رحيم بخش
ايڊيٽر
فقير صفت شخصن جا ڪجهه قول
فضل ، فهم ، فڪر ۽ فضيلت سان فــتح ٿيـندي ۽ فـيض ملندو
ترتيب ، تحقيق ، توفيق ،تصديق ۽ تـسلـيم سان حق حاصل ٿيندو.
خـــوف ، خامــــوشـــي ، خـــضوع ۽ خــشـــوع ســان خالق ملندو.
جان رحمان سان رکجي ، زبان جهان سان رکجي .
روح جـــي رفـــتــــار رب ســــتــــار ســـان رکـجي
زبــــان جــــي گــــفــــتــار ســنــســـار سان رکجي .
دل جـــو ڌيـــان ڌڻـــيء مــهــربـــان سـان رکجي ،
زبــــان جـــو بــيان ســڄـي جـهـان سـان رکـجـي ،
ائــيــن ڪـــــبــو تـــه حـــق حـــاصــل ٿـيـنـدو.
عـــلـــم مــــان عـــقـــــل جــي تــرقي ٿـيـنـدي ،
عــقــل مــان ديــن ۽ دولــت جــي تـرقي ٿيندي ،
ديـــن ۽ دولـــت مــان عــزت جــي تـرقي ٿيندي ،
عـــــزت مـــان نــيــڪــي جـي تـرقـي ٿــيـنـدي ،
نـيـڪـيء مــان زنــدگـــيء جـــي تــرقـي ٿيندي .