چار فرزند ڇڏي ويا جن جا نالا شجري ۾ ڏنل آھن سندن وفات 21 شوال 1369هه مطابق 1950ع بروز آچر تي ٿئي سندن قبر مسجد جي پويان آھي ( ورتل قلمي ڪتاب حالات الشيخ تحرير: مولانا عبدالواحد شيخ ٿريچاڻوي)
هڪ بهترين انسان ۽ بزرگ هستي جو سهڻيون ۽ ڀليون ڳالهيون پڙهي خوشي ٿي ۔۔۔ ڪاش اسان سڀ انسان، انسانيت کي سمجهون ۽ پنهنجي رب جي فرضن جي ادائگي ڪندا رهون۔
تمام سٺي معلومات ۽ هڪ بزرگ جي ڄاڻ الله تعالي توهان کي وڌيڪ سنڌ جي عالمن جي سوانح حيات لکڻ جي توفيق عطا فرمائي۔