سجاد علي سومرو
سينيئر رڪن
سنڌ ڌرتي جي ننڍڙي شهر شهدادڪوٽ سان تعلق رکندڙ عظيم شاعر جي قلم سان لکيل هڪ بهترين نعت۔۔۔۔
جو پاڪ نبي جو شان ٿيو، تنهن شان جي مٽ ڪو شان نه آ،
هي پاڪ نبي جو شان ته ڏس، ڇا قدر داني قدرت ٿي ڪري،
هت پئي ٿي قضا ڀي ڪنڌ ڍاري هت قدم ڀوسي قسمت ٿي ڪري،
هت ملڪ الموت ٿو مستي مٽي، هتي جھنگ جي بلا بعيت ٿي ڪري،
هت دوزخ ٿو دامن کي جھلي، هت جان فدا جنت ٿي ڪري،
ڪا چيزَ اُها چئه آ ڪهڙي، جا نبي مٿان قربان نه آ،

هت برڪت جا بادل ٿا ملن، هت نُور جي ٿي برسات پوي،
هت قرب اندر ڪعبو ٿو ملي، هت عشق م ٿي عرفات ملي،
هت فڪر منجهان ٿو فيض ملي، هت ذات سواءِ ٿي ڏات ملي،
هت رات منجھان ٿو ڏينهن ملي، هت ڏينهن منجھان ٿي رات ملي،
ٿئي چنڊ اڌو اڌ آڱر سان، ڇا هوش اڃا هيران نه آ،

آ پهتو محمد مير اُتي جتِ ذهن بشر بيوس ٿي پيو،
برُاقي سفر بيوس ٿي پيو، عيسى جو اثر بيوس ٿي پيو،
موسى جو گذر بيوس ٿي پيو، جبرائيل جو پر بيوس ٿي پيو،
جت ارڙهن سال ٿي رات رهي، سامان سحر بيوس ٿي پيو،
ٻيو مرسل جان معراج ڪري، ٿيو مولا جو مهمان نه آ،

جنهن وقت ويا معراج فضا، خاموش هوا هوڪو نه ڪيو،
هر چيز تي قادر قدرت سان ڪيڏو ته هيو قبضو نه ڪيو،
جو جاٿي رهيو سو تاٿي رهيو، ڪنهن بدن چري بلوو نه ڪيو،
آ پردي نشين رب پاڪ مگر رب پاڪ هتي پردو نه ڪيو،
ديدار ٿيو پردي کانسواءِ، هي راز ڪوئي آسان نه آ،

ٿي ها نه نبي جي دنيا جو، آغاز هجي ها بندش ۾،
بوتو نه ٺهي ها آدم جو، انداز هجي ها بندش ۾،
روحن کي رسي الهام نه ها، آوز هجي ها بندش ۾،
ڪنهن پکي جي اڏام نه ٿي ها، پراز هجي ها بندش ۾،
سڀ ڪجھ ٿيو محمد جي صدقي، ٻيو شامل ڪو انسان نه آ،

هو مرسل جي آمد کان اڳي ڇا ظلم روا ٿي پوندا ها،
هر روز هزارين فتنا ۽ تقرار بپا ٿي پوندا ها،
ڪي جهل جا مرڪز بڻبا ها، ڪي بحر خطا ٿي پوندا ها،
ان وقت ۾ ابن آدم جا، پٿر به خدا ٿي پوندا ها،
جو نبي مليو الله مليو، هي ڪيڏو عجب احسان نه آ،

جهوني ٿي اسان جي عملن جي آخرڪار عمارت آ،
جو ساڻ آهن اعمال چڱا، پو موت به هڪري مصيبت آ،
ٻيو روز قيامت آ ڪهڙو، هي قبر ئي پهرين قيامت آ،
اميد نبيءَ ري خاطر جي، نڪي محنت آ نڪي ملڪيت آ،
بس سيد سوا “پيرل قمبر“ ٻيو دارون ڪوئي درمان نه آ،