• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

پراسرار بريف ڪيس

  • موضوع موڪليندڙ موضوع موڪليندڙ مست
  • شروعاتي تاريخ شروعاتي تاريخ

مست

سينيئر رڪن
شاديءَ جي سامان ۾ ڇوڪريءَ کي سندس ماءُ هڪ بريف ڪيس به ڏنو، ان بريف ڪيس جي باري ۾ ڇوڪريءَ پنهنجي مڙس کي پارت ڪئي ته هن کي منهنجي اجازت کان بغير نه کولجان۔۔۔
ڏينهن گذرندا ويا، 8 سال ٿي ويا، ڇوڪري موت جي بستر تي اچي وئي، جڏهن مڙس کي آخري وصيتون ڪرڻ لڳي ته مڙس کيس ان بريف ڪيس جي باري ۾ ياد ڏياريو۔
زال جي چوڻ تي مڙس اهو بريف ڪيس کڻي سندس سامهون کوليو، بريف ڪيس ۾ ٻه سهڻيون هٿ جون ٺهيل گڏيون ۽ پورا هڪ لک رپيا پيل هئا، مڙس کي خوشگوار حيرت ٿي۔۔
مڙس تجسس جي خاطر گهرواريءَ کان پڇيو ته تون ايترا سال مون کي هي بريف ڪيس کولڻ ڇو نه ڏنو،
زال وراڻيو: جڏهن مان شادي ڪري تنهنجي گهر اچي رهي هئس ته امڙ مون کي هن بريف ڪيس سان سٺي زندگي گذارڻ لاءِ هڪ بهترين مشورو ڏنو هو، جنهن سبب اسان جي 8 سالن جي زندگي سٺي گذري،
مڙس: ها پر ۔۔ هي بريف ڪيس۔۔۔
زال: ها ! منهنجي امڙ چيو ته جڏهن به توکي مڙس جي ڪنهن ڳالهه تي ڪاوڙ اچي ته تون هڪ گڏي ٺاهي پنهنجي ڪاوڙ ٿڌي ڪجان۔۔
مڙس اهو ٻڌي ڏاڍو خوش ٿيو (ڇو ته سڄي زندگيءَ ۾ سندس زال اهي ٻه گڏيون ئي ٺاهي سگهي هئي)
مڙس: پر هي لک رپيا۔۔۔ ؟
زال: تنهنجي ڪاوڙ ۾ مون جيتريون گڏيون ٺاهيون هيون، انهن کي وڪڻي وۡڪڻي اهي لک رپيا مليا ۔۔۔
 
Back
Top